عرب جديد ملڪن  ۾موسمي تبديلي زندگيءَ  بيھاري ڇڏي

گڏيل عرب امارات ۾ ھن وقت برسات رڪجي وئي آھي.موسمي الرٽ بھ ختم ٿي ويو آھي.رستن تان پاڻي جي نيڪالي جو عمل تيزي سان جاري آھي.ھوائي اڏن ۽ رن ويز جي صفائي ٿي رھي آھي.12 کان 24 ڪلاڪن ۾ زندگي بحال ٿي ويندي.

اھو تھ ھئي ھڪ جديد طرز جي گھڻ وسلين واري ۽ ذميوار رياست ،جنھن ٿوري ئي وقت ۾ پاڻ سنڀالي ورتو، پر اھو سڀ ڪجهھ پاڪستان جھڙي رياست ۾ ٿئي ٿو تھ ان جو اثر غريب ماڻھن کي ورھين تائين ڀوڳڻو ٿو پئي.

برسات جو اھو سسٽم عرب ملڪن کان ٿيندو پاڪستان ۾ داخل ٿيو آھي، ڪٿي ڪٿي تھ ان سان گڏ ئي داخل ٿيو ،جنھن ۾ خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان شامل آھن،جتي وڏو نقصان ٿي رھيو آھي.

دنيا ۾ موسمن  ۾ آيل ڦيري پنھنجا ڀيانڪ اثر ڏيکارڻ شروع ڪيا آھن،جنھن جا اشارا ڏھاڪو کن سالن کان ظاھر ٿي  رھيا آھن،بي مندائتي برسات، وقت کان اڳ يا پوءِ يعني مقرر مدي کان اڳتي پوئتي ٿيڻ سان ايندڙ موسمون بھار،اونھارو،سيارو ۽ سرءُ، نھ رڳو فصلن تي پر سموري سماجي زندگيءَ تي اثر وجھي رھيون  آھن.

دنيا ۾ گرمي جو درجو وڌي ويو آھي،ماحولياتي توازن بگڙي ويو آھي.تازو نار  ملڪن ،دبئي سميت گڏيل عرب امارات جي ننڍن وڏن شهرن ۾ طوفاني برسات زندگيءَ جو ڦيٿو نھ رڳو ابتو ڦيرائي ڇڏيو بلڪھ رواجي زندگيءَ کي جام ڪري ڇڏيو.

دنيا جي مصروف ترين دبئي ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشن رڪجي ويو، سوين هوائي جھاز بيهي رھيا،مسافرن کي دبئي ۽ ان جي آسپاس ۾ رھڻ لاءِ ھوٽلون نھ ملي سگھيون.جيتوڻيڪ اتي ڪنھن وڏي جاني نقصان کان تھ بچاءَ ٿي ويو پر باقي غيرمعمولي نقصان ٿيو.اھو سڀ ڪجهھ انھن جديد نوعيت جي شھرن ۾ رھندڙ ماڻھن لاءِ نئون ھو.جنھن جو شايد کين ڪو اندازو بھ نھ ھو. عرب امارات جي پاڙيسري ملڪ عمان ۾ برسات ۾ 20 کن انسان فوت ٿي ويا.اتي مستقبل ۾ وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي عرب امارات ۾ خميس تي برسات گذريل 75 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. “خاتم الشڪله“ علائقي ۾ 24 ڪلاڪن کان به گهٽ عرصي ۾ 254.8 ملي ميٽر (9.7 انچ) برسات پئي.جڏھن تھ عرب امارات ۾ سالياني سراسري برسات 140 کان 200 ملي ميٽر پوندي آهي.جنھن  جو مطلب تھ ھڪ ڏينھن ۾ سڄي سال ۾ پوندڙ برسات جيتري برسات پئجي وئي.ٿوري وقت ۾ايڏي برسات ۽ ان بعد پيدا ٿيندڙ صورتحال تي سوشل ميڊيا تي  بحث جاري آھن. ڪن جو خيال آھي تھ اھو موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جو ڪمال آھي. ڪي وري انسان جي فطرت سان ڪيل ھٿ چراند کي ان جو ذميوار قرار ڏين پيا.

ويجھڙائي ۾ ‘جيو انجنيئرنگ’ جو اصطلاح  پڻ بحث ۾ آيو آھي.ماھرن  مطابق  ‘اهو واضح ٿي ويو آهي ته اسان موسمياتي تبديلين ۽ ان جي اثرن کي تيزيءَ سان گهٽائي نه سگهنداسين ، ڪاربن جي اخراج ۾ تيزي سان گهٽتائي ڪري نھ سگھنداسين، پر ڌرتيءَ جي گولي کي ٿڌو ڪرڻ جا طريقا ڳولي سگهون ٿا، ائين ڪرڻ سان اسان فوسل فيول کان جند ڇڏائڻ واري عمل لاءِ ٿورو وڌيڪ وقت حاصل ڪري سگهون ٿا.ماهر ان کي  ‘جيو انجنيئرنگ’ سڏيو آھي. ‘جيو انجينيئرنگ’  جديد دور ۾ ٽيڪنالوجي جو ھڪ اھڙو مجموعو آھي .جيڪو ماحول تي مثبت اثر پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ جزوي طور تي موسمي تبديلين جي ڪجهه اثرن کي ختم ڪري يا گهٽائي سگھي ٿو. آساني سان سمجھائيندي  پروفيسر ڊاڪٽر اطهر حسين  ٻڌائي ٿو تھ ”پنھنجي ماحول ۾ اھڙي تبديلي آڻجي جنھن جي مدد سان موسمن جي منفي اثر گھٽ ٿي سگھن.“

’جيو انجنيئرنگ‘ جا ٻه قسم آهن .ڊاڪٽر اطهر حسين  مطابق  پهريون آهي زميني ’جيوانجنيئرنگ‘ ۽ ٻيو آهي سولر يا شمسي، جيوانجنيئرنگ،پھرين ۾ زمين جي ھوا مان ڪاربان جي ڊاءِ آڪسائيڊ جي مقدار گھٽائڻ لاءِ گھڻا وڻ لڳائڻ آھي.ٻئي ۾ ڪڪرن جي روشني وڌائڻ آھي،جنھن سان سج جا ڪرڻا ان سان ٽڪرائيندا آھن ۽ زمين ان جي نقصان واري اثر کان بچي ٿي . بهرحال ماحولياتي سائنسدانن جو خيال آهي ته دنيا کي ڪاربان جي اخراج کي گهٽائڻ لاءِ رڳو ڪجھ ڏھاڪا آھن.جيڪڏھن اھو ان ۾ ڪجھه نھ ٿي سگھيو تھ پوءِ  ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ مٿي ايتري جمع ٿي ويندي جو عالمي گرمي پد ۾ وڌڻ کي روڪڻ ممڪن نھ رھندو.

ماحوليات جي ماهر داور حميد بٽ ،بي بي سي کي ٻڌايو ته جيو انجنيئرنگ  تي ڪم ٿي رهيو آهي،  پر وري ان جا زمين جي گولي تي ناڪاري اثر بھ ٿين پيا. ساڳئي وقت اھي وڏي سيڙپ جا ڪم آھن،غريب ملڪ نٿا پھچي سگھن.عرب ملڪن ۾ تازي برسات جي حوالي سان دوار بٽ جو چوڻ ھو   ”جيو انجنيئرنگ کان وڌيڪ ھتي ’ڪلائميٽ موڊيفڪيشن‘  يعني موسم کي مصنوعي طور تي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش جو معاملو آهي. هن چيو ته ”عرب ملڪن  ۾ گهڻو مينهن نٿو پوي ته پوءِ ڪلائوڊ سيڊنگ يا ڪڪرن تي لوڻ ھارڻ  جي ٽيڪنڪ استعمال ڪئي ويندي آهي،پر ڪلائوڊ سيڊنگ سان ڪڪرن کي مينهن وسائڻ جي قابل بڻائي سگهجي ٿو، پر انھن جي گھٽ وڌ وسڻ جي عمل تي ڪنٽرول نٿو ڪري سگھجي.“.

ڪلائوڊ سيڊنگ جو عمل عام طور تي  ڪڪرن ۾مناسب هوا، گم ۽ مٽي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيو ويندو آھي. گذريل سال ڊسمبر ۾ لاهور ۾ پڻ عرب امارات  جي مدد سان پاڪستان ۾ مصنوعي برسات وسائڻ جو تجربو ڪيو ويو هو.

دنيا ۾ ماحوليات تي ڪم ٿي رھيو آھي پر امير ملڪ جيڪي ان جي بگاڙ جا وڌيڪ ذميوار آھن، اھي سنجيدگيءَ جو مظاھرو ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھن.پر اھو سمجھڻ گھرجي تھ دنيا ئي ھن وقت واحد جاءِ آھي،جتي حياتي آھي، ان کي محفوظ نھ ڪري سگھڻ جو مطلب تھ اسان پنھنجي ھٿ چراند سان پاڻ لاءِ خطرا پئدا ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.