روڊ حادثن جو هاءِ وي بڻجي ويل انڊس هاءِ وي !

تحرير:ساگر سولنگي

ڏٺو وڃي ته دنيا جديديت جي ڏاڪن تي قدم رکندي ڏينهون ڏينهن ترقي جي منزلن طرف وڌي رهي آهي ، دنيا جا ملڪ رهواسين کي نئين دنيا ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن، انهن کي اها هر سهولت مهيا ڪئي پئي وڃي جيڪا انسان جي ضرورت آهي ،  سڌريل ملڪن جا روڊ رستا به من موهيندڙ سڪون ڏيندڙ آهن سنڌ جا روڊ رستا هن وقت موت جي ڪوڙڪي بڻيل آهي ، لاقانونيت هجڻ توڙي روڊ رستا جي تعمير صحيح نه ٿيڻ جي ڪري سنڌ جا روڊ نيشنل هاءِ وي ، سپر هاءِ وي ، توڙي انڊس هاءِ وي  سفر ڪندڙن جي لاءِ محفوظ ناهن رهيا، انهن روڊن تي حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن. روڊ حادثن ۾ وڏي انگ ۾ انساني جانيون ضايع پڻ ٿي رهيو آهن ، اهڙن روڊن مان ڄامشورو سيوهڻ انڊس هاءِ وي به هڪ آهي جيڪو وڏو عرصو اڳ خوني روڊ جي نالي سان به مشهور ٿيو هو جيڪو اڃان تائين ان خوني روڊ جي نالي سان ئي مشهور آهي ، ڄامشورو_ سيوهڻ انڊس هاءِ وي جيڪو سيوهڻ کان ڄامشورو تائين  150 ڪلوميٽر آهي هي روڊ 1995ع ۾ چائنا جي جائڪا بئنڪ جي فنڊ مان ٺهيو، جيڪو ڊبل روڊ ٺهڻو هو پر 1998 ع ۾ پاڪستان  ۾ ٿيل بم ڌماڪن سبب جائڪا بئنڪ فنڊ ڏيڻ بند ڪري ڇڏيا  ۽ هي روڊ سنگل روڊ ئي تعمير ٿي سگهيو، جڏهن کان آمري قاضي احمد پُل جو قيام پيو ته هن انڊس هاءِ وي روڊ تي ٽريفڪ وڌي وئي ، وڏيون وڏيون ڪوچون ٽرالر ، پنهنجو وقت ڪجهھ ليٽر پيٽرول ڊيزل بچائڻ جي لاءِ گاڏين جو منهن هن روڊ ڏانهن ڪيو ، جنهن جي ڪري انڊس هاءِ وي روڊ تي ٽريفڪ وڌي وئي ، هي روڊ مسافرن جي لاءِ ڄڻ ته موت جي ڪوڙڪي بڻجي ويو ، هن روڊ تي حادثا روز معمول بڻجي ويا آهن آمري قاضي احمد پُل جي تعمير ٿيڻ جي لڳ ڀڳ پنجن سالن ۾ هن روڊ تي هڪ اندازي مطابق ته 8 هزار انساني جانيون ضايع ٿيو هزارن جي تعداد ۾ عورتون معصوم ٻار مرد زخمي ٿيا ڪيترائي اپاهج بڻجي اڃان تائين بستري تي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن روڊ تي وڏو جاني نقصان ٿيڻ تي علائقي جي نوجوان توڙي سياسي سماجي اڳواڻن طرفان سيوهڻ ڄامشورو روڊ تحريڪ جو پليٽ فارم جوڙيون ۽ هن روڊ کي ڊبل ڪرڻ جي لاءِ وڏيون وڏيون تحريڪون هلايون ، جنهن کانپوءِ انسان دوست وڪيل سعد ميرجت لاڳاپيل انتظاميا خلاف عدالتن ۾ پٽيشنون داخل ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت هن روڊ کي ڊبل ڪرڻ جي لاءِ منظوري ڏني گذريل 7 سالن کان انڊس هاءِ وي روڊ کي ڊبل ڪرڻ وارو ڪم هلي پيو جيڪو اڃان تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي .

هن روڊ تي ٽريفڪ پوليس 24 ڪلاڪ موجود هجڻ جي باوجود به هيو ٽريفڪ بناروڊ پرمنٽ گاڏيون مسافر ڪوچون بنا ڪنهن قانون جي پوئواري ڪندي هلن پيو ۽ ٽريفڪ پوليس صرف چالانن جي مد ۾ پئسا اوڳاڙڻ  تائين محدود آهي روڊ تي روزانو حادثا ٿي رهيا آهن.

اسان رڳو پهرين جنوري 2024 کان هلندڙ مهيني جو ڪاٿو لڳايو ته صرف چئن مهينن ۾ 50 ماڻهو حادثي جو شڪار ٿي موت جي وادين ۾ هليا ويا آهن ۽ اڻ ڳڻيا زخمي پڻ ٿيا آهن حادثي ٿيڻ وقت عجيب ڪيفيت هوندي آهي  حادثي جا زخمي بي يارو مددگار مدد جي لاءِ پڪاريندا رهن ٿا، معصوم ٻار پنهنجي جيجل امڙ جي لاش مٿان روئيندي نظر اچن ٿا ، عورتون پنهنجي مڙس پٽ نياڻي مٿان  اڀ ڏاريندڙ رڙيون دانهون ڪندي نظر اچن ٿيون، ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ قيامت برپا ٿي هجي ، تازو ئي پيش آيل حادثي تي نظر وجهون ته لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ جي  ڊرائيور غفلت جو مظاهرو ڪندي مزدا کان اور ٽيڪ ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ مسافر ڪوچ آئيل ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي ۽ پٺيان کان ايندڙ مزدا جو ٻنهي گاڏين سان ٽڪر ٿي پيو اسان جڏهن اتي پهتاسون ته مسافرن جي حالت ڏسي اسان جا لنڱ ڪانڊرجي ويا ،

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.