پاڪ ايران ۽ سعودي عرب جا سفارتي لاڳاپا

تحرير: رياض ابڙو 

سعودي ۽ پاڪستان جا لاڳاپا ڏهاڪن کان هلندا پيا اچن ۽ ڪيترن ئي جيوپوليٽيڪل طوفانن کي منهن ڏئي چڪا آهن. يمن، ايران ۽ ڪشمير جي مسئلن تي لاڳاپا ڇڪتاڻ ۾ ايندا رهيا آهن، پر انهن اختلافن کي ٻه طرفي لاڳاپن ذريعي وڏي نقصان کان بغير سفارتي چينلز ذريعي حل ڪيو ويو آهي. اعليٰ سطحي دورن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڇڪتاڻ جي باوجود ٻه طرفا لاڳاپا بهتري تي آهن، اهو چوڻ ڏکيو آهي ته بند دروازن جي پويان ڪهڙي خاص ڳالهھ ٻولھه ڪئي ٿي وڃي.

پاڪستان ۽ سعودي عرب آمريڪا جي اڳواڻيءَ ۾ آمريڪي گروپ جا اهم ميمبر هيا، جيڪي افغان جهاد دوران سوويت يونين سان وڙهيا هيا. جڏهن ته 1996 ۾ ڪابل تي طالبان جي حڪومت تي قبضي کانپوءِ سعودي، پاڪستان ۽ امارات هئا جن افغان حڪومت کي تسليم ڪيو هيو. ان ڪري پاڪستان ۽ سعودي عرب سرڪار افغان صورتحال تي نظر رکي ٿي ته جيئن گڏيل حڪمت عملي جوڙي سگهجي.

حقيقت اها آهي ته ٻين مسلمان رياستن کي انهن اهم مسئلن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ گهرجي، جيڪي مسلم دنيا خاص ڪري فلسطين ۽ ڪشمير کي متاثر ڪن ٿا. حقيقت ۾ اڳوڻي پرڏيهي وزيرشاھ محمود قريشي به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هيو ۽ سعودي جي اڳواڻي ۾ او آءِ سي جي ڪشمير تي عربن تنقيد ڪئي هئي، جنهن سبب لاڳاپا خراب ٿي ويا هيا. معاملن کي هموار ڪرڻ ۾ مدد لاءِ ان وقت جي وزيراعظم ۽ آرمي چيف پاران سعوديءَ جا دورا ڪيا ويا هيا.

پاڪستان کي پنهنجي سفارتي ڪوششن کي جاري رکڻ گهرجي ته جيئن سڀني رياستن، خاص طور تي مسلمان بلاڪ ۽ خطي سان دوستاڻا لاڳاپا برقرار رکي سگهجن. جڏهن ته سعودي عرب هڪ روايتي ڀائيوار آهي، ايران هڪ پاڙيسري آهي ۽ پاڪستان سان ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپن جو حصيدار آهي. تنهن ڪري پاڪستان کي سعودي ۽ ايران جي وچ ۾ سفارتي پل تعمير ڪرڻ لاءِ پنهنجي صلاحيت جو بهترين استعمال ڪرڻ گهرجي. سعودي عرب به مسلم دنيا ۾ پنهنجي موقف کي نظر ۾ رکندي والاريل ڪشمير جي عوام تي ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز اٿارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل هوندا آهن، پر لاڳاپن ۾ تڏهن وڏي گهٽتائي اچي وئي هئي جڏهن پاڪستان يمن ۾ سعودي جي اڳواڻي ۾ جنگ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو هيو.

حقيقت ۾ سعودي هاڻي يمن جي جنگ مان پاڻ کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ان ڪري پاڪستان کي مسلم بلاڪ ۾ غير جانبدار رهڻ گهرجي ۽ مختلف جيوپوليٽيڪل ڪئمپن ۾ رياستن جي وچ ۾ پل ٺاهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. فرقيواريت ۽ علائقائي تڪرارن ۾ ڦاسڻ يقينن پاڪستان جي مفاد ۾ ناهي جيڪو اعليٰ حڪمرانن کي سمجهڻ گهرجي.

پاڪستان ڊگهي عرصي کان مسلم ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن ۾ توازن برقرار رکڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، جيتوڻيڪ ان جي مسلسل مالي ۽ سياسي مدد جي ڪري پاڪستان هميشه سعوديءَ ڏانهن جھڪاءُ رکيو آهي. پاڪستان ايران سان پنهنجي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي صلاحيت جو مظاهرو به ڪيو آهي، پر پاڪستان سعودي عرب ۽ آمريڪا جي مداخلتن ۽ ناراضگين جي ڪري پورو پورو فائدو ناهي وٺي سگهيو. اها اڳڪٿي ڪرڻ ڏکي آهي ته ڇا سعودي- ايراني لاڳاپن جي بحاليءَ سان سندن سياسي نظرياتي دشمني ختم ٿي ويندي؟ اهو تصور ڪرڻ به بلڪل سادو آهي ته ان سان پاڪستان ۾ فرقيوارايت واري ڇڪتاڻ ختم ٿي ويندي، جن کي ماضي ۾ سعودين ۽ ايرانين گهڻو ڪري هٿي ڏني هئي.

اسلامي ملڪ ان ترقي کي پاڪستان لاءِ گيم چينجر جي طور تي بيان ڪن ٿا. ان خيال جي بنياد تي ته وچ اوڀر ۾ ٻن دشمنن جي وچ ۾ معمول جي صورتحال ڪجهھ معاشي مشڪلاتن کي آسان بڻائي سگهندي؟ ان ڪري پاڪستان کي ٻنهي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي پاڪستان لاءِ گهڻو ڪجهھ تبديل نه ٿي ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته مسئلو ٻنهي ملڪن سان پنهنجي ٻه طرفي لاڳاپن ۾ آهي. وچ اوڀر ۽ چين کي عالمي ۽ علائقائي سياسي منظرنامي ۾ وڏي تبديلي جي طور تي پيش ڪيو آهي ۽ هڪ نئين پاور بلاڪ جي قيام جو اشارو پڻ ڏنو ويو آهي. ٻيا ان کي ڪوشش طور ڏسن ٿا ته جيئن انهن جي اسٽريٽجڪ، اقتصادي ۽ سياسي اختيارن کي بهتر بڻائي سگهجي. انهن جي عالمي سياسي تصوير کي تبديل ڪرڻ ۽ پاڪستان سميت روايتي اسٽريٽجڪ اتحادين تي انحصار گهٽائڻ (جيڪي مدد جي ضرورت جي صورت ۾ غيرجانبداري پوزيشن کي برقرار رکندا آهن). محمد بن سلمان جيڪو نظرياتي رياست جي جاري ڪيل دتبديليءَ جو معمار آهي، شايد اهو سبق تڏهن سکيو هوندو جڏهن پاڪستان يمن جنگ دوران غيرجانبدار رهڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر ايران بين الاقوامي دٻاءُ گهٽائڻ ۽ خليج رياستن سان اقتصادي تعاون وڌائڻ جا رستا پڻ ڳولي رهيو آهي، پر پاڪستان ۽ افغانستان سميت پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن کي وڌائڻ ۾ مسلسل رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جيڪو انهن کي مضبوط برآمداتي بنياد ٺاهڻ جي صلاحيت کي نقصان ٿو پهچائي.

ڪجھه تجزيانگارن جو خيال آهي ته سعودي پنهنجي سياسي ۽ سفارتي طاقت کي آزمائي رهيو هيو ۽ ايران سان سفارتي لاڳاپن جي بحالي ان حڪمت عملي جو حصو هيو. ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تازو لاڳاپا وچ اوڀر لاءِ ڪيترائي پُر اثر ٿي سگهن ٿا. اهو شايد ئي پاڪستان لاءِ اسٽريٽجڪ تبديلي آڻي سگهي. سعودين لاءِ دفاعي تعاون هڪ مسئلو رهيو آهي ۽ ايران لاءِ سرحد جي حفاظت ۽ دهشتگردي جون ڪارروايون پاڪستان سان ان جي ٻه طرفي لاڳاپن ۾ اهم رڪاوٽون آهن، جن جو هڪ جهڙو ۽ حقيقي تصور آهي. ايران جي باري ۾ چيو ويو آهي ته بلوچ باغي هاڻي پنهنجي سرزمين کي پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي خلاف آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.

پاڪستان ڊگهي عرصي کان مسلم ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن ۾ توازن برقرار رکڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، جيتوڻيڪ ان جي مسلسل مالي ۽ سياسي مدد جي ڪري پاڪستان هميشه سعوديءَ ڏانهن جھڪاءُ رکيو آهي. پاڪستان ايران سان پنهنجي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي صلاحيت جو مظاهرو به ڪيو آهي، پر پاڪستان سعودي عرب ۽ آمريڪا جي مداخلتن ۽ ناراضگين جي ڪري پورو پورو فائدو ناهي وٺي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.