هارين جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم، 1.8 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪنداسين: وزيراعظم

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ڪڻڪ جي خريداري تي اڳڀرائي ۽ بارداڻو حاصل ڪرڻ ۾ هارين کي پيش ڏکيائين جو نوٽيس وٺندي اعليٰ سطحي هنگامي اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ وفاقي وزيرن راڻا تنوير حسين، عطاءُ الله تارڙ ۽ لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي، شرڪت ڪندڙن کي ڪڻڪ جي خريداري جي حوالي سان اڳڀرائي تي تفصيلي طور آگاهه ڪيو ويو.
وزيراعظم سوال ڪيو ته ڪڻڪ جي خريداري لاءِ هارين کي بارداڻو حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون ڇو پيش اچي رهيون آهن؟ هارين کي انهن جي محنت جو معاوضو وقت سر پهچائينداسين، الله جي فضل ۽ ڪرم سان هيل ڪڻڪ جو بمپر فصل ٿيو آهي.
هن چيو ته هارين جي محنت کي ڪنهن جي غفلت جي ور چڙهڻ نه ڏيندس ۽ انهن جي معاشي تحفظ تي ڪنهن قسم جي سوديبازي قبول نه ڪندس.
وزيراعظم آفيسرن کي ڪڻڪ خريداري ۽ موقعي تي وڃي پاڻ نگراني جي هدايت ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت پاسڪو تحت 1.8 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪندي، جنهن جو مقصد هارين کي ڀرپور فائدو پهچائڻ آهي.
شهباز شريف ڪڻڪ خريداري جي حوالي سان هارين جي سهولت يقيني بڻائڻ ۽ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ قومي غذائي تحفظ واري وزارت جي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، جيڪا چئن ڏينهن ۾ هارين جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.