عشق مرشد جي ڪاميابي تي عمرو ادا ڪيو: علي گل ملاح

لاهور (ويب ڊيسڪ) مقبول ڊرامي عشق مرشد ۾ ”ڀلي“ جي ڊائلاگ سان شهرت جي بلندين تي پهتل اداڪار علي گل ملاح چيو آهي ته ڊرامي جي ڪاميابي کانپوءِ مان شڪر ادا ڪرڻ لاءِ عمرو ادا ڪرڻ ويس.
عشق مرشد جي آخري قسط 3 مئي تي سئنيمائن ۾ ڏيکاري وئي، هدايتڪار فاروق رند جي ڊرامي جي ڪهاڻي عبدالخالق خان لکي هئي، جڏهن ته ان ۾ بلال خان، درفشان سليم، علي گل ملاح ۽ ٻين شاندار اداڪاري ڪئي.
تازو ڊرامي جي آخري قسط جي لاهور ۾ ٿيندڙ پريميئر دوران علي گل ملاح صحافين سان ڳالهائيندي اعتراف ڪيو ته ڊرامي ۾ ڀلي جو ڊائلاگ هر هر چوڻ سان مون کي ٻاهرئين ملڪ به شهرت ملي.
هن انڪشاف ڪيو ته شروعاتي طور ڊرامي ۾ منهنجي ڪردار جا رڳو ٻه سين هئا پر پوءِ منهنجي ڪردار کي باضابطا طور ڊرامي جو حصو بڻايو ويو ۽ آخر تائين ڪردار ادا ڪندو رهيس.
سندس چوڻ هو ته عشق مرشد ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ مون کي عالمي شهرت ملي ۽ اها شهرت ۽ عزت ملڻ تي خدا جو شڪر ادا ڪرڻ لاءِ عمري تي ويس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.