پنجابي مزدور ، پنجابي دانشور

تحرير:محمد حنيف

فوجي جڏهن  پنهنجي ڊيوٽي لاءِ گهر مان ٻاهر نڪري ٿو، چاهي ڪنھن بھ سرحدي چوڪي تي هجي يا ملڪ جي اندر ڪنهن وڳوڙي علائقي ۾، ھن جي تربيت کيس  سيکاري ٿي تھ چوڪس رھجي. دشمن ڪنهن  وقت بھ وار  ڪري سگهي ٿو. نالائق ۽ سست پوليس وارو به جڏهن گشت تي نڪرندو آهي ته اکيون کولي  رکندو  آهي ته ڪنهن گهٽيءَ جي موڙ تي ڪنھن  چورچڪار سان منھن مقابل ٿي سگھي ٿو، پر جڏهن ڪو مزدور پنھنجو گهر ڇڏي ٿو تھ ھن کي رڳو اھا ڳڻتي ھوندي آھي تھ  مزدوري ملندي يانه ۽جيڪڏهن ملي تھ ڪيتري ملندي.

جيڪڏهن مزدوري جي لاءِ پنهنجو ڳوٺ، پنهنجو صوبو، پنهنجو وطن ڇڏي  وڃي رهيو ھوندو آھي ته اهو سوچيندو آهي ته مزدوري مان  ڪيترو بچائي پويان گھرڀاتين ڏانھن موڪليندو ۽ واپس اچي پنهنجي پيارن جي صورت  ڏسڻ  ڪڏھن نصيب ٿيندي.

منڊي بهاءُالدين مان پورهئي جو خواب ڏسندي، رمضان جي آخري ڏينهن ۾ بسن ۾ سمهندي جاڳندي نوشڪي وٽ پهچن ٿا  ته مبينھ طور بلوچ باغي سندن سڃاڻپ ڪارڊن مان ھنن جي پنجابيت  ثابت ڪري کين گوليون هڻي ماري ٿا ڇڏين جن پورهيت خاندانن مزدوري مان پئسا بچائي ڪري نوجوانن کي ڏورانهين ملڪن مزدوري لاءِ موڪليو ھو، انھن کي پنھنجي ٻارن جا لاش عيد تي ملن  ٿا.

نوشڪي ۾ بربريت جو نشانو بڻجندڙ منڊي بهاؤالدين جي نوجوانن  شايد نوشڪي ۽بلوچستان  زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو هوندو.نه ئي وري، بلوچستان ۾ بغاوت جون خبرون منڊي بهاءُ الدين تائين پهتيون ھونديون. انهن جي آخري پساھن  جي معصوم حيرانگي ،ڏکوئيندڙ آهي ڇو ته انهن سوچيو هوندو ته آخر  پنجابي هجڻ ڪڏهن کان قتل جوڳو ڏوھ بڻجي ويو ؟ جيڪڏھن بلوچستان جو مسئلو  پنجابي مزدورن کي قتل ڪرڻ سان حل ٿي سگھي ھا تھ هن وقت  تائين ڪجهھ بھتري اچي چڪي ھجي ھا، ڇاڪاڻ ته ھن کان اڳ استاد بھ ماريا ويا آھن، حجام بھ، نانوائي بھ ۽ مزدور وري مزدور۽ پوءِ مزدوري  جا خواب ڏسندڙ  بس ۾ اوگھندڙ نوجوان.

جيڪڏهن بلوچستان جو مسئلو  هزاره برادري جو قتل عام ڪري  حل ٿي سگھي ھا تھ اھي ايترا ٿي ويا آھن جو اھي پنھنجو کلندڙ کلندڙ  خوشين وارو ڪوئيٽا ڇڏي ھزاره جو نسل دنيا ۾ دربدر ٿي ويو.

پراڻي فيشن جا محب وطن ياد ڏياريندا رھندا آھن تھ جيڪڏهن ڪو شيعو قتل ٿئي، تھ اھو چئو تھ مسلمان قتل ٿيو، جيڪڏھن  ڪو بلوچ ٻار کنڀيو  وڃي ،ته چئو ته دهشتگر کڄي ويو آھي.عيسائين جي آبادي ساڙي وڃي ته چئو ته پاڪستاني مري ويا احمدي ماريو وڃي  ڪجھه بھ نھ چئو ۽ گهٽ ۾ گهٽ اهو نه چئو ته جانبحق ٿيو،( ان جي موت لاءِ عزت وارو لفظ پڻ ،نھ ڪتب آڻيو) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي منڊي بهاؤالدين جي  مزدورن  جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ ان سان گڏ  اهو به فرمايو پنجاب جا دانشور اڃان به دوکي ۾ آھن. سرفراز بگٽي ھاڻوڪي نگران حڪومت ۾ نوشڪي کان ويندي منڊي بهاءُ الدين ۽ ان کان اڳتي جيڪو بھ وزيرداخلا ھو. ھن جي پنھنجي ئي وزيراعظم لاهور جي يونيورسٽي ۾ ويھي شاگردن کي ٻڌائي ويو ھو تھ جيڪڏھن پنجابي آھيو، ته بلوچستان ۾ ماريا ويندا، شيعا ھوندا، ته ماريا ويندا. هن کان ڪو پڇڻ وارو نه هو ،ته جيڪڏهن توهان کي اهو سڀ اڳ ۾ ئي پتو آھي ،ته پوءِ توهان وزير اعظم جي حيثيت ۾ ڇا  ڪري رھيا آھيو ؟  رڳو اسان جي موت جي اڳڪٿي ؟

اڳوڻو نگران وزيراعظم ۽ سندس ساٿي ۽ هاڻي بلوچستان جو وڏو وزير ھڪڙي ئي مشن سان آيا آھن  تھ پنجابين جي غيرت جاڳايو، تھ اھي اھو چوڻ تي مجبور ٿين ،تھ انھن بلوچن کان اسان جي مزدور ٻارن جو بدلو چڪايو.

اها پڪ آهي ته وڏو وزير سرفراز بگٽي نه ڪڏھن پنجابي مزدور سان مليو آهي ۽ نه ئي ڪنهن پنجابي دانشور سان. فوجي ميسن ۾ ۽ ٻاھر رڳو ٻه ئي مستند پنجابي دانشور آھن.عالمي شھرت رکندڙ اداڪار ۽ ٽي وي  شخصيت سهيل احمد ۽ شهره آفاق ٽي وي پرسينلٽي آفتاب اقبال. اڄ ڪل  اهي پاڻ ۾ اهو فيصلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته اصلي  وڏو ڪير آھي.

سرفراز بگٽي، پنجابي دانشورن  کان بي فڪر رھي، ڇاڪاڻ  ته اهي، تھ آخر ۾ هٿ ٻڌي چئي ڇڏيندا، ته اسان جون دليون اسان جي پورهيت ڀائرن جي غم ۾ ٻڏل آهن، پر نوشڪي جي چيڪ پوسٽن تي ڊيوٽي ،تھ سهيل احمد۽ آفتاب اقبال نٿا ڪري سگهن. اها تھ ساڳيو فوجي مزدور ڏيندو، جيڪو پنهنجي ڊيوٽي لاءِ گهران نڪتو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.