لنڊن ۾ عورت تي ٿڪ اڇلڻ جي الزام هيٺ نواز شريف جي اڳوڻي محافظ مٿان فرد جرم لاڳو

لنڊن ( م ڊ ) لنڊن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي اڳوڻي محافظ فريد نموچي طرفان عورت تي ٿڪ هڻڻ جي الزام هيٺ مٿس فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. لنڊن جي ڪرائون پراسيڪيوشن تصديق ڪئي آهي ته  عورت جي شڪايت تي محافظ مٿان حملي جو الزام لڳايو ويو آهي.فريد نمچي ويسٽ منسٽر ڪورٽ ۾ پيش ٿيو پر مٿس الزام لڳائڻ واري عورت عدالت ۾ پيش نه ٿي. ٻئي طرف محافظ جي وڪيل معين خان چيو ته هو عدالت ۾ ثابت ڪندو ته فريد نموچي ڪنهن به قانون جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، هن چيو ته هو عدالت کي يقين ڏياريندو ته فريد نمچي اهڙي شخص کي بچائي رهيو هو جنهن جي جان کي خطرو هو، واضح رهي ته عورت تي ٿڪ اُڇلڻ جو واقعو گذريل سال ان وقت پيش آيو هو جڏهن نواز شريف آفيس کان ٻاهر وڃي رهيو هو ته گارڊ فريد نموچي عورت پنزائي چيما تي ٿڪ اُڇلڻ واري وڊيو به وائرل ٿي هئي.

  1. صنم جاويد ۽ عاليه حمزه کي مريم نواز جي حڪم تي جيل ۾ بند ڪيو ويو: ياسمين راشد

لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو آهي ته صنم جاويد ۽  عاليه حمزه ملڪ کي مريم نواز جي حڪم تي جيل ۾ بند ڪيو ويو آهي. دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيشي جي  موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ  اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته هڪ سال کان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن تي ظلم  ۽ زيادتين  ۾ ڪابه گهٽتائي ناهي آئي. هڪ سال کان سوين بي گناهه ڪارڪن جيلن ۾ قيد آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.