آصفه ڀٽو جي ڪاميابي خلاف داخل درخواست حيدآباد منتقل

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ اين اي 207 نواب شاههکان آصفه ڀٽو جي ڪاميابي خلاف داخل ٿيل درخواست حيدرآباد بئنچ منتقل ڪري ڇڏي آهي .سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ ۾ درخواست جي ٻڌڻي اڄ  ڪندي .تحريڪ انصاف جي اميدوار غلام مصطفيٰ رند آصفه ڀٽو جي ڪاميابي خلاف آئيني درخواست داخل ڪئي هئي.درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته پيپلزپارٽي جي مخالف سمورن اميدوارن جا ڪاغذ رد ڪري آصفه ڀٽو کي غير قانوني طور ڪامياب ڪرايو ويو.درخواستگذار غلام مصطفي رند چيو ته منهنجي ڳوٺ ۾ بجلي آهي ئي نه پر مون کي ڊفالٽر قرار ڏنو ويو. بجلي جو بل کڻڻ ويس ته پوليس گرفتار ڪري  ورتو. آصفه ڀٽو جي فتح کي ڪالعدم ڪري ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.