ميرپورماٿيلي ويجهو زمين جي مالڪي تان فائرنگ، ناري قتل

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: نصرالله گڏاڻي) ميرپورماٿيلي ويجهو ٻيلو ميرپور ٿاڻي جي حد ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب نوجوان ناري صغران ڌيءُ ٻيلو پتافي مارجي وئي، ڳوٺ خان محمد ڪولاچي جي ڀرسان ڪولاچي ۽ پتافي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن سبب هڪ ئي ڌر جا هڪ ناري قتل ۽ 4 ڄڻا نظير احمد پتافي، الهوڌايو پتافي، لياقت پتافي ۽ صالح محمد ڪولاچي زخمي ٿي پيا. جڏھن ته ٻي ڌر جا ٻھ ڄڻا ارسلان ڪولاچي ۽ شير محمد ڪولاچي زخمي ٿي پيا. اطلاع تي ٻيلو ميرپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي نياڻي ۽ زخمين کي کڻائي سول اسپتال ميرپورماٿيلو پهچايو جتي ضروري ڪارروائي بعد مقتوله ناري جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.