چڪ لڳ پينو فقير ڀاءُ سميت اغوا

لکي غلام شاهه (رپورٽ: نديم جان مهر) چڪ شهر جي ناڪي نمبر هڪ تي ويٺل گداگير فقير شاڪا ڪلهوڙو پنهنجي معصوم ڀاءُ سميت  ڪچي واري علائقي ۾ ڪڻڪ جي فصل ۾ هلندڙ ٿريشر تان اناج پنڻ لاءِ ڪچي ۾ ويل هو جتي نامعلوم هٿياربندن هنن کان موٽر سائيڪل ڦر ڪري ورتي، موٽر سائيڪل جي شڪايت ڪرڻ تي ٻئي ٽولي کين موٽر سائيڪل واپس ڪرائڻ جو دلاسو ڏئي ڪچي واري علائقي ۾ وٺي وڃي يرغمال بڻائي ورتو. شام تائين گهر نه پهچڻ تي وارث سخت پريشان بڻجي ويا ٻنهي ڄڻن جي اغوا ٿيڻ جي بچل ڀيو ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.