عبدالڪريم ميمڻ ڊپٽي سيڪريٽري گهرو کاتو مقرر

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار ڊپٽي ڪمشنرن سميت مختلف آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون آهن، جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن موجب 18 هين گريڊ جي عرفان سلام ميرواڻي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڊپٽي ڪمشنر ملير مقرر ڪيو ويو آهي جتان ڊي سي سعيد لغاري کي بدلي ڪري ايڊيشنل سيڪريٽري ڪوآرڊينيشن سروس اينڊ جنرل ايڊ منسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن مقرر ڪيو ويو آهي.18 هين گريڊ آفيسر عامر حسين کي ڊپٽي ڪمشنر ڪورنگي مقرر ڪيو ويو آهي، جتان 18 هين گريڊ جي جواد مظفر کي هٽائي ڊپٽي سيڪريٽري خزانو مقرر ڪيو ويو آهي. 19 هين گريڊ جي شهزاد فضل عباسي کي ڊپٽي ڪمشنر ايسٽ ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي، جتان الطاف احمد شيخ کي بدلي ڪيو ويو آهي، جيڪو ماحوليات تي پي ايڇ ڊي ڪندو، جڏهن ته سميع الله سنجراڻي کي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ايسٽ ڪراچي مقرر ڪيو ويو جتان عبدالڪريم ميمڻ کي بدلي ڪري ڊپٽي سيڪريٽري گهرو کاتو مقرر ڪيو ويو آهي، بحالي کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري عبدالحميد جاگيراڻي کي بدلي ڪري ايڊيشنل ڊي سي ون ڪورنگي مقرر ڪيو ويو جتان زاهد جوڻيجو کي بدلي ڪري ڊپٽي سيڪريٽري اسڪول مقرر ڪيو ويو آهي.

  1. سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهري جي بازيابي کانپوءِ داخل درخواست اڪلائي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گم ٿيل  شهرين جي بازيابي بابت ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي .ن ليگ اڳواڻ نهال هاشمي عدالت م پيش ٿيو .نهال هاشمي چيو ته گم ٿيل شهري محمد علي گهر واپس اچي ويو آهي. عدالت جي ڪاروائي قابل تعريف آهي جنهن سبب گم ٿيل شهري بازياب ٿي ويو آهي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته ڇا بازياب ٿيل شهري ان حالت ۾ آهي ته ٻڌائي سگهي ته کيس ڪير وٺي ويو؟ نهال هاشمي چيو ته الله جو شڪر آهي ته هو گهر  اچي ويو آهي پر هو ڪجهه ڳالهائڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. جسٽس خادم حسين تنيو پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته هو توهان کي ڪجهه  نٿو ٻڌائي سگهي پر توهان جي حڪومت وفاق ۾ آهي حڪومت معلوم ڪري سگهي ٿي ته هن کي ڪير وٺي ويو هو؟ نهال هاشمي چيو ته ڪجهه نامعلوم ماڻهو ئي کڻي ويا هوندا. جسٽس خادم حسين تنيو چيو ته توهان جي حڪومت آهي سڀ معلوم ڪري سگهجي ٿو ته ڪير وٺي ويو هو. عدالت جي سوال تي ن ليگ اڳواڻ نهال هاشمي خاموش رهيو.عدالت سمن آباد جي علائقي مان گم ٿيل شهري محمد علي جي بازيابي تي داخل درخواست اڪلائي ڇڏي آهي .نهال هاشمي ۽ سندس پٽ نصير هاشمي گم ٿيل شهري جي بازيابي واري ڪيس ۾ وڪيل طور پيش ٿيا هئا.

  1. عدالت پاران ٻارڙن جي اغوا ۾ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ خاص ٽيم جوڙڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻارڙين جي گمشدگي بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي . عدالت ۾ ايس ايس پي اوڀر پاران اهم انڪشاف ڪيو ويو .ايس ايس پي اوڀر چيو ته ٻارڙين جي گمشدگي ۾ هڪ مخصوص گروهه ملوث آهي، ايس ايس پي اوڀروڌيڪ چيو ته ٻارڙين جي اغوا جي ڪيسن جي جاچ لاءِ سي آءِ اي جي اسپيشل انويسٽيگيشن ٽيم جي مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي لکيو ويو آهي ته نابالغ ڇوڪرين اغوا بابت جاچ لاءِ سي آءِ اي جي مدد فراهم ڪئي وڃي. درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته  2022ع ۾ سهراب ڳوٺ واري علائقي مان 5 سالن جي ٻارڙي سيما گم ٿي وئي هئي . پوليس رپورٽ موجب  ٻارڙي  جي گم ٿيڻ بابت اخبارن ۾ اشتهار به ڏنو ويو هو، عدالت ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي ٻارڙين جي اغوا ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ خاص ٽيم جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي .سي آءِ اي جي اسپيشل ٽيم ٺاهڻ ۾ ناڪامي تي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿئي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي  رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته ٻارڙين جي بازيابي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن.درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪئي وئي آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.