پني عاقل ۾ بدامني جي باهه، وڌيڪ هڪ ڄڻو اغوا، انگ 5 ٿي ويو

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) شھر کان ڳوٺ ويندي قومي شاھراهه تان ڏوھاري نوجوان شوڪت ڪورائي کي اغوا ڪري کڻي ويا، علائقي ۾ حراس ۽ خوف جي صورتحال ڇانئجي وئي، ضلعي ۾ مغوين جو انگ وڌي 8 ٿي  ويو،  ڏوھاري  بائجي ٿاڻي جي حد شھر جي قومي شاهراھه بلوچ ڪانٽي وٽان ايل پي جي  دوڪان بند ڪري ڳوٺ ويندڙ نوجوان شوڪت ڪورائي کي اغوا ڪري کڻي ويا ،وارث ۽ پوليس پيرا کڻي ڪچي طرف ويل، ڪورائي برادري ڪٺ گھراڻي ورتو، جڏهن ته ڏوھاري ٻھ راتيون اڳ ساڳي ئي ھنڌ تان آرا مشين تي ستل پورھيت غلام حيدر دايو کي اغوا ڪري کڻي ويا ھئا  ۽ ٽي ڏينهن اڳ ساڳي ئي بائجي ٿاڻي جي حد مان ٿاڌل ھلائيندڙ ٻن پورھيتن ڪامران ۽ پيارو رياستي به اغوا ٿي ويا ھئا ، جڏهن ته ھڪ مھينو اڳ ڪراچي کان پنوعاقل ۾ گھرائي رمضان نالي واپاري به اغوا ٿيل آھي ، اھڙي ريت تعلقي پنوعاقل مان مغوين جو انگ پنج ٿي ويو آھي ۽ ضلعي ۾ مغوين جو انگ اٺ ٿي ويو آھي،ٽي ڏينهن اڳ سکر مان به 2 ڄڻا اقبال کوسو ۽ رضوان کوسو به ڌاڙيلن ھٿان  اغوا ٿي ويا آهن ، سکر جي پوليس اھلڪار جو پٽ شفيق مشوري پڻ اغوا ٿيل آھي ، اھڙي ريت سڄي ضلعي سکر ۾  مغوين جو انگ وڌي اٺ ٿي ويو آھي  جيڪي ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آھن،  جڏھن ته پنوعاقل ڪورائي برادري جو نوجوان شوڪت ڪورائي جي اغوا  بعد مغوي جي وارثن پاران  پنوعاقل دعا چوڪ ڀرسان عرفان شفيع ڪورائي جي رهائشگاهه تي سردار صاحب خان ڪورائي، يوسي دادلو جي چيئرمين ظھور احمد احمد ڪورائي، مفتي جميل ڪورائي، شرف الدين ڪورائي جي سربراهي ۾ڪورائي برادري جو مغوي جي بازيابي لاءِ ڪٺ گھرايو ويو جنهن ۾ ڪورائي برادري معززين سميت سوين ماڻھن شرڪت ڪئي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.