ڪيس ۾ نامزد 2 ڀائر جوابدار عبوري ضمانت تي آزاد

حيدرآباد(رپورٽر) قاسم آباد فيز ون ۾ وڏيري جي پٽن جي بنگلي ۾ معصوم نينگر محمود ملاح کي قتل ڪرڻ واري واقعي ۾ پوليس ڪا به  اڳڀرائي نه ڪري سگهي، ڪيس ۾ نامزد هڪ جوابدار اڃا تائين روپوش آهي، 2 جوابدار ڀائر عبوري ضمانت تي آزاد آهن. جڏهن ته ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ پاران اي ايس پي جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ٽيم جي رپورٽ اڃا تائين منظر عام تي نه اچي سگهي آهي، ٻئي جوابدار پڪي ضمانت جي لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيا، جنهن دوران فريادي جي وڪيل پاران وڪالت نامو جمع ڪرائڻ بعد عدالت ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ زميندار جي بنگلي ۾ مبينا قتل ٿيل نينگر محمود ملاح واري ڪيس ۾ فريادي ڌر جي وڪيل پاران وڪالت نامو جمع ڪرائڻ بعد جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت تي شنوائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائيندڙ زميندار حسين مگسي ۽ سندس ڀاءُ حسن مگسي وڪيل معرفت پڪي ضمانت لاءِ فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج تصور علي راجپوت جي عدالت ۾ پيش ٿيا. فريادي ڌر جي وڪيل پاران وڪالت نامو جمع ڪرايو ويو جنهن بعد عدالت شنوائي 19 اپريل تائين ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.