مانجهند ڀرسان هانءَ ڏاريندڙ روڊ حادثو، 6 ڄڻا فوت، 40 کان وڌيڪ مسافر زخمي

سن/ مانجهند (نمائندن وٽان ) مانجهند ٿاڻي جي حد  ويھ دَرِي انڊس هاء وي تي لاڙڪاڻو کان ڪَراچي طرف ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ ڄامشورو کان دادو طرف ويندڙ آئل ٽينڪر ۾ آمهون سامهون زوردار ٽَڪر ٿيڻ کانپوء پويان  کان ايندڙ مزدا به بس سان ٽَڪرائجي وئي، ٽنهي گاڏين جي زوردار ٽَڪر تي مسافرن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، اڌ رات جو وقت هئڻ سبب ريسڪيو ۾ جَلدي نه ٿيڻ سبب ٽنهي گاڏين جا زخمي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين گاڏين ۾ دانهون ڪري مدد لاء سَڏيندا رهيا، ٻن ڪلاڪن کانپوء موٽر وي پوليس مانجهند پوليس حادثي واري هنڌ پهچي گاڏين کي ڪَٽي ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو جتي مسافر ڪوچ ڊرائيور ۽ ٽينڪر ڊرائيور سميت 6 ڄَڻا ٿَڏي تي فوت ٿي ويا جڏھن ت 40 کان وَڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا فوتين جا مَڙھ ۽ زخمي اسپتال منتقل ڪَرڻ لاء مانجهند تعلقه اسپتال وٽ 2 ايمبولنسون هئڻ سبب زخمي گاڏين ۽ روڊن تي تَڙپندا رهيا، جڏھن ته فوتين جا مَڙھ ڪيتري ئي دير تائين روڊ تي پيا رهيا، بعد ۾  ريسڪيو ٽيم ۽  رَضاڪارن پهچي ايمبولنسز ذَريعي زخمين ۽ پنج فوتين جي مَڙھن کي مانجهند جي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو، جِتي فوتين ۾ مسافر ڪوچ ڊرائيور جاويد مرکنڊ، ٽينڪر ڊِرائيور سليم کوکر، مسافر ڪوچ سَوار حاجن ڦُلپوٽو، منظور گاڏھي طور سڃاڻپ ٿي جڏھن ته ٻن فوتين جي سُڃاڻپ نه ٿي سگهي ٻُڌايو پئي ويو ته هِڪ فوتي جو مڙھ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جَڏھن ته 45 زخمي مرد عورتن ۽ ٻارڙن اعظم بروهي، ياسين ڪلهوڙو، مهتاب ڪلهوڙو، علي گوهر چانڊيو، منظور چانڊيو، فهيم ڪلهوڙو، محمد اسلم زهراڻي، واحد انڙ، امتياز انڙ، وقار ڪلهوڙو، سجاد جوڻيجو، غلام صغرا، طيبان خاتون، سائل گاڏھي، جنت خاتون، محمد فيصل، منير احمد، شبانه، غلام قادر، راجا مڪول، صاحب خان، وسيم، عبدالمالڪ، منور علي، گل محمد گاڏھي، ثمينا ڌيء نصر اللّه، مختيار کوکر، رحيم بخش، آصف شيخ، غلام نبي چانڊيو، دعا بَتول، زهرا بتول، ڪَريمان، تعمير علي، مومل، مهوش، شهربانو، عَقيل علي، قمرالدين، زبيده، عمران بروهي، ظَھير ابڙو، انمول، فرحان عَلي، ۽ محمد پيرل طور سُڃاڻپ ٿي، مانجهند تعلقه اسپتال ۾ عِلاج جون سهولتون ۽ ميڊيڪل عَملو گهٽ ھُجڻ سبب زخمين جي طِبي امداد ۾ سَخت مشڪلاتون پيش آيون، جڏھن ته اسپتال ۾ بيڊ گهٽ ھُجڻ سبب زخمين کي بئچن تي ليٽائي طبي امداد ڏني وئي، فوتين جا مڙھ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين اسپتال جا اسپتال جي فرش تي پيا رهيا، زخمين کي اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد لمس اسپتال ڄامشورو، سول اسپتال حيدرآباد ۽ عبداللّه شاھ انسٽيٽيوٽ سيوهڻ منتقل ڪَيو ويو، جنهن کانپوء فوتين جا مَڙھ فرش تان کَڻي بيڊ تي رکيا ويا، هوڏانهن حادثي جي اطلاع تي ايس ايس پي ڄامشورو محمد طارق نواز، ڊي ايڇ او ڄامشورو امام الدين کوسو حادثي واري هنڌ بعد مانجهند تعلقه اسپتال پهتا، صَحافين پاران اسپتال ۾ زخمين جي طبي امداد جون اڻپوريون سهولتن واري سَوال کان ڊي ايڇ او ڄامشورو لنوائيندي پڇيل ڪنهن به سَوال جو جواب ڏنو، جڏھن ته موٽر وي پوليس ۽ مانجهند پوليس 5 ڪَلاڪن کانپوء انڊس هاء وي تان ڪرين ذَريعي حادثي جو شڪار گاڏين کي هٽائي انڊس هاء وي تي گاڏين جي آمد و رفت بَحال ڪَرائي، ٻِئي پاسي پيپلزپارٽيءَ جو اڳوڻو ايم اين اي سڪندر راهپوٽو، مانجهند جي تعلقه اسپتال پهتو جتي موجود فوتين جي وارثن سان ڏُک جو اظهار ڪَرڻ بعد مانجهند اسپتال انتظاميا کان اسپتال ۾ سهولتن جي اڻهوند بابت تفصيل ورتا، ٻئي پاسي ٻُڌايو پئي ويو ته مسافر بس مان ڪيترن ئي مسافرن جو قيمتي سامان پڻ گُم ٿي ويو هو، آخري اطلاع تائين روڊ حادثي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته چيف سيڪريٽري به حادثي جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل عملدارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.