ايران جو اسرائيل تي حملو: جنگي باهه کي وقت سر نه وسائي سگهڻ جو نتيجو

نيٺ اهو ئي ٿيو جنهن جو خطرو هو. اسرائيل ۽ فلسطين  جي جنگي باهه کي وقت سر نه وسائي سگهڻ جو نتيجو اهو نڪري رهيوآهي ته اها باهه باقي دنيا ۾ به پکڙجڻ شروع ڪيو آهي. بظاهر ته اها جنگ ٻن ملڪن رڳو اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ هئي پر حقيقت  ۾ اها جنگ ٻنهي ملڪن جي حامي ملڪن جي به هئي ۽  آهي. فلسطين خلاف اسرائيل جي جنگ هڪ لحاظ کان سڀني مسلمانن ملڪن جي خلاف به آهي ۽ ايئن اسرائيل کي وري سپر پاور آمريڪا، برطانيا ۽ ڪجهه يورپي ملڪن جي حمايت آهي. سو ان لحاظ کان اها جنگ ٽين عالمي جنگ  به ڪرائي سگهي ٿي جنهن جو اندازو جيتوڻيڪ سڄي دنيا کي آهي پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته پوءِ به عالمي برادري اسرائيل ۽ فلسطين جي جنگي باهه تي بروقت پاڻي هاري ان کي وسائڻ  ۾ ناڪام رهي آهي جنهن نتيجي ۾ اها جنگي باهه هاڻي اسرائيل ۽ ايران جي جنگ ۾ پڻ تبديل ٿي وئي آهي.

فلسطين ۾ اسرائيل جي اڳرائي تي ايران جي سخت ردعمل ڏيکارڻ تي اسرائيل شام ۾ ايراني سفارتخاني تي حملو ڪيو جنهن جي جواب ۾ وري ايران به اسرائيل مٿان ڊورن حملا ڪيا آهن. اسرائيل کي جيئن ته ان جوابي حملي جي توقع هئي تنهن ڪري ان آمريڪا جي مدد سان ٽيڪنالاجي ذريعي ڊورن حملن کي ڪافي حد تائين ناڪام بڻايو جڏهن ته ايران جي دعويٰ آهي ته ان اسرائيل جي فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو هو جنهن ۾ ان کي ڪاميابي رسي آهي. ايران جي ان حملي جي جواب ۾ هاڻي وري اسرائيل سخت جوابي ڪارروائي جي ايران کي ڌمڪي ڏني آهي.

پر افسوس ته هاڻي به ان پکڙيل جنگي باهه کي جيڪا دنيا کي تين عالمي جنگ ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي تنهن کي عالمي برادري روڪڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي. آمريڪا ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس رسمي طور تي ته نوٽيس ورتو آهي ۽ سڀني ڌرين کي تحمل سان رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايئن آمريڪا به اسرائيل کي ايران سان جنگ ڪرڻ کان رسمي طور روڪڻ ۽ جنگ ۾ مدد نه ڪرڻ جو بيان ته ڏنو آهي پر اسرائيل کي ان مڪاني حملي کان روڪڻ لاءِ مٿس سخت ڪارروائي جي ڪا تنبيهه نه ڪئي آهي. صرف اهو چيو آهي ته جيڪڏهن ايران سان اسرائيل جنگ ڪئي ته آمريڪا ان جو ساٿ نه ڏيندو. آمريڪا اهو به چيو آهي ته ايران خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ کان اڳ آمريڪا کي ضرور ٻڌايو وڃي. هوڏانهن ايران به چيو آهي ته اسرائيل تي ان نوعيت جي فوڪسڊ حملي بابت اسان آمريڪا کي اڳواٽ اطلاع ڏنو هو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته آمريڪا پڻ ان جنگي ماحول جو اڻ سڌي طرح حامي آهي. اهو ان ڪري به ممڪن آهي ته اهو آمريڪا جي جنگي ٽيڪنالاجي ۽ هيٿارن جي وڪري واري ڪاروبار کي هٿي ڏيندو.

سو عالمي طاقتن جا سامراجي، اقتداري، سياسي ۽ ڪاروباري جيڪي به مفاد هجن پر جنگ هن دنيا ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ ڪنهن به مفاد ۾ ناهي. دنيا اندر هيءَ غربت ۽ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، حڪومتي، سياسي ۽ سامراجي بحران انهن جنگين جو نتيجو آهن. جنگيون امن ۽ ترقي جون دشمن هونديون آهن. اهي ملڪن جي عوام کي چين سان جيئڻ ناهن ڏينديون.پر افسوس ته اهي ڳالهيون هاڻي دنيا جي ملڪن ۽ حڪمرانن کي به سمجهه ۾ نه ٿيون اچن ۽ عملي طور اهي به عام جاهل ماڻهن جيان جهيڙن، جڳهڙن، فسادن، پلاندن ۽ قتل غارت ۾ ملوث ٿين ٿا ته پوءِ عام ماڻهن جو ڀلا ڪهڙو ڏوهه ؟

اها به حقيقت آهي ته جنگين جي جڙ خود آمريڪا آهي جنهن جو جياپو جنگي هٿيارن ۽ ٽيڪنالاجي جي وڪري ۽ وچ اوڀر جي تيل تي قبضي تي رهيو آهي. ان ملڪ اصل ۾ پنهنجي مفاد ۾ سڄي دنيا کي جنگي باهه ۾ ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي. گڏيل قومن جو ادارو جيئن ته آمريڪا جو ئي زيلي ادارو آهي تنهن ڪري اهو آمريڪا جي منشا خلاف ڪو به فيصلائتو ڪردار ادا نٿو ڪري سگهي. گڏيل قومن جي اداري مان نه دشمنن کي ڪو ڀئه آهي نه ئي سڄڻن کي ڪو آسرو هوندو آهي. اهو ادارو آمريڪا جي مفادن لاءِ ته سگهارو ڪردار ادا ڪري سگهندو آهي پر آمريڪا جي پاليسين يا اڳراين خلاف ان مان غير جانبداراڻي ڪردار جي توقع نه ڪري سگهبي آهي.

گڏيل قومن واري اداري جي غير موثر ڪردار جو ئي اهو نتيجو آهي ته اڄ هڪ ئي وقت روس، يوڪرين ۽ آمريڪا جي جنگ هلي رهي آهي ته ٻئي پاسي ڇهن مهينن کان اسرائيل ۽ فلسطين جي جنگ هلي رهي آهي ۽ هاڻي ايران ۽ اسرائيل جي جنگ پڻ شروع ٿي چڪي آهي. اهڙي صورتحال ۾ گڏيل قومن جي اداري اسرائيل جي چوڻ تي هنگامي بنياد تي اجلاس ته طلب ڪيو پر ان جي ڪارروائي رسمي طور هلائيندي رڳو ايران کي وڌيڪ جنگي ڪارروائي ڪرڻ کان روڪيو پر اسرائيل کي واضح طور تي جوابي حملي کان منع نه ڪيو نه ئي اسرائيل کي ايران جي سفارتخاني تي حملي واري اڳرائي جو ذميوار قرار ڏنو معنيٰ ڪو انصاف نه ڪيو. جڏهن ته ٻئي پاسي اسرائيل اڃا به ايران خلاف سخت جوابي ڪارروائي جي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي ۽ غزا سان جنگ ۾ پڻ ملوث آهي. اها صورتحال برقرار رهي ته ٽين عالمي جنگ ڇڙي ويندي جيڪا ڪنهن جي به فائدي ۾ ناهي. سو ان جنگي جنون کي روڪڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو سو اڄ ئي ڪريو، سڀاڻي جو به انتظار نه ڪريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.