”ايران جي جوابي ڪارروائي حق تي آهي، جنگ ۾ اسرائيل جي پٺڀرائي ڪندڙ وڏا ملڪ به سڙي ويندا“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته اسرائيل تي ايران جوابي ڪارروائي جو حق رکي ٿو، وچ اوڀر ۾ جاري جنگ جا اثر پاڪستان تي به پوندا.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته اسرائيل طرفان هڪ خود مختيار ملڪ جي سفارتخاني تي حملو ڪيو ويو، ايران جا سينيئر فوجي آفيسر ان حملي ۾ شهيد ٿيا.
هن چيو ته ايران جوابي ڪارروائي جو حق رکي ٿو، ايراني سفارتخاني تي حملي کانپوءِ امڪان هو ته ايران جوابي ڪارروائي ڪندو، ايران سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو فلسطين سان گڏ بيهڻ جي ڪري ٿي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ان جنگ جا اثر سڄي دنيا تي پوندا، جيڪي وڏا ملڪ اسرائيل جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن، اهي به ان باهه ۾ سڙي ويندا، ان جنگ جا اثر پاڪستان تي به پوندا.
خواجا آصف چيو ته پاڪستان فلسطين سان گڏ بيٺو آهي، فلسطين جي آزادي لاءِ دعاڳو ۽ ان جو حمايتي آهي، اسان نٿا چاهيون ته ڇڪتاڻ وڌي پر فلسطين ۾ قتل عام بند ٿيڻ گهرجي.
ايران سان لاڳاپن جي حوالي سان هن چيو ته ايران سان هڪ واقعو ٿيو پر لاڳاپا مستحڪم آهن، گئس پائپ لائن تي ڳالهه اڳتي وڌي آهي، جنهن سان لاڳاپن ۾ وڌيڪ مضبوطي آئي آهي، گوادر کان ايراني سرحد تائين پنهنجي حصي جي گئس پائپ لائن ٺاهي رهيا آهيون، پاڪستان پائپ لائن وڇائڻ جي پوزيشن ۾ آهي ۽ اسان فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
سندس چوڻ هو ته سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن سان به سٺا لاڳاپا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.