ڪوڪ اسٽوڊيو ”آئي آئي“ ذريعي سنڌين جي دل کٽي ورتي

ڪرچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ثقافت قديم ۽ شاهوڪار آهي ان ۾ ڪو شڪ ناهي.

هٿ جو هنر هجي، ثقافتي لباس، زيور، ٽڪ جون رليون ۽ ڀرت ڀريل ڪپڙا، سڀ سنڌ جي ثقافت جا رنگ آهن جيڪي هاڻي اوهان ڪوڪ اسٽوڊيو جي سيزن 15 جي پهرئين سنڌي گاني ۾ ڏسي سگهو ٿا.

گاني جي وڊيو ۾ اوهان کي ثقافتي لباس ۾ عورتون، سنڌي ٽوپي پهريل نوجوان به نظر ايندا، جڏهن ته ٿر جي سونهن کي ان ريت اجاڳر ڪيو ويو آهي جو واري، ڪکانوان چونئرا ۽ رڻ جي سونهن مور به نظر اچن ٿا.

گاني جا ٻول آئي آئي، ماروئڙن پاران مارئي جي آجيان ڪرڻ واري منظر کي پيش ڪن ٿا جڏهن هوءَ عمر وٽان آزاد ٿي پهتي هئي.

گاني ۾ مقامي فنڪارن نعمان راڄپر، بابر منگي ۽ سائبا ماروي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي جڏهن ته مقامي ساز به موسيقي ۾ شامل آهن.

ڪوڪ اسٽوڊيو پاران سنڌي گاني سان شروعات ڪرڻ تي ڀرپور موٽ ڏني پئي وڃي ۽ وڊيو تيزي سان مقبول ٿي رهي آهي.

يوٽيوب تي اهو گانو گذريل ڏينهن رليز ڪيو ويو هو جنهن کي هن وقت تائين 12 لک کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي.

ڪوڪ اسٽوڊيو لاءِ ڳائيندڙ نعمان راڄپر اصل ۾ گلشن حديد جو رهواسي آهي جيڪو صوفياڻا گيت ڳائيندو آهي، هن گاني ذريعي کيس پڻ مقبوليت ملي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.