جنهن هار کپائڻ جي سزا ملي، اهو اڄ به اسان وٽ آهي: ترجمان بشريٰ بي بي

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي جي ترجمان مشعال يوسفزئي دعويٰ ڪئي آهي ته توشا  خانا ڪيس ۾  جنهن هار وڪڻڻ جي سزا ملي آهي اهو هار اڄ به اسان وٽ آهي ۽ ان جي اصل قيمت هڪ ڪروڙ رپيا آهي. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي مشال يوسفزئي چيو ته توشه خانو ڪيس هڪ هار تي هلي رهيو آهي ۽ چيو پيو وڃي ته هار جي قيمت 300 ڪروڙ آهي، هنن غريبن کي خبر ناهي ته هار اڄ به اسان وٽ آهي. هن چيو ته اسان اهو هار عدالت ۾ پيش ڪرڻ چاهيون ٿا، جڏهن اهو هار تحفي ۾ ڏنو ويو ته ملٽري سيڪريٽري بني گالا وٺي آيو.  اهو هار عدالت پيش ڪرڻ چاهيون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.