سلو پوائزننگ جو خطرو، بشريٰ بي بي پاران طبي معائني لاءِ درخواست داخل

اسلام آباد ( م ڊ )اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي طبي معائنيلاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. بشريٰ بي بي پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته زهر جي خدشي کي نظر ۾ رکندي منهنجي صحت متاثر ٿي سگهي ٿي، عدالت شوڪت خانم يا سندس پسند جي ڪنهن خانگي اسپتال کي ٽيسٽ ڪرائڻ جي اجازت ڏئي. وڪيل شعيب شاهين جي ذريعي داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سب جيل ۾ بشرا بي بي جي باٿ روم ۾ ڪيتريون ئي ڳجهيون ڪيمرائون لڳل آهن،  درخواست ۾ چيو ويو ته بشريٰ بي بي کي کاڌي ۾ زهر ڏنو ويو ، سب جيل ۾ مرد اهلڪارن جي وڏي نفري مقرر ٿيل آهي، سب جيل ۾ مليل کاڌي تي سخت پريشاني ۽ تحفظات آهن، کائڻ کان پوءِ وات ۽ ڳلي ۾ ساڙ جو احساس ٿئي ٿو.  بشرا بي بي جي درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته هوءَ سب جيل ۾ پاڻ کي محفوظ نٿي سمجهي، ان ڪري هن اڊيالا جيل منتقلي لاءِ به درخواست ڏني، سب جيل ۾ سندس جان کي سخت خطرو آهي،خدشو آهي ته سلوپوائزننگ ذريعي کيس انتقام ورتو ويندو.  درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي آئين تحت بنيادي حقن کي يقيني بڻايو وڃي، پارٽين کي آئين جي آرٽيڪل 4، 9 ۽ 14 تي سختي سان عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.