حجمن جي حڪومت

تحرير: ڄام صنم سنڌي

ڪالم لکڻ لاءِ جڏھن به ارادو ڪندي آھيان ته ملڪ جو عوام ۽ حالتون اکين اڳيان ڦرڻ لڳنديون آھن ۽ ھر لکڻي جو محور اھي ئي بڻجي ويندا آھن ۽ انھن کي بھتر انداز ۾ لکڻ ۽ اصل مقصد کي حقيقي معنيٰ ۾ بيان ڪرڻ لاءِ وري ڪو قصو، ڪھاڻي يا لوڪ ڪھاڻي سڀ کان موثر طريقو لڳندو اٿم جنھن جي ذريعي منفرد ۽ دلچسپ انداز ۾ ڳالهھ بيان ٿي ويندي آھي ۽ لکڻي جو مطلب به حاصل ٿي ويندو آھي.

”بادشاھ جو ھڪ حجم ھوندو ھو جيڪو کيس تمام ويجھو ۽ پيارو ھوندو ھو روز بادشاھ وٽ ايندو ۽ گھڻي دير بادشاھ سان گڏ ھوندو ھو ان دوران بادشاھ جي حجامت به ڪندو ھو ۽ سندس ٻيا به ڪم ڪار ڪندو ھو، ھڪ ڏينھن بادشاھ کي چيائين حضور مان خاص وزير جي ڀيٽ ۾ مان اوھان جي گھڻو ويجھو ٿو رھان، اوھان جا سڀ ڪم به ڪري ڄاڻان ۽ اوھان سان وفادار به آھيان توھان ان جي جاءِ تي مون کي خاص وزير ڇو نٿا بڻائي ڇڏيو؟ بادشاھ کلي ڏنو ۽ چيائينس ٺيڪ آھي مان توکي وزير بڻائڻ لاءِ تيار آھيان پر ان کان اڳ تو کي امتحان ڏيڻو پوندو، حجم ھٿ ٻڌندي چيو جيڪو حڪم بادشاھ سلامت، بادشاھ چيس بندر گاھ تي ھڪ بحري جھاز آيو آھي مون کي ان بابت معلومات آڻي ڏي. حجم ڀڄندو بندر گاھ تي ويو ۽ موٽي اچي چيائين جھاز اتي بيٺو آھي، بادشاھ چيس جھاز ڪيڏي مھل آيو ھو حجم وري بندرگاھ  ڀڳو ۽ واپس اچي چيائين، ٻه ڏينھن اڳ جھاز آيو ھو بادشاھ پڇيس خبر اٿئي ته جھاز ڪٿان آيو آھي حجم ٽيھر سمنڊ ڪناري ڀڳو واپس آيو ته بادشاھ پڇيس ته جھاز ۾ ڇا آھي؟ حجم وري سمنڊ ڏي ڊڪ پاتي قصو مختصر ته حجم صبح کان شام تائين محل ۽ سمنڊ طرف ڊوڙي ڊوڙي صفا ساڻو ٿي پيو. ان کان پوءِ بادشاھ خاص وزير کي گھرايو ۽ پڇيائينس ته سمنڊ تي جھاز آيو آھي ڇا؟ وزير ادب مان چيو بادشاھ سلامت ٻه ڏينھن اڳ ۾ ھڪ مصري تجارتي جھاز اسان جي بندرگاھ تي آيو ھو ان ۾ جانور، خوراڪ ۽ ڪپڙو آھي ان جي ڪپتان جو نالو شھرام آھي جھاز ڇھن مھينن ۾ ھتي پھتو آھي ۽ چار ڏينھن وڌيڪ ھتي ترسندو ھتان کان ايران ويندو ۽ اتي مھينو ترسندو ۽ جھاز ۾ ٻه سئو نو ماڻھو سوار آھن ۽ منھنجو مشورو آھي ته اسان کي بحري جھازن تي ٽيڪس وڌائن گھرجي.

اھو ٻڌي بادشاھ حجم ڏانھن ڏٺو ۽ پڇيائين ڇا تو کي حجم ۽ وزير ۾ فرق معلوم ٿيو؟ حجم چپ چاپ قينچي ۽ پاڪي کنئين ۽ اھو چوندي ھلي ويو ته بادشاھ سلامت حجم، حجم ٿيندو آھي ۽ وزير، وزير ٿيندو آ، اسان جي ملڪ سان به ڪجهھ اھڙو ئي الميو رھيو آھي جن کي حڪومت ڪرڻ پئي آئي انھن کي ڪرڻ ڪو نه ڏنائون ۽ جيڪي ڪندا رھيا آھن اھي حجم وزير اعظم يا صدر ته ڇا وزارت جي به لائق ناھن. اسان وٽ به سدائين حجمن حڪومت ڪئي ۽ ھر وزارت سنڀالي آھي ھاڻي خود سوچو ڀلا جتي سڄي عمر تائين ”حجمن“ حڪومت ڪئي ھجي اتي عوام جي ٽپڻ تي ڪو وار سڄو بچندو يا ٽنڊ ٿيندي؟

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.