ليڊي جسٽس ڀلا تون ئي ڪجھه ڳالھاءِ..؟

تحرير: قادر ملاح 

ليڊي جسٽس جي مورتي جنھن کي يوناني ڏند ڪٿا موجب انصاف جي ديوي چيو ويندو آھي جيڪا اوھان عدالت ۾ ڏٺي به ھوندي جنھن جي اکين تي پٽي ٻڌل، ھڪ ھٿ ۾ تارازي ٻي ۾ تلوار ۽ کاٻو پير نانگ تي ھوندو آھي-اکين تي پٽي جو مطلب آھي ته انصاف ڏيڻ وقت ديوي خوف، ڊپ لالچ کي نه ڏسندي ۽ انصاف جي تقاضا موجب فيصلو ڏيندي، تارازي جو مطلب آھي ته ڌرين جون ڳالھيون ٻڌي ڳالھيون برابري جي بنياد تي توريون وينديون ڪنھن جون ڳالھيون وزندار يعني سچيون آھن- تلوار مان مراد آھي ته ڏوھي جيڪو ھوندو ان کي سزا ملندي، باقي نانگ تي پير جي اتي معنيٰ ڪارو ناڻو يعني ڪرپشن آھي. ھن ملڪ ۾ ليڊي جسٽس جي ان مجسمي جي وڏي بيدردي سان ھر روز توھين ڪئي ويندي آھي- ھن وقت عدالتن جو ڪردار عام خلق جي لاءِ  ٻڙي برابر آھي.

اڄ جنھن وقت سنڌ ۾ پريا  ڪماري جي آزاديءَ لاءِ  وڏي ھلچل ھلي پئي اتي عدالتون حڪمرانن وانگي خاموش آھن. ڪنھن لکيو آھي ته ”مارجي ويل ڌيئرن جا رت ھاڻا زخم مائرن جي سينن ۾ سدائين ساوا رھندا آھن.“ پر گم ٿيل ڌيئرن جو ماءُ لاءِ  اھڙو درد ھوندو آھي جيئن آلي ڪاٺي جو سيني ۾ دکڻ پريا جي ماءُ جا ته ڳوڙھا به سڪي ويا آھن جڏھن اھي ڳوڙھا وھندا ھئا تڏھن سنڌ جي چيف منسٽر وٽ ايترو ڪپڙو به نه ھو جو ان ماءُ جا ڳوڙھا اگھي سگھي. چيف منسٽر کي ڄڻ ڪنھن شٽ اپ ڪال ڏئي ڇڏي ھجي ته سنڌ جي ڪنهن به معاملي تي رد عمل ناهي ڏيڻو ۽ ھي فرمانبرداري ڪري ڪنڌ ھيٺ ڪيون بيٺو آھي- گراٺ جيتري شھر سنگرار مان معصومه بازياب نٿو ڪرائي سگھي. ان ماءُ جي مٿي تي ھٿ نه ٿو رکي ته ”ادي تنھنجي ڌيءَ منھنجي ڌي آھي تنھنجي ڌيءَ جون اکيون منھنجي ڌي جي اکين جھڙيون آھن ڳڻتي متان ڪرين توکي تنھنجي نياڻي جلد واپس ڪرائي ڏيندس“ پر وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڳوٺ واھڙ ۾ رھندڙ سنڌ جو چيف منسٽر پنھنجن ماڻھن ڏانھن غير ذميواري وارو رويو رکي ٿو کيس ان ڳالھه جو ٿورو به ادراڪ ناھي ته سڄي سنڌ مونکان اھو مطالبو ڪري رھي آھي ته پريا ڪماري ڪٿي آھي؟ ۽ آئون ڪيئن ڪن لاٽار ڪري زندگي انجواءِ ڪري رھيو آھيان. ڪافي سال اڳ سنڌ ان انداز سان ٻري اٿي ھئي ته فضيلا سرڪي ڪٿي آھي پر ھن وقت تائين اسان کي فضيلا نه ملي سگھي آھي. ان سموري وايو منڊل ۾ مملڪتِ خداداد پاڪستان جي رياست ظاھر ئي ناھي ته سنڌ اندر ھڪ ٻي رياست قائم ڪئي وئي، آھي اھا ڪھڙي رياست ۽ ڪنھن جي آشيرواد سان ھلي رھي آھي پر سڄي دنيا ان ڳالھه کان آشڪار آھي ته ڌاڙيل فيڪٽر ڪيئن پيدا ٿيو آھي. ۽ ان جي سرپرستي ڪير ڪري رھيو آھي نه ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڌاڙيل ايڏا سگھارا به ناھن جو ھنن کان بچي سگھن. ڀرپور انداز سان بگھڙ نماءُ ماڻھن جي مدد ڪندي طاقت انھن ڏانھن منتقل ڪبي ته ظاھر آھي مظلوم ماڻھو ڊگھي عذاب ڏانھن منتقل ٿيندا ئي ٿيندا.

ھن وقت سنڌ جا روڊ رستا، شھر ڳوٺ سڀ ڌاڙيلن حوالي آھن جيڪي تمام سولائي سان ماڻھو اغوا ڪن ٿا انھن کي قتل ڪن ٿا، انھن کي ڦرين ٿا. انھن کي ڪير روڪڻ وارو نٿو ملي آئي جي سنڌ ۽ سيڪيورٽي جا ٻيا ادارا ان سموري معاملي ۾ ناڪام ثابت ٿيا آھن. اھا رياست ۽ حڪومت جي گڏيل ناڪامي چئبي. ھن سموري ناحق واري دؤر ۾ عدالتون گونگيون آھن جسٽس ليڊي جو مجسمو جنھن جا اھڃاڻ پاڻ لکيا آھن پر ڪنھن ڪنھن وقت خواھش به ٿيندي آھي ته ڪاش اھا انصاف جي ديوي ئي ڪجھه ڳالھائي وجھي! پر ائين ڪڏھن به نه ٿيندو ڇو جو بت ڳالھائيندا ناھن. پر انصاف جي ديوي جو بت انصاف جو اھڃاڻ ضرور آھي. پر ھتي انصاف مھانگو ملندو آھي پريا جي امڙ ۽ پيءُ جي درد کي ڪئمرا جي اک ڏسي ئي نٿي سگھي ته ھن وقت سنڌ ۾ ڪيڏي وڏي عذاب کي منھن ڏئي رھيا آھن. ٻئي طرف ھاڻ انھن کان دانھون ۽ رڙيون ڪرڻ جو به حق ڦريو پيو وڃي. ايڏو شديد دٻاءُ ۽ رياست پرگھور نه لھي جو ماڻھو ھاڻي پنھنجن پيارن جي گمشدگين تي به نه ڳالھائن. ھتي بنيادي انساني حق ته آھن ئي ڪونه پر ماڻھو پنھنجن ٻچن لاءِ  به نه ڳالھائي بس رڳو بندوق جي ٻولي ھلندي. سوال پڇڻ تي خورشيد شاهه جهڙا وزير چڙي پون ٿا صحافين ۽ انساني حقن لاءِ  ڳالهائيندڙ ماڻهن کي ڌمڪيون ڏيندڙ اهو سوال جو جواب ڇو نه ٿو ڏئي ته پريا آخر آهي ڪاٿي؟ ان کي آزاد ڪرائڻ ڪنهن جي ذميواري آهي. ھي نظام آھي ته اھڙو نظام ڊگھو عرصو نه ھلي سگھندو ڇو جو سدائين حق ۽ سچ کي فتح حاصل رھي آھي ھاڻ به ٿيندي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.