بهاول نگر واقعي جي ايف آءِ آر بخلاف مريم نواز

تحرير: امتياز عالم

ڊيٽ لائن  بهاولنگر: آيو تھ ھوس  پنهنجي اباڻي شهر بهاول نگر ۾ پنهنجي مٽن مائٽن سان پرامن عيد ملهائڻ ۽ ارادو هو ته سڀ کان پٺتي پيل ضلعي بهاول نگر جي سماجي ۽ معاشي بدحالي  تي لکان (جنهن جي ھاڻوڪي خراب حالت تي  وزيراعليٰ  جي خدمت ۾ آخر ۾ پيش ڪرڻي  آهي.تھ جيئن سندس مدري شفقت جو ڌيان بهاول نگر جي پٺتي ھئڻ  ۽ ان جي لکين بي وس ماڻهن جي غربت ڏانهن  ڇڪائي سگھجي ) پر ان  وچ ۾ هڪ خوفناڪ ٻيو واقعو شروع ٿي ويو.جيڪو ٿيو تھ هارين جي اجائي پوليس مداخلت خلاف مقابلي سان ۽ ختم ٿيو  فوج جي سپاهين جي قانون کان مٿاھين واري پوليس تي مارڪٽ تي.

8 اپريل تي قانون کان ھٽي ڪري ڪرپٽ پوليس پارٽي جو هارين کان عيد جي ڀتا خوري  لاءِ حملو،بھادر ڳوٺاڻن  ھٿان بدنام زمانھ ايس ايڇ او رمضان ۽ سندس ٽوليءَ جي شڪست، وري  پوليس جي يلغار  ۽ مظلوم انور جٽ جي خاندان جي مردن ۽ عورتن جن ۾ هڪ فوجي جوان خليل  بھ شامل ھو.انھن تي مدرسا ٿاڻي ۾ خوفناڪ تشدد ۽ 8 اپريل تي مٿس داخل  ڪيل ايف آءِ آر  جي طوطا ڪھاڻي. زخمي يرغمالي جو 24 ڪلاڪن ۾ پوليس رمانڊ نه وٺڻ تي فوجي اختيارين جي مداخلت، زخمي پورهيت خاندان جي اسپتال منتقلي، 9 اپريل تي پوليس ٿاڻي جي عملي خلاف ڪيس داخل. پروٽوڪول سان بهاول نگر سٽي ٿاڻي اي ڊويزن عزت سان منتقلي.  عيد جي ڏينهن (10 اپريل) تي فوجي اهلڪارن جي پنهنجي سپاهي جي ميڊيڪل رپورٽ لاءِ اسپتال ۾ هٿياربند مداخلت ۽ پوءِ گرفتار پوليس ملزمن کي سبق سيکارڻ ۽ پنھنجي فوجي ڀاءَ جي بدلي  چڪائڻ لاءِ   سٽي ٿاڻي تي ڪاھ ۽  پوليس  عملي سان بي رحماڻو سلوڪ. آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر ذوالفقار علي ڀون ۽ ڊي پي او نصيب الله خان جي دانشمنداڻي سرچاءَ واري  مداخلت ۽ گڏيل جاچ ڪميٽي جي قيام تي پاڪ فوج ۽ پنجاب پوليس زنده آباد جا نعرا ۽ سڄو ڏوھ سوشل ميڊيا تي مڙھي ڇڏيو. انهن مڙني واقعن جو نچوڙ فقط هڪ آهي، جيڪو ڏاڍو سو گابو. جيڪڏهن پوليس بدنام نه ٿئي ھا ۽ هارين سان پوليس گردي نھ ڪري ھا تھ پوءِ عوام  فوجين جي پوليس  مخالف عمل تي خوش نه ٿئي ها. جيڪڏھن ھارين ۾ ھڪ فوجي ڀاءَ شامل نھ ھجي ھا تھ فوجي مداخلت نھ ٿئي ھا.ان مجرماڻي ڪهاڻيءَ جو سبق ھڪڙو ئي آهي، تھ پوليس شهرين سان جھڙو چاھي سلوڪ ڪندي رھي. ڪير به پڇڻ وارو نه هوندو آهي، پر جيڪڏهن ڪنھن سويلين  اداري جيڪڏھن  ڪنهن فوجي ۾ ھٿ وڌو تھ قانون جي لتاڙ بھ ٿي تھ ان جو خير ھجي.

هاڻي وزيراعليٰ  محترمه مريم نواز ۽ سندس سول انتظاميه ڪري بھ ڇا ٿي سگھي ؟  بدمعاش پوليس اهلڪارن جو احتساب تھ ٿيندو ئي ٿيندو. ڇا پاڪستان آرمي جي قانون کي ھٿ ۾ کڻندڙ اھلڪارن ۽ سول شھري سلامتي جي ادارن تي حملو ڪندڙ جو بھ ڪورٽ مارشل  ڪندي ؟ آئيني بحران جي مظھر انھن  واقعن جو سلسلو نھ ھجي ھا تھ ھن فريادي ڪالم جي شروعات ” اي  بهاولنگر تون ڇا ھئين ،ڇا مان ڇا ٿي وئين ۽ ڪڏھن ۽ ڪيئن تنھنجي قسمت جاڳندي ؟ سان ڪريان ھا تھ پوءِ  پنجاب ۽ پاڪستان جي تاريخ جي پهرين عورت وزيراعليٰ محترمه مريم نواز صاحبھ ! اسان اوهان جي ووٽ کي عزات ڏيو جي مشڪل وقت جي وساريل خيرخواھ  چاھيندڙ آھيون ۽ هميشه وانگر  درگاه جا مددگار رهنداسين.

پر ڳڻتي ورتل دل سان بهاول نگر جي خراب حالت تي عرض ٿو ڪريان ته: بهاولنگر ضلعو پاڪستان جي 18 پٺتي پيل ضلعن ۾ شامل آهي جتي اڌ کان وڌيڪ آبادي بدترين غربت، غذائي کوٽ، اڻ پڙهيل ۽ بيمارين جو شڪار آهي. 75 سيڪڙو ماڻهو اڻ پڙهيل ۽ 25 سيڪڙو کان وڌيڪ بيروزگار آهن. 15 لک ماڻهن کي غربت مان ٻاھر ڪڍڻ ۽ 8 لک بيروزگار نوجوانن کي روزگار مهيا ڪرڻ جا وڏا چئلينج آهن. نه پيئڻ جو صاف پاڻي آهي ۽ نه ئي گندگي جي نيڪال جو ڪو بندوبست آهي. آنڊن  اوجھن گاڏڙ پاڻي سان ٿيندڙ موت سڄي پاڪستان ۾ سڀني کان وڌيڪ آهي.نھ ٻارن ۽ نوجوان نسل لاءِ معياري تعليم جو ڪو  جديد نظام آهي،نھ ئي ترقي ۽ روزگار جو ڪو موقعو آھي. ان بدحالي جا ذميوار اهي غيرحاضر جاگيردار  ۽ ڪرپٽ سياستدان آهن، جن جو سياسي قبضو نسل در نسل برقرار  آهي پر اھو جتائڻ گھڻو ضروري آھي تھ بهاول نگر ڪپهه پيدا ڪندڙ سڀني کان وڏو ضلعو آهي پرھتي  هڪ به ٽيڪسٽائل مل نه آهي، جڏهن ته سوين جننگ فيڪٽريون ترقي يافته علائقن جي ٽيڪسٽائيل ملن کي خام ڪپهه پروسيس مهيا ڪنديون آهن. هتي جو بهترين چانور وڏي مقدار ۾ برآمد ٿئي ٿو، پر ڪو به جديد رائيس  ريسرچ انسٽيٽيوٽ ناهي. هتي وڏي مقدار ۾ اون پيدا ٿئي ٿي، پر هتي نھ تھ ڪو ميٽ پروسيسنگ انڊسٽري آهي ۽ نه ئي ڪو وولن ملز، سموري ترقي ستلج جي ٻئي پاسي آهي ۽ سموريون محروميون ۽ علائقائي پسماندگيون ستلج جي ھن ڪناري تي آهن.ٽٽل ڦٽل ترقياتي پروگرام جون ڪجهھ رٿون ھيڏانھن اڇلايون وينديون آھن. جيڪي ڪميشن کائيندڙ ”چونڊيل نمائندن“ ۽ سندن حصيدار ٺيڪيدارن جي کيسي  گرم ڪرڻ  جي ڪم اچن ٿيون. جنهن جو هڪ بدترين مثال بهاول نگر شهر جي ڪني پاڻي نيڪال جو نظام آهي، جنهن جي بدبوءِ سان سڄو شهر بيت الخلا بڻجي ويو آهي. بدبوءِ ۽ گٽرن مليل پاڻي جي شهرين لاءِ لاءِ عذاب  بڻجي ويو آهي. ورلڊ بينڪ شهر جي گندگي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ ورلڊ بئنڪ پاران شروع ڪيل مشينري سڙي رک ٿي رهي آهي. اهڙي طرح 22 موضوع جات (هنڌن )جي ترقيءَ  جا ورلڊ بئنڪ جا منصوبا رلي ويا آهن جنھن ۾صوبائي حڪومت کي به پنهنجو حصو ڏيڻو آهي. وڏي وزير شهباز شريف  جنھن  ميڊيڪل ڪاليج ۽ ميٽرنٽي اسپتال جو بنياد رکيو ھو اھو  ڪافي عرصي کان مڪمل نه ٿيو آھي. 7 لک ايڪڙ خالي زمين آبپاشي  ۽ خود آبادگار هارين جي منتظر آھي. زمينون سم ۽ ڪلر سبب  بنجر ۽ پاڻي جي نيڪال جي نالن جي بندش سبب ماحولياتي گدلاڻ بي مثال آهي۽ ٻيو تھ ڇڏيو  بهاولنگر ڪنهن زماني ۾ هڪ وڏي ريلوي جنڪشن هوندي ھئي، جنهن جي چوڌاري ھي  15/20 هزارن جي آبادي جو هي خوبصورت شهر ٺاهيو ويو هو، جنهن جي هاڻي آبادي 180,000 کان وڌي وئي آهي ۽ پراڻو انفراسٽرڪچر مري چڪو آهي. هاڻي طاقتور ماڻهن فورٽ مروٽ ۽ هيڊ سليمانڪي کان بهاولنگر کان بهاولپور تائين سڄي ٽريڪ کي اکاڙي ڇڏيو آهي ۽ ماڻهون ريلوي اسٽيشنن جون سرون پٽي ويا آهن.

مون کي ياد آهي ته محترمھ  وزير اعليٰ  توھان ان معاملي جي حساسيت کي محسوس ڪندي ڪنهن هنڌ اعلان ڪيو هو ته بهاول نگر سميت 4 پٺتي پيل ضلعن کي ترقي يافته ماڊل شهر ۽ ضلعا بڻايا ويندا، جيڪا تمام خوش آئند ڳالھه آهي. تنهن ڪري، سڀ کان پهريان توهان کي بهاولنگر کي سماجي ۽ معاشي طور تباهه ٿيل ضلعو قرار ڏيڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي. ان کي 10 سالن لاءِ ٽيڪس فري صنعتي زون قرار ڏنو وڃي ۽ صنعتڪاري لاءِ رعايتون ڏنيون وڃن. ميڊيڪل ڪاليج ۽ماءُ ٻار جي اسپتال جي تعمير مڪمل ڪريو، هيڊ سليمانڪي، مروٽ کان بهاولنگر ۽ بهاولپور تائين ريلوي لائين بحال ڪري ريل سروس وري بحال ڪئي وڃي. چولستان جي 7 لک ايڪڙ زمين جي آبپاشي  ۽ اتي  پاڻ پوکيءَ لاءِ بي زمين ھارين ۾ الاٽ ڪئي وڃي. زرعي تحقيقي ڪاليج، استادن ۽ نرسز ٽريننگ ڪاليج ۽ ٽيڪنالاجي جا ادارا قائم ڪيا وڃن. صحت ۽ تعليم جي لاءِ ھڪ مربوط صحت عامھ جو نيٽ ورڪ جوڙيو وڃي.بالغن جي تعليم لاءِ بيروزگار گريجوئٽس   اڳتي اچن. ترقي ۾ عورتن جي برابري جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي. پوليس  ظلمن کي ختم ڪريو.پٺتي پيل ضلعن لاءِ هڪ مربوط ڊولپمينٽ ڪميشن ٺاهيو جيڪا مٿان کان ھيٺ ترقي لاءِ عوامي شرڪت سان جٽادار ماڊل جوڙيو وڃي.ذمي دار ٻه طرفي  ضلعي حڪومتون جوڙيو ۽ انھن کي ڪل اختيار منتقل ڪيو.

ھر ضلعي ۾ انٽيگريڊ ريسرچ اينڊ پلاننگ ڪميشن قائم ڪئي وڃي. لاهور جي سينٽرل سول سيڪريٽريٽ جي جاءِ تي  ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ بھاولپور  جوڙي ان کي مضبوط ڪيو وڃي.2029ع تائين صوبي ڏکڻ پنجاب  ٺاهڻ لاءِ ھاڻي ئي ان جي ابتدا ڪريو.اوھان جي تجسس ڀريل اکين جي نظر؛

 

تم ہی سمجھ لو، تم ہو مسیحا
میں تو جانوں، درد کدھر ہے

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.