پاڪستان جو معاشي زوال ۽ بلاول ڀٽي جو پروگرام

تحرير: سڪندر چنو

تازو انگن اکرن مطابق پاڪستان جي ترقي ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. عام ماڻهوءَ جي آمدنيءَ مان خبر پوي ٿي ته معاشي ترقي وارو ڦيٿو تيز هلڻ بدران سست ٿيندي سندس رفتار ڍري ٿيندي پئي وڃي. ان ڪري ته 10 فيبروري ۾ عوامي راءِ ۽ ماڻهن جي وڏن وڏن ميڙن مان آواز ٻڌندي ڏٺاسين جنهن ۾ چيو ويو ته نوجوان ۽ باصلاحيت اعليٰ تعليم يافته ۽ سياستدان بلاول ڀٽو زرداري کي گڏيل ۽ هڪ آواز ٿيندي وزارت عظميٰ واري منصب تي ويهارڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪليدي ڪردار ادا ڪيو وڃي. پر ن ليگ ان ڳالهه تي ضد ڪيو ويو ته اسين پي پي کي حڪومت ۾ حصيداري ته ڏيئي سگهون ٿا پر پي پي کي وزارت عظميٰ جي ڪرسي نٿا ڏيئي سگهون.

اهو ضد صرف نواز شريف ۽ مريم نواز جو هيو. جيڪي پنهنجي انا جي خاطر ۽ تسڪين لاءِ پي پي کان نه رڳو وزارت عظميٰ کسي ورتي پر پاڪستان کي به معاشي طور هڪ وڏي اونهي پاڻيءَ جي ڪن ۾ ٻوڙي ڇڏيو. جيڪڏهن اڄ بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزيراعظم هجي ها ته پاڪستان جو معاشي منظرنامو مورڳو تبديل ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي ها. ڇاڪاڻ ته فيبروري کان گهڻو اڳ يعني پي ڊي ايم حڪومت جي آخري پساهن ۾ پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري هڪ پريس ڪانفرنس وسيلي اعلان ڪيو هو ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻايو ويو ته ٻاهران 100 ارب ڊالرن جي سيڙپ ڪاري لاءِ سيڙپ ڪارن کي آڻڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندو ۽ پنهنجو سياسي ڪردار ادا ڪندو. اهيو پيغام اڻ سڌيءَ طرح اسٽيبلشمينٽ کي به ڏيئڻو هيو پر جيئن ته نواز شريف سان تقريبًا معاملا طئي ٿي چڪا هئا. ان ڪري بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بنائڻ لاءِ راند ۾ اڇلايل آصف زرداري وارو پتو ڪامياب نه ٿي سگهيو.

ڏٺو وڃي ته ن ليگ کي مليل حڪومت به ڪنهن ٻئي قيدي جي چورايل ميڊينٽ خيرات ۾ مليل آهي. پاڪستان جي معيشت 1965-1990 جي ڏهاڪن ۾ ڀارت جي مقابلي ۾ تمام گهڻي بهتر هئي. 1991-1992 ۾ 6 سيڪڙو کان به وڌيڪ ترقي ٿي رهي هئي. ۽ 15 سالن اندر پاڪستان جي ترقي 3.4 سيڪڙو جي حساب سان مسلسل هيٺ ڪرندي رهي ۽ پاڪستان تباهي طرف وڌندو رهيو. جيڪڏهن شهباز شريف حڪومت وڌيڪ اڃان ڪجهه سال رهي ته پاڪستان جو ترقي يافته ٿيڻ جي بدران پاڪستان ۾ غربت، افلاس ۽ بيروزگاريءَ ۾ رڪارڊ اضافو ٿيندو.

ڀارت 1990 کان وٺي اڄ تائين مسلسل ترقي جي راهن تي گامزن آهي اهوئي سبب آهي جو هن وقت ڀارت جي ناڻي جا ذخيرا 646 ارب ڊالرن تائين پهتل آهن ۽ پاڪستان جي ناڻي جا ذخيرا صرف 15 ارب ڊالرن جي بلند ترين سطح تائين پهچي چڪا آهن. پاڪستان جي معيشت اسان جي اکين آڏو هڪ وڏي سامونڊي پاڻيءَ جي ڪن يعني برمودا ٽرنگل ۾ ٻڏي رهي آهي. بچائڻ جو فارمولو صرف ۽ صرف پي پي وٽ آهي پر افسوس ڪجهه قوتون ملڪ جا فيصلا ڪندڙن جي سوچ ڌوکو کائي رهي آهي. ن ليگ جي وس ۾ اهڙو ڪوبه جادوئي اثر ناهي جو ملڪي معيشت کي بچائي سگهي. ن ليگ اندر ڪجهه ڌڙا خاموش تماشائيءَ وارو ڪردار ادا ڪندي چپ جو روزو رکيون ويٺا آهن.

1965 ۾ پاڪستان جي جي ڊي پي شرح تيزيءَ سان وڌي رهي هئي ان وقت آبادي 2.5 سيڪڙو سان وڌي رهي هئي. 1965 ۾ نفوس جو تعداد به گهٽ هيو. هن وقت معيشت موجوده حڪومت جي ريڊار تي ڄڻ آهي ئي ڪونه. 1990 ۾ پاڪستان ڀارت سان معاشي طور مقابلي لاءِ ميدان ۾ بيٺل رهيو. ان کان پوءِ پاڪستان جي معيشت زمين بوس ٿيندي پئي وئي. ڀارت پنهنجي ترقي جي رفتار کي برقرار رکيون پيو اچي. 2007 يا 2008 کان پوءِ پاڪستان جي معيشت بهتر هئي. 2013 کان پوءِ پاڪستان جي معيشت پويان پير ڪيا.

سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته 1990 جي ڏهاڪن ۾ پاڪستان جي معيشت جي بدحالي ڇو ٿي؟ منهنجي خيال ۾ جلد جلد حڪومتن جي تبديليءَ جي ڪري به فرق آيو گردشي قرضن ۾ اضافو، آءِ ايم ايف جا سخت معاشي پروگرام، وياج جي شرح ۾ اضافو، بي معنيٰ يا بلاجواز عوام مٿان ٽيڪسون مڙهڻ، پ پ  جي پهرين دور حڪومت ۾ جڏهن ملڪ جو صدر آصف زرداري چونڊجي آيو آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو تقريبًا حاصل ڪيو ويو. هو ڇاڪاڻ ته ان دوران پ پ 5 سال حڪومت جا ڏينهن پورا ڪيا. ان ڪري پ پ  جيڪي معاشي پروگرام بڻايا اهي ڪامياب ويا. ان وقت به ڪرپشن ٿي پر ادارا پوءِ به پاڻ ڀرا ٿي رهيا هئا ۽ عوام مٿان ڳرا ٽيڪس نه مڙهيا ويا. پيٽرول سستو ۽ بجلي سستي هئي. صنعت ۽ زراعت ترقي ڪري رهي هئي. آصف زرداري صرف سياست ۾ ڏاهو ڪونهي پر مان سمجهان ٿو ته معاشي ماهر به آهي. بينڪنگ جو شعبو ترقي ڪري رهيو هيو ريئل اسٽيٽ به ترقي جون منزلون طئه ڪري رهي هئي. هن وقت پاڪستان مٿان قرض وڌي رهيا آهن. ڏٺو وڃي ته ڀارت ۽ پاڪستان جو پبلڪ سيڪٽر ساڳيو آهي ٻئي ملڪ برابر غريب آهن. پر ڀارت اعليٰ تعليم تي وڏو ڌيان ڏئي رهيو آهي تعليم جو معيار ڀارت جو پاڪستان کان بهتر آ. ڇاڪاڻ ته ڀارت ۾ تعليم جي سڌاري ۾ ڪرپشن زيرو ٽالينرس آهي. ڀارت جي دوائن جو معيار پاڪستان کان گهڻو بهتر آ. پاڪستان جو دوائون غير معياري آهن. ڀارت سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ۾ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيو آهي. ڀارت پنهنجي معيشت تي ڌيان ڏيئي رهيو آ. پاڪستان پنهنجي معيشت کي تباهه ڪرڻ تي ڌيان ڏيئي رهيو آ. جيو پوليٽڪس سبب ڀارت دنيا جو محبوب بڻيل آهي. ان کان علاوه پاڙيسري ملڪ بنگلاديش جي معاشي ترقي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. 30 جون 2024 بنگلاديش جي معيشت جي شرح 6.1 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. 2024 ۽ 2025 ۾ ملڪ ۾ گهريلو پيداوار 6.6 سيڪڙو رهندي. پاڪستان بنگلاديش کان گهڻو پوئتي بيٺل آهي. اهوئي سبب آهي جو سعودي عرب بنگلاديش کي ملڪ ۾ بجلي شعبن کي بهتر ڪرڻ لاءِ 1.8 ارب ڊالرن جو قرض ڏنو آهي. پاڪستان تي دنيا جو ڪوبه ملڪ اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. پاڪستان جي مستقبل، سياست ۽ معاشيات بابت فيصلا ڪندڙن وٽ اڃان به موقعو آهي ته نوجوان، باصلاحيت ۽ ملڪ جي وڏي پارٽي جو اڳواڻ سياستدان بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جي ۽ عوام جي خدمت لاءِ موقعو ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزيراعظم ٿئي ٿو ته ملڪ جي عوام کي يقين آهي ته ملڪ معاشي طور ترقي ڪندو. ۽ عوام کي وڏو رليف ملندو. ملڪ ۾ معيشت کي هلائڻ لاءِ سستي بجلي ڪارخانن کي ميسر هوندي ۽ بجلي جي مهانگائي هجڻ سبب جيڪي ڪارخانا بنگلاديش منتقل ٿي ويا آهن اهي واپس پاڪستان ايندا ۽ قدرتي وسيلن سان مالامال پاڪستان ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.