ملت ايڪسپريس واقعو، مريم کي پوليس اهلڪار تشدد ڪري قتل ڪيو: وارثن جو الزام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ چني ڳوٺ ريلوي اسٽيشن ڀرسان ملت ايڪسپريس مان مبينا طور ٽپو ڏئي آپگهات ڪندڙ عورت جي وارثن الزام هنيو آهي ته مريم کي پوليس اهلڪار تشدد ڪري قتل ڪيو آهي.
ريلوي کاتي معاملي جي جاچ لاءِ چار رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڊي آءِ جي ريلويز پوليس ڏکڻ زون کي ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.
واضح رهي ته 7 ۽ 8 اپريل جي وچين رات مريم بي بي نالي عورت ٻارن سان گڏ ملت ايڪسپريس ۾ ڪراچي کان فيصل آباد وڃي رهي هئي، سفر دوران عورت تي پوليس اهلڪار تشدد ڪيو ۽ ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ تقريبن صبح ساڍي 6 وڳي عورت جو لاش هٿ آيو.
عورت تي ٻارن سامهون تشدد جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي، جيڪا هڪ مسافر رڪارڊ ڪئي هئي.
وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ريلوي اختياريون حرڪت ۾ آيون ۽ ريلوي ترجمان بيان ۾ چيو هو ته عورت هلندڙ ريل تان ٽپو ڏنو.
مريم بي بي جي ڀاءُ محمد افضل صحافين کي ٻڌايو ته سندس ڀيڻ ٻارن سان گڏ ملت ايڪسپريس تي ڪراچي کان فيصل آباد جو سفر ڪري رهي هئي، 8 اپريل تي فون آئي، فون ڪندڙ پنهنجو واسطو بهاولپور پوليس سان ٻڌايو ۽ چيو ته چني ڳوٺ وٽ مريم بي بي نالي هڪ عورت هلندڙ ريل مان ٽپو ڏنو آهي.
محمد افضل موجب اسان حادثو سمجهي هڪ ڏينهن پوءِ 9 اپريل تي ڳوٺ ۾ پنهنجي ڀيڻ جي جنازي نماز ادا ڪئي ۽ کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو، تدفين جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ئي هڪ دوست وڊيو شيئر ڪئي، جيڪا مريم جي آهي، وڊيو ڏسڻ کانپوءِ ساڻس گڏ سفر ڪندڙ ٻارن کان پڇيو ته انهن واقعي بابت ٻڌايو.
هن الزام هنيو ته اهلڪار اسان جي ڀيڻ تي تشدد ڪري کيس قتل ڪري لاش ٽرين مان اڇلائي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.