ڊاڪٽر عاصم منير ڊاڪٽرائن ۽ ھڪ نقطھ نظر

تحرير: اختر حسين

اسان جي ملڪ جي ڪجھه صحافين جو مان قدر ڪريان ٿو ۽ انھن جي مضمونن ۽ ڪالمن کي ڌيان سان پڙھان ٿو.توڻي جو انھن سان اتفاق ڪندو ھجان يا نھ. انھن ۾ ھڪ معتبر نالو سليم صافي جو آھي.جنھن جي تجزئين ۽ تبصرن ۾ گھڻي سمجھداري ۽ سنجيدگي ھوندي آھي.ھن جو روازني جنگ ۾ تاريخ 27 ۽ 28 جنوري 2024 ع تي ھڪ ڪالم جنرل عاصم منير جي ڊاڪٽرائن جي عنوان سان شايع ٿيو، ان تي تبصرو ڪندس. پر ھن جنرل صاحب جي تقرير جيڪا ھن ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جي اھتمام تحت سڄي ملڪ جي يونيورسٽين جي نمائندا اٽڪل ٻھ ھزار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ وائس چانسلرز جي سامھون جيڪا ٽن ڪلاڪن تي ٻڌل ھئي جئين جو تئين شايع ڪري ڇڏي.

سليم صافي موجب ھن جو خطاب ايترو جامع ۽ مفصل ھو جو ان بعد نگران وزيراعظم جناب انوارالحق ڪاڪڙ کي گھرايو ويو تھ اھو رڳو ايترو چئي سگھيو تھ آرمي چيف جي خطاب بعد ھن وٽ چوڻ جي لاءِ ڪجهھ بھ نھ آھي.ھونئن بھ اسان جي ملڪ ۾ شروع کان (فيلڊ مارشل ايوب خان کان جنرل عاصم منير تائين ) آرمي چيف بعد ڪنھن جي ڪا حيثيت ناھي ھوندي.مان سوچيندو ھوس تھ پاڪستان جي 76سالن جي تاريخ جي مختلف تجربن کانپوءِ جتي دنيا ۾ بي پناھ سائنسي،معاشي،سياسي ۽ سماجي تبديليون اچي ويون آھن.جنھن ۾ ڪولڊ وار  دوران ھندوستان جو ورھاڱو ۽ پاڪستان وجود ۾ آيو،ڪھڙن ڪھڙن دورن مان اسين گذرياسين سامراجي فوجي معاھدن اسان جي معيشت تي ڪھڙا اثر وڌا، ان ڪولڊ وار جي خاتمي،سويت يونين جي ٽٽڻ،دنيا جي نئين صف بندي،نوان تجربا،سامراجي معيشت جي مقابلي ۾ چين جي اڀرندڙ اشتراڪيت پذير معيشت ۽نئين ڪولڊ وار جي شروعات نئين علائقائي صف بندي،سائين خاص ڪري انفارميشن ٽيڪنالوجي جو انقلاب جنھن انساني تھذيب ۽ ثقافت ۾ بي پناھ تبديليون پيدا ڪري ڇڏيون آھن ۽ پاڪستان جو ھاڻي بھ قبائلي جاگيرداري باقيات جو ملڪ آھي.جتي بنيادي جمھوري ادارا ۽ جمھوري قدر لڏن لمن پيا.حقيقي وفاقيت جي عدم قيام سان علحيدگيءَ ۽ مذھبي انتھاپسندي جون ھٿياربند تحريڪون آھن.تعليمي معيار انتھائي پوئتي پيل آھي.ارڙھين آئيني ترميم تحت 15 سالن جي عمر تائين تعليم لازمي ھئن باوجود ٻھ ڪروڙ 80 لک ٻار اسڪولن کان ٻاھر آھن.صحت تي ملڪ جي ٻھ سيڪڙو بجيٽ بھ خرچ نٿي ٿئي.ڪيئي ڏھاڪن کان مذھبي ۽ مذھبي انتھاپسندي جي تعليم ۽ تبليغ سڄي سماج کي تعصب ڀريو ۽ اڻ سھپ جو سماج بڻائي ڇڏيو آھي.ملڪ جو ٻاھريون قرض 128 ارب ڊالرن کان مٿي آھي.کربين رپين جو اندورني قرض ان کانسواءِ آھي.سمورن پاڙيسري ملڪن کان خاص ڪري ھندستان،ايران،افغانستان سان لاڳاپا خراب آھن.ملڪ ۾ غربت جي سطح 10 ڊالر ماھوار جي حساب سان 39 سيڪڙو آھي.يعني 24 ڪروڙ مان 9 ڪروڙ 60 لک ماڻھون غربت جي لڪير کان ھيٺ رھن ٿا.آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جون نيون پابنديون لڳن پيون،انھن معاشي،سياسي ۽ سماجي حالتن ۾ توقع ھئي تھ شايد پاڪستان جو عقلمند ترين ۽ بااختيار انسان جيڪو آرمي چيف ئي ٿي سگھي ٿو ۽ اھو دعويٰ بھ اھا ئي ڪري ٿو.پاڪستان جي اندر نيون تبديليون ۽ ترقي جي ڊاڪٽرائن سان انھن ھزارين نوجوان جن کي اھو خطاب ڪري رھيو ھو ۽ لکين جن کيس ٻڌو ھو.بشمول اسان جي سول حڪمرانن ۽سموريون سياسي پارٽين جي،جيڪي اڳواڻي ڪندا.

ھن پنھنجي تقرير جي شروعات علامھ اقبال جي شعر سان ڪئي.

اس قوم ڪو شمشير ڪي حاجت نھين ھوتي.

ھو جس ڪي جوانون ۾ خودي ڪي فولاد.

پر نوجوانن کي اھو نھ ٻڌايو تھ انھن ۾ خودي ڪئين پئدا ٿيندي ۽ خودي فولاد جي صورت ڪئين بڻجندي.پوءِ ھن علامھ اقبال جي خودي واري فلسفي جي تشريح ڪرڻ کانسواءِ فورن چيو تھ اسان جي ابن ڏاڏن ھندن کان آزادي حاصل ڪئي.ڇا ڪاڻ جو  اسان جو مذھب اسان جي تھذيب اسان جو رھڻ ڪھڻ انھن کان مختلف آھي ۽ برطانيا تي پنھنجي برتري ظاھر ڪندي چيو تھ اتي عورتن کي ووٽ جو حق 60 جي ڏھاڪي ۾ ڏنو ويو.جڏھن تھ اسان کي 1947ع ۾ ملي ويو.ٻيو پاڪستان ۽ مديني جي رياست يا رياست يثرب ۾ھڪجھڙائي بيان ڪئي.تھ ٻنھي جو بنياد ھجرت تي آھي يعني اسان جي پھرين ھجرت خلافت تحريڪ دوران ۽ ٻي پاڪ ھند ورھاڱي وقت“

افسوس سان چوڻو پئي ٿو تھ توھان نوجوان نسل کي ڪھڙو فڪر ڏئي رھيا آھيو ۽ ڪھڙي تربيت ڪري رھيا آھيو،ڇا اسان آزادي انگريز سامراج کان حاصل ڪئي ھئي يا ھندن کان.يعني نوجوان نسل اڳيان انگريز سامراج جو ذڪر بھ نٿا ڪرڻ چاھيون.جن سئو سالن کان وڌيڪ اسان تي يعني سڄي ھندوستان تي حڪومت ڪئي ۽ اسين انھن جي معاشي ۽ سياسي غلامي ۾ رھياسين.ان کان اڳ ڪيئي صديون ننڍي کنڊ ھندوستان ۾ ھندو مسلم بلڪھ ڪيترن ئي مذھبن کي مڃيندڙ پنھنجي پنھنجي تھذيب ۽ تمدن سان گڏ رھندا ھئاسين جتي مسلمانن اٽڪل ٽي سئو سال حڪومت ڪئي ۽ انگريز مسلمان (مغل) بادشاھت جو خاتمو ڪيو.1857ع کان 1947ع تائين اسين آزادي جي جدوجھد جي ڪھڙن ڪھڙن مرحلن مان گذرياسين،منگل پانڊي کان ويندي لالا لجپت راءِ،اشفاق اللھ خان  ڀڳت سنگھھ سميت مختلف مذھبن سان تعلق رکندڙ اڻ ڳڻيا ھيروز ۽ ھزارين ماڻھن آزادي جي لاءِ پنھنجون جانيون قربان ڪيون.انھن ھيروز جي قربانين جو ذڪر ڪري ئي نوجوانن جو خودي جو جذبو بلند ٿيندو.ھي ئي اھو وقت آھي جو اسين پنھنجي نئين نسل کي حقيقي آزادي جي فڪر سان ھٿياربند ڪريون.

ھندوستان جو ورھاڱو ۽ پاڪستان جي قائم ٿيڻ جا سبب تھ بلڪل مختلف آھن ۽ يقينن معاشي ۽ سياسي آھن.مسلمان معاشي ۽ سماجي طور تي پوئتي ڪئين رھجي ويا ھئا ۽ غير مسلمانن جي بلادستي جي خوف ۾ ورتل ڇو ھئا. ان جو جدا تفصيل بيان ڪري سگھجي ٿو تھ ان ۾ ھندو مسلم ورھات جي لاءِ انگريز سامراج جون سازشون ڪيتريون ھيون ۽ قائد اعظم سان مسلم ليگ جي جائز مطالبن جي خلاف ڪانگريس جي ليڊرشپ جي ھٺ ڌرمي يا تنگ نظري ڪيتري ھئي،ڇو ته 1946ع جو ڪيبنٽ مشن پلان يعني ھندوستاني يونين کي قائم رکندي (اي ،بي سي.) پلان کي قائد اعظم ۽ مسلم ليگ تسليم ڪري ورتو ھو (يعني ھاڻوڪي پاڪستان جي علائقا اي. بنگال ۽ آسام .بي“ باقي ھندوستان .سي. ٽئي داخلي طور تي خودمختيار اڪايون ھونديون ۽ ھندوستاني يونين وٽ رڳو ٽي کاتا پرڏيھي،دفاع ۽ مواصلات ئي ھوندا) جنھن کي مولانا ابوالڪلام آزاد پڻ ڪانگريس جي صدر جي حيثيت سان تسليم ڪري ورتو ھو،پر مولانا جي مطابق ان وقت ڪانگريس جون چونڊون ٿي رھيون ھيون ۽ ھن چاھيو پئي تھ ترقي پسند نوجوان قيادت بڻجي.ھن جواھر لعل نھرو جو نالو پيش ڪيو ۽ نھرو صدر چونڊڻ بعد ھڪ سوال تي چيو تھ اي،بي.سي پلان جو فيصلو ايندڙ پارليامنيٽ ڪندي يعني ان جي انڪار ڪري ڇڏڻ بعد قائد اعظم چيو تھ ھاڻي ورھاست کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نھ آھي.سامراجي سازشن ۽ رٿابندي جي حوالي سان مونکي ياد آھي تھ ٻي مھاڀاري جنگ دوران جڏھن ڪئٽ انڊيا موومنٽ ،يعني ھندوستان ڇڏي تحريڪ ھلي رھي ھئي.ڪجهھ گروپن ۽ تنظيمن انگريزن خلاف ھٿياربند جدوجھد جي تحريڪ ھلائي رھيا ھئا. ان بابت نيريندر سنگھه سريلا ( جيڪو ھندستان جي آخري وائسراءِ لارڊ مائونٽ بيٽن جي اي ڊي سي ھو) ان پنھنجي ڪتاب ”ان ٽولڊ اسٽوري آف پارٽيشن “( جيڪو آمريڪن ۽ برطانيو سيڪريٽ لک پڙھ ۽ ڊاڪيومينٽس جي بنياد تي لکيل آھي، جيڪو بعد ظاھر ڪيا ويا) ۾ لکي ٿو تھ 1942ع ۾  آمريڪي صدر فرينڪلين روز ويلٽ برطانيھ جي وزيراعظم چرچل کي لکيو تھ توھان اعلان ڪندا تھ جنگ بعد برطانيا ھندوستان کي آزاد ڪري ڇڏيندو.سندس خيال ۾ ان اعلان سان ھندوستان جي سياسي جماعتن سان مذاڪرات جا دروازا کلي ويندا،پر چرچل جي ان لاءِ تيار نھ ھو.ھن جو خيال ھو تھ اڃان وڌيڪ ٻھ سال حڪومت ڪندو،پر ان بعد اھو بحث شروع ٿي ويو تھ جيڪڏھن برطانيا ھندوستان ڇڏي ڏنو تھ ھن خطي ۾ برطانوي ۽ آمريڪي معاشي مفادن جو دفاع ڪير ڪئين ٿيندو،ڇاڪاڻ جو ھوڏانھن سويت يونين مان خطرو ھو.پوءِ شيف گلف ۽ وچ اوڀر ۾ مفاد ھئا.تنھنڪري ھيءَ تجويز آئي تھ انھن علائقن ۾ فوجي اڏا قائم ڪيا ويندا.

موجودھ پاڪستان جي علائقي اتر اولهه سرحد ۽ ڪراچي وغيرھ جي بھ نشاندھي ڪئي وئي ھئي.تنھنڪري ان تي ڳالھيون شروع ٿيون تھ ڪانگريس جي قيادت تھ صاف انڪار ڪري ڇڏيو تھ اھا ڪنھن بھ صورت ۾ ڪو بھ اڏو قائم ڪرڻ جي اجازت نھ ڏيندي،پر مسلم ليگ جي قيادت اتفاق ڪري ورتو،ان ڪري اوھان ڏسندا تھ پاڪستان جڙڻ جي ڪجهھ سالن جي اندر پاڪستان برطانيا ۽ آمريڪا سان دفاعي معاھدن تي 1954ع ۾ بغداد پيڪٽ،1955ع ۾ سيٽو ۽ سينٽو جھڙا دفاعي معاھدن ۾ ٻڌجي ويا،ياد رھي تھ اھي معاھدا رڳو سويت يونين ۽ ڪميونسٽ ملڪن ۽ سوشلسٽ تحريڪن خلاف ھئا،پاڪستان جي دفاع جي لاءِ نھ ھئا.ڇاڪاڻ جو جيڪڏھن اھي پاڪستان جي دفاع جي لاءِ ھجن ھا تھ پوءِ گھٽ ۾ گھٽ 1965ع۽ 1971ع جي ھندستان سان جنگ ۾ مدد ڪن ھا.

انھن سامراجي دفاعي معاھدن ۽پنھنجي معيشت ۽ سياست کي اولھھ جي حوالي ڪرڻ سان پاڪستان کي ڪھڙا سياسي ۽ معاشي مفاد حاصل ٿيا ۽ پوءِ اسان 1977ع ، 1978ع ۽ 1980ع جي ڏينهن کان آمريڪا جي اتحادي طور افغانستان ۾ سويت يونين جي خلاف جيڪا مذھبي جھادي پاليسي اختيار ڪئي وئي، ان جا پاڪستان جي معيشت و سياست ۽ سموري سماج تي اثر پيا.اھي، آئيندا جون پاليسين مرتب ڪرڻ جي لاءِ نوجوان نسل جي سامھون بيان ڪرڻ جي ضرورت آھي.تھ جئين اھي نئين وزن سان مستقبل جي تعمير ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگھن،پر ان تي جنرل صاحب ھڪ لفظ بھ نھ ڪڇيو.ھن برطانيا جي پنھنجي برتري ثابت ڪرڻ جي لاءِ عورتن کي ووٽ کي ووٽ جي حق جي ڳالھھ ڪئي پر ان تي بھ سندس مطالعي جي لاءِ عرض ڪريان تھ برطانيا ۾ عورتن کي ووٽ جو  حق 60 جي ڏھاڪي ۾ ناھي مليو،بلڪھ 1918ع ۾ دي پارليامينٽ (ڪواليفڪيشن)آف ويمن  ايڪٽ 1918ع جي تحت مليو ۽ ھندوستان ۾ برطانيا گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1919ع جي قانونن جي تحت محدود حق ڏنو جيڪو رڳو آمدني رکندڙ عورتن کي حاصل ھو ۽ بعد ۾ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع جي تحت مڪمل ووٽ جو حق مليو.

جيتري قدر پاڪستان  ۽ رياست مدينا يا رياست يثرب ھجرت جي حوالي سان ھڪجھڙائي جو تعلق آھي،ان ۾ ڪا بھ ھڪجھڙائي نھ آھي.مڪي کان مديني ڏانھن ھجرت جو تھ مسلمانن کي علم ھو ،پر برصغير ۾ پھرين ھجرت جون 1922ع ۾ شروع ٿي اھو اصل ۾ برطانيا کان آزاديءَ جي لاءِ ھئي.جيڪا غيرمنظم ۽ ناقص حڪمت عملي رڳو جذباتيت ۾ کنيل قدم سبب ناڪام ٿي ۽ مسلمان سخت عذاب ۾ مبتلا ٿيا. ڪجهھ ذڪر ان ھجرت جو بھ ڪندا ھلون،اھا ھجرت 1920ع کان شروع ٿي،پھرين مھاڀاري جنگ 1918ع ۾ ختم ٿي،تھ آمريڪا،وچ اوڀر ۽ يورپ ۾ ڦھليل ترڪي جي وڏي سلطنت پڻ خلافت عثمانيھ جي ھٿ مان نڪري ڪري انگريزن،فرانسسين ۽ ٻين يورپي قومن جي قبضي ۾ ھلي وئي،ھندوستان جي مسلمان اڳواڻن خلافت تحريڪ شروع ڇو ڪئي ؟ ڇاڪاڻ جو اھا بنيادي طور تي انگريزن جي خلاف ھئي،مھاتما گانڌي ۽ ڪانگريس بھ ان جي حمايت شروع ڪري ڇڏي،پر قائد اعظم ۽ مسلم ليگ حمايت نھ ڪئي ھئي.ھندستاني مسلمانن ۾ انگريزن خلاف ڪاوڙ گھڻي ھئي،ھوڏانھن افغانستان ۾ امان الله بادشاھ مسلمان ھو،تنھنڪري عالمن پنھنجي جوشيلي تقريرن ۾ ۽ پنھنجي فتويٰ سان اھو چوڻ شروع ڪيو تھ ھندستان دالحرب آھي،جتي انگريزن جي حڪمراني آھي.تنھنڪري اسان کي افغانستان جيڪو دارلاسلام آھي،اوڏنھن ھجرت ڪرڻ گھرجي.مقصد ھو تھ اتي وڃي افغان حڪمرانن جي مدد سان انگريزن خلاف جھاد ڪرڻ گھرجي.اھا ھجرت تحريڪ ڪنھن بھ ريت ھندوئن جي خلاف نھ ھئي.اھا ڪا باقاعده منظم ۽ ڪنھن جي قيادت تحت نھ ھئي.تنھنڪري ھندوستان جي کائيندڙ پيئندڙ وچولي ڪلاس جي مسلمانن جھاد جي جذبي ۾ اچي ڪري پنھنجون جائيدادون،گھر ۽ سامان وڪڻي ڪري ھجرت شروع ڪئي ۽ جڏھن مھاجر افغانستان پھتا تھ انھن سان ڪھڙو حشر ڪيو ويو ان جي تاريخ شاھد آھي.اھو سلسلو 1920ع کان ويندي سپٽمبر 1920ع تائين ھلندو رھيو ۽ پوءِ ڪھڙي ريت انھن مھاجرن کي لٽيو ويو ۽ افغانن،ترڪمانن ۽ ٻين ھٿان انھن جو قتلام ٿيو ان جي بھ تاريخ شاھد آھي.ھجرت ڪندڙ مسلمانن تھ مسلمانن جي ھٿان تباھ ٿي ويا،پر باقي ھندستان ۾ مسلمانن تي ان جا انتھائي منفي اثر پيا. ھڪ تھ ھجرت ڪندڙ مسلمان جو تعلق خوشحال  ۽ وچولي طبقي سان ھو جيڪو ھجرت ڪري ويو باقي رھجي ويل مسلمان وڌيڪ تعليم،معاشي ۽ سماجي پسماندگيءَ جو شڪار ٿيا.

ننڍي کنڊ جي ٻي ھجرت تھ ورھاڱي جي نتيجي ۾ ٿي.جيڪا ورھاڱي جو لازمي جز ھئي ۽ شايد مسلم ليگ جي قيادت ان جي شدت ۽ اثرن کي سمجھي نھ سگھي ھئي.سرسري جائزي بعد اسين اھو چئي سگھون ٿا تھ ننڊي کنڊ جي انھن ٻنھي ھجرتن جي مديني جي ھجرت سان ڪا بھ ھڪجھڙائي نھ آھي.پر جئين تھ اھا ڳالھھ پاڪستان جي طاقتور ترين شخصيت چئي آھي تھ ان جو تجزيو سليم صافي ۽ حامد مير جھڙين شخصيتن بھ نھ ڪيو.پر منھنجو خيال آھي تھ پاڪستان جو نوجوان نسل انھن حقيقتن تي ضرور غور ڪندو.

(ليکڪ: سپريم ڪورٽ جو سينئر ايڊووڪيٽ

۽ عوامي ورڪرز پارٽي جو صدر آهي)

(ھلندڙ)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.