پاڪ-ايران گئس منصوبو ۽ حڪومت کي سخت فيصلا ڪرڻا پوندا

تحرير: نثار لغاري

پاڪستان ۾ توانائيءَ جي وڌندڙ گهوٽالي دوران ايران ساڻ هڪ ڏهاڪي کان پوئتي پيل گيس پائيپ لائين رٿا تي عمل درآمد جو بحث جاري آهي. ان سان گڏ و گڏ هيءُ سوال به ويچار هيٺ آهي ته ڇا اسلام آباد ان رٿا تي آمريڪي مخالفت جي باوجود ڇوٽ وٺي سگهندو؟

اهو بحث اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن هلندڙ مهيني عيد کان پوءِ ايران جو صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جو دورو ڪري سگهي ٿو. ان بابت چيو پيو وڃي ته ايران جي صدر جي اسلام آباد پهچڻ تي گيس پائيپ لائين رٿا تي به اڳڀرائي ٿي سگهندي.ان کان اڳ فيبروريءَ ۾ پاڪستان جي توانائيءَ بابت ڪابينا ڪاميٽيءَ ان رٿا هيٺ ايران جي سرحد کان وٺي بلوچستان جي سامونڊي ڪناري واري شهر، گوادر تائين پائيپ لائين وڇائڻ جي منظوري ڏني هئي.

پيٽروليم جي وفاقي وزير سينيٽر مصدق ملڪ چئي چڪو آهي ته آمريڪي پابندين کان ڇوٽ گهُرنداسين ۽ اها ڳالھه ته پاڪستان ايران گيس پائيپ لائين رٿا ۾ پابنديون سهي نه سگهبيون.پر تازو آمريڪي ڪانگريس ۾ بريفنگ دوران، آمريڪا جي پرڏيهي ناتن واري معاون وزير ڊونلڊ لو واضح ڪيو هو ته آمريڪا ان پائيپ لائين جي حمايت نه ڪندو. هن اهو به چيو ته اسلام آباد ان ڏس ۾ آمريڪي پابندين کان ڇوٽ وٺڻ جي ڪا درخواست نه ڏني آهي.ماهرن چيو آهي ته ايران کان توانائي درآمد ڪرڻ جي لاءِ آمريڪي پابنديون سڀني جي لاءِ هڪ جهڙيون ناهن. جيڪي ملڪ اڳتي وڌي ايران کان گيس ۽ تيل حاصل ڪرڻ گهُرن ٿا انهن منجهان ڪن کي ڇوٽ ڏني وئي آهي، جنهن جو هڪ مثال ڀارت آهي.

بين الاقوامي ناتن جي ماهر، ڊاڪٽر هما بقائيءَ چيو آهي ته پاڪستان کي توانائيءَ جو سخت گهوٽالو درپيش آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آمريڪا کان ڪا مدد نه ملي آهي. ان جي ڪري، هاڻي پاڪستان ڪجهھ ڏکيا فيصلا ڪري سگهي ٿو.

سندس چواڻي، ان ڳالھه جا آثار نظر اچي رهيا آهن ته پاڪستان آمريڪا جي مخالفت جي باوجود ايران سان گيس پائيپ لائين جي معاملي تي اڳتي وڌندو.

توانائيءَ جي ماهر ۽ پاڪستان اليڪٽرڪ پاور ڪمپنيءَ جي اڳوڻي مينيجنگ ڊائريڪٽر، انجنيئر بشارت چيما چيو آهي ته پاڪستان عالمي قانون جي پابندي ڪرڻ وارو ملڪ آهي، ان جي ڪري اسلام آباد چاهي ٿو ته ايران سان گيس پائيپ لائين رٿا جي ڪري ملڪ پابندين جي سٽ ۾ نه اچي.

هن چيو ته ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ گيس جي ضرورت ان جي ڪري به گهڻي آهي جو ان جي ورهاست جو نيٽ ورڪ سموري ملڪ ۾ اڳ ۾ ئي موجود آهي. ان نيٽ ورڪ کي رڳو ايران سرحد سان ملائڻ سان سڄي ملڪ ۾ توانائيءَ جي پهچ ممڪن ٿي ويندي.هن چيو ته ٻارڻ جي طور تي گيس ان جي ڪري به پاڪستان جي ترجيح آهي ڇو ته بجلي ٺاهڻ واريون ڪمپنيون به ان سان بجلي پيدا ڪري سگهن ٿيون ۽ ان سان پيٽرول جي درآمد کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو.

بشارت چيما چيو ته ايران سان گيس پائيپ لائين رٿا جي ڪري روزانو ٻه بلين ڪيوبڪ فٽ (بي سي ايف) تائين گيس حاصل ڪري سگهجي ٿي، جيڪا ملڪي ضرورت جو اڌ حصو پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪافي هوندي ۽ بيٺل صنعتن کي ٻيهر هلائي سگهجي ٿو.ٻئي پاسي، ايران اڳ ۾ ئي پاڪستان کي گيس پائيپ لائين رٿا مڪمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ بين الاقوامي ٽياڪڙائي ڪائونسل سان رجوع ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي چڪو آهي.طاهر چيما چيو ته ڪابينا ڪاميٽيءَ توانائيءَ جي ان حصي تي پائيپ لائين وڇائڻ جي منظوري ان جي ڪري ڏني آهي ته ايران جي پاران ڏنڊ کان بچي سگهجي، جيڪو هو عالمي ادارن جي ذريعي پاڪستان تي لڳائي سگهي ٿو.

جڏهن گيس پائيپ لائين رٿا تي ڪم جي شروعات ڪئي وئي هئي ته اها ’ايران، پاڪستان ۽ ڀارت گيس پائيپ لائين’ جي لاءِ هئي، جنهن هيٺ 2700 ڪلوميٽر ڊگهي پائيپ لائين وڇائڻي هئي پر بعد ۾ ڀارت ان رٿا کان جدا ٿي ويو هو. ڀارت ان رٿا جي لاءِ پاڪستان مان لنگهڻ واري پائيپ لائين جي سيڪيورٽيءَ جي ضمانت گهُري پيو ۽ ان کي بنياد بڻائي رٿا کان الڳ ٿي ويو هو.

ماهرن چيو آهي ته ايران کان توانائي درآمد ڪرڻ جي لاءِ آمريڪي پابنديون سڀني جي لاءِ هڪ جهڙيون ناهن. جيڪي ملڪ اڳتي وڌي ايران کان گيس ۽ تيل حاصل ڪرڻ گهُرن ٿا انهن منجهان ڪن کي ڇوٽ ڏني وئي آهي، جنهن جو هڪ مثال ڀارت آهي.بين الاقوامي ناتن جي ماهر، ڊاڪٽر هما بقائيءَ چيو آهي ته پاڪستان کي توانائيءَ جو سخت گهوٽالو درپيش آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آمريڪا کان ڪا مدد نه ملي آهي. ان جي ڪري، هاڻي پاڪستان ڪجهھ ڏکيا فيصلا ڪري سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.