ڪوٽڙي معصوم آسيه ۽ بدامني ۽ اسپتال عملي جي غفلت واري معاملي تي ڊسٽرڪٽ بار ڄامشورو جو اجلاس بدامني ۽ معصوم آسيه جي بيرحماڻي قتل واري معاملي تي ريزوليوشن پاس ڪندي آءِ جي سنڌ ڊي آءِ حيدرآباد، ڊي جي هيلٿ ۽ سيڪريٽري هيلٿ کي لکت ۾ شڪايت ڪري ڇڏي، ڄامشورو بار جي صدر نورالامين سپيو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ڄامشورو صلعي جي انتظاميا مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي جنهن ۾ وڌيڪ ذميوار ڄامشورو پوليس آهي چونڊيل نمائندن جا ٿافيل آفيسر عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ويا آهن ڄامشورو جي وڏي سرڪاري اسپتال جنهن جا الائي تہ ڪيترا نالا رکيا ويا آهن انهن مان هڪ بلاول ميڊيڪل ڪاليج بہ آهي جيڪا معصوم آسيه جو پوسٽ مارٽم به نه ڪري سگهي بلڪي ٽن ڪلاڪن تائين نينگري جي وارثن کي رلائيندي رهي انهن سمورن معاملن کي نظر ۾ رلندي ڄامشورو بار اهيو فيصلو ڪيو آهي ته اختيارين کي لکت ۾ شڪايتون ڪري پنهنجي شهر جي مالڪي ڪنداسين ان کان اڳ به ڄامشورو بار مظلومن سان گڏ بيٺي رهي آهي،