حيدرآباد (رپورٽر) ڪوٽڙي جي سياسي، سماجي اڳواڻن حبيب الرحمان لغاري، عبدالحميد لاکير، ديوان مهيش پاران ڪوٽڙي جي معصوم نينگري آسيا جي بي رحمنانه اغوا بعد قتل جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ڪوٽڙي اسپتال ۾ ڪروڙين روپيا بجٽ هجڻ جي باوجود نينگري جو پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ افسوسناڪ عمل آهي، اسپتال انتظاميا چند ماڻهن جي ور چڙهيل هجڻ ڪري بجٽ عام ماڻهن تي خرچ ڪرڻ بدران پنهنجا پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آهن، جن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. سياسي، سماجي اڳواڻن چيو ته بدقسمتي آهي ته جو معصوم نياڻي جو لاش ڪيترائي ڪلاڪ سول اسپتال ڪوٽڙي ۾ پيل رھيو، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ھيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ ڊجيٽل ايڪسري مشين ناھي، سول اسپتال حيدرآباد مان ايڪسپرٽ اوپنن ملي ويندو، ڊسٽرڪٽ ھيڊ ڪوارٽر اسپتال ڪوٽڙي ۾ جيڪي گذريل ڪيترن سالن کين عملو ويٺل آهي، اهي ئي اسپتال جي بجٽ کي هڙپ ڪري عام ماڻهو جي لاءِ نه دوا آهي ۽ نه وري ڪنهن مري ويل ماڻهن جو پوسٽ مارٽم لاءِ بهتر انتظام آهن، هنن مطالبو ڪيو ته معصوم نينگري آسيا جو پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ ۽ اسپتال ۾ ايندڙ ڪروڙين روپين جي بجٽ بابت جاچ ڪئي وڃي ته اها ڪٿي خرچ ٿين ٿا، ٻئي صورت ۾ اهڙن ڪرادارن خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.02