آسيه جي پوسٽ مارٽم ۾ دير ٿيڻ واري معاملي جو سيڪريٽري صحت نوٽيس ورتو

ڪوٽڙي سائيٽ جي محمود شاهه ڪالوني مان معصوم ٻارڙي آسيه جي پوسٽ مارٽم ۾ لاپرواهي ڪرڻ واري معاملي جون خبرون هلڻ کانپوءِ  سيڪريٽري صحت نوٽيس وٺندي معاملي جي رپورٽ  طلب ڪري ورتي آهي. 8 ورهين جي معصوم ٻارڙي آسيا ڌيءُ لياقت ھزارا جو گذريل ڏينهن تشدد ٿيل لاش ڪچري جي ڍير تان هٿ آيو هو، وارث ٻارڙي جو مڙھ ڊسٽرڪٽ هيڊڪواٽر اسپتال ڪوٽڙي ۾ کڻائي آيا ته اسپتال انتظاميا پاران لاپرواهي ڪندي معصوم ٻارڙي جي لاش جو پوسٽ مارٽم نه ڪرڻ ۽ سندس والد کي پوسٽ مارٽم جو سامان ٻاهران خريد ڪرڻ لاءَ پرچي ڏني وئي ڄاڻايل معاملي جي عوامي آواز ۾ خبر لڳڻ کانپوءِ سيڪريٽري هيلٿ طرفان سختي سان نوٽيس وٺندي ڊائريڪٽر جنرل هليٿ حيدرآباد کي جاچ جو حڪم ڏيندي رپورٽ طلب ڪري ورتي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.