ٽيڪس چورن جي نشاندهي مڪمل،عيد کان پوءِ موبائل سمون بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) ايف بي آر ملڪ ۾ ٽيڪس چورن جي نشاندهي ڪري ورتي آهي، ان حوالي سان عيد کانپوءِ موبائل سمز بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) 20 لک ٽيڪس / چورن جي نشاندهي ڪئي آهي، پر موبائيل ڪمپنين استدعا ڪئي آهي ته هو ايتري وڏي تعداد ۾ موبائل سمز کي بلاڪ نٿا ڪري سگهن، جنهن تي ايف بي آر عيد کانپوءِ پهرين مرحلي ۾ ٽيڪس چورن جون 5لک سمز کي بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايف بي آر ذريعن موجب پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جي مشاورت سان 4 لک انڊر فائلرز جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. هي اهي ماڻهو آهن جن ٽيڪس لائق آمدني هجڻ باوجود پنهنجا ريٽرن فائل نه ڪيا آهن. ان حوالي سان ايف بي آر عيد الفطر کانپوءِ انڪم ٽيڪس جنرل آرڊر (آءِ جي ٽي او) جاري ڪندو.فيڊرل بورڊ آف روينيو اهڙن ماڻهن کي نوٽيس پڻ موڪليا هئا پر ان جي باوجود انهن ريٽرن جمع نه ڪرايا. ايف بي آر جي براڊننگ ٽو ٽيڪس بيس مان هڪ لک نان فائلرز جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ انهن جون سم به بلاڪ ڪيون وينديون.ان حوالي سان ايف بي آر، پي ٽي اي ۽ ٽيلي ڪام آپريٽرز وچ ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.