ڪوٽڙي ۾ قتل ڪيل آسيه ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿي، شڪ جي بنياد تي 3 ڄڻا گرفتار

ڪوٽڙي ( رپورٽ : جبار ڪابورو )  ڪوٽڙي م قتل ٿيل 8 ورهين جي معصوم آسيا جي قتل وارو معاملو پوليس ٽن ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي جاچ ۾ شامل ڪري ورتو ، ,مقتول نياڻي آسيا هزارا جي تڏي تي ايس ايس پي ڄامشورو  محمد طارق نواز  پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي، ايس ايس پي محمد طارق نواز آسيه  جي وارثن ۽  علائقي جي معززين سان ملاقات ڪري معلومات ورتي،   واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آسيه  منهنجي ڌيءَ جهڙي آهي،  ناانصافي نه ٿيندي  جلد ئي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو مان هڪ پوليس آفيسر سان گڏ پيءُ به آهيان  انصاف ڏيارڻ تائين سک سان نه ويهندس سمهندس هن وڌيڪ چيو ته پوسٽ مارٽم جي حتمي رپورٽ اچڻ جو انتظار آهي واقعي جي هنڌ تان شاهديون ۽ ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن گذريل ڏينهن واقعي بابت خاص ٽيم جوڙي ڇڏي هئي جيڪا ڪم ڪري پئي هن چيو ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، ٻئي طرف  تڏي تي سياسي, سماجي اڳواڻ چونڍيل نمائدن جنهن ۾ ايم، پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو،  ڄامشورو بار جو صدر نورالامين سپيو، صادق شورو، ميونسپل ٻولهاڙي جو وائيس چئيرمين منٺار خاصخيلي جسقم آريس اڳواڻ عبدالفتاح چنا سميت ڪيترائي شهرين  متاثر خاندان سان تعذيت ڪئي ۽ انصاف جي خاطري ڪرائي ، ذريعن دعوا ڪئي آھي ته پوليس کي ڪيس ۾ جوابدارن بابت اڳڀرائي حاصل ٿي آھي ، نينگري آسيا جي ڏاڏي ٻڌايو ته نياڻي مون وٽ گهر آئي پٽ  جي گهران ٻوڙ کڻي آئي جئين گهر وئي ته موٽي ڪون سگهي پٽ جو گهر مون کان ٿورو پري آھي اسان پاڙي ۾ ڳولا ڪئي پر نياڻي جو لاش ڏنو ويو اسان جي ڪا دشمني ناهي ظلم ٿيو آھي ، ٻئي پاسي مليل ڄاڻ موجب نينگري کي نڪ ۾ ڦلڪو پيل هئو جيڪو ثابت مليو ڪن ۾ پيل واليون گم هيون نينگري جي لاش ملڻ وقت وات ۾ ڪچري جو ٿيلهيون اندر پيل هيون جنهن تي پاڙي ۾ سوڳ ڇانيل آھي، هوڏانهن ذريعن موجب پوليس جاچ ۾ نينگري جي ويجهي عزيز سميت پاڙي جي ٻن ڄڻن کي جاچ ۾ شامل ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.