شهادت ۽ جنم جي تاريخ جو ٽڪراءُ ۽ رمضان شريف جي عيد

تحرير: حميده گهانگهرو

44 سال اڳ 9.8.1980 آگسٽ جي اها اڀاڳ خبر ان وقت آئي جڏهن 27 شب قدر جي رات ۾ کير جا پيالا ملڻ جو تصور ڪري سڄي رات عبادت ۾ گذاري ويندي آهي. نذير عباسي جي امڙ روزي نماز جي پابند هوندي هئي سا شب قدر جي رات عبادت ۾ مصروف هئي انهيءَ اميد ۽ يقين سان ته کيس ڪا سٺي خبر ملندي. سندس جگر جو ٽڪرو موڀي پٽ 29.7.1980 جي صبح گرفتار ڪري ڪنهن نامعلوم جڳهه تي منتقل ڪيو ويو هو. امڙ جو سڄي رات ڪنڌ نمائي دعائن جي رات جي دستور کي پئي ياد ڪيو.

ايتري ۾ صبح روزي رکڻ کانپوءِ سج پنهنجا ڪرڻا ڏيکارڻ جي تياري ۾ هو ته هڪ هنيانءُ ڏاريندڙ خبر سندس ڏوهٽي اقبال شاهه ٻڌائي ته ناني امان ماما نذير کي شهيد ڪري کيس رات جي اونداهي ۾ ڪنهن کي ڏيکارڻ ٻڌائڻ کان بغير سخي حسن قبرستان ۾ دفنايو ويو. اها خبر سندس چاچي ولي محمد شاهه ٻڌائي. ولي محمد شاهه کي شام جو ايجنسي وارن ٻار جي بيماريءَ جو بهانو ڪري دعا پڙهڻ لاءِ وٺي ويا هئا. ان رات کير جو جام ته نه پر نذير عباسي جي سچائي، خود اعتمادي، بهادري، نظريي سان وچن نڀائيندي قربان ٿي وڃي ڌرتي ماءُ جي جهول وسائي. امڙ کي سندس آخري ديدار واري پيار ۽ پاٻوهه جا سندس نرڙ تي هٿ ڦيريندي ۽ آخري ڳلن تي چمي ڏيڻ به ظالمن نه ڏيڻ ڏني. هوءَ ڄڻ پنهنجن لڙڪن کي جيءَ ۾ سانڍيندي نذير کي آب زم زم وانگر غسل ڏنو. اها رات ڄڻ راڪاس جي رات هئي. ٺيڪ ٻن ڏينهن کانپوءِ عيد آئي. عيد ڇا هئي جيڪي به نذير سان محبت ڪندڙ هئا تن جي گهر ۾ ماتم هو. کاڌن جي خوشبو بجاءِ لڙڪن جا درياهه هئا.  هر ڪنهن جو چوڻ هو ته ڄڻ سندس گهر جو ڀاتي وڇڙي ويو.

اڄ 44 سالن کانپوءِ 10 اپريل رمضان شريف جي عيد تي نذير عباسي جو جنم ڏينهن آهي. وقت  جو چرخو ڪيئن گهمي ٿو. عيد جو تهوار 44 سال اڳ شهادت جو ٻيو ڏينهن ۽ هن عيد تي يعني 10 اپريل جنم ڏينهن آهي. خاص چوڻي مشهور آهي زندگي غمن ۽ خوشين جو لڙڪ لاڙڻ سان گڏ مسڪراهٽن جو سنگم آهي. انهيءَ ڪري زندگيءَ ۾ خوشي ۽ غم جو احساس انسانيت کي جنجهوڙڻ لاءِ بهترين عمل آهي.

هڪ ماءُ جو تاثر پڙهيو ته جڏهن ٻار جنم وٺي ٿو ۽ ٻار ڄمڻ شرط روئي ٿو ته امڙ وري خوش ٿئي ٿي. پوءِ سڄي زندگي ٻار جي روئڻ تي اکين جا ڳوڙها ناهي ڏسي سگهندي.

نذير جي امڙ ڪيترا خواب ڏسي پٽ جي جوانيءَ جون دعائون گهريون هونديون ۽ جڏهن پٽ جي شهادت کي امر بڻايو ته ڪنهن نه ڪڏهن به جي آڏو نه رني. امڙ جي انهيءَ شڪتي کي نذير جي جنم ڏينهن جي مبارڪ سندس سڀ انقلابي وچن نڀائڻ جا ساٿي  ڇاتيءَ تي هٿ رکي انقلاب جو ڳيچ ڳائيندا ته اهو احساس نذير کي زندهه ڪري سڀني کان مبارڪ وصول ڪندي وري اکين ۾ لڙڪ آڻي ڌرتيءَ جي مظلوم طبقي سان ويساهه گهاتي ظلم ڏاڍ تي اکين جا ڳوڙها روڪي نه سگهندو.

جڏهن هن پنهنجي معصوم ڌيءَ زرقا (موتيه) جي پرواهه نه ڪندي ته ڪيترن ڪروڙين ٻارن سان ناانصافين خلاف وڙهندي پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندس ته ان وقت ڪيترين ظلم جبر جي وارداتن کي ڇرڪندي تڙپندو هوندو.

مون امر جليل جو ڪالم ڪالهه ۽ اڄ پڙهيو جنهن ۾ ماضيءَ جي ڪميونسٽ پارٽي جي جدوجهد جي سچائيءَ کي هن ٻالڪپڻي ۾ ڪيئن ڏٺو. ۽ ٻالڪپڻي واري ماضيءَ ۾ کيس ڪهڙو اتساهه نظر آيو ۽ پوءِ ڪميونسٽ پارٽي جي جدوجهد کي شاندار کليو آهي. قلم ۽ ادب جيڪڏهن سچ ۽ حقيقت تي مبني آهي ته ڪا به وڏي ۾ وڏي عدالت انڪار نٿي ڪري سگهي. اهو ئي سبب آهي شهيدن جي تاريخ انقلاب جي جذبي تحت فرسوده نظام جي بغاوت تاريخي لفظن سان کنيل اتساهه آهي. اهڙا ڪردار ڪڏهن به مرندا ناهن. هو هر هر جنم وٺي نظرن اڳيان گهمندا آهن. جڏهن ته ڪنهن جي به مري وڃڻ کانپوءِ ان جي شخصيت کي نکارڻ لاءِ تمام گهڻا من گهڙت قصا لکي ظاهر ڪيو ويندو، پر جيڪي شخصيت جي ڪوڙي بک کان پاسيرا رهي صرف ۽ صرف ڌرتي ۽ مظلوم محنت ڪش طبقي لاءِ ساهه جي آخري گهڙي به ارپي ڇڏين، نذير عباسي انهن مان هو.

ڌرتي ماءُ جي جهول ۾ ابدي ننڊ مان اٿي  پنهنجي پٽ کي جنم جي ياد ڏياريندي  جهول ۾ سمهاري نرڙ کي چمي فخر سان ڪنڌ مٿي کڻي دنيا جي انسانيت ۽ انصاف خاطر وڙهندڙ شهيدن جي قطار ۾ ڏسي سجاڳيءَ جي دستور جي لوري ٻڌائي ڪيترن نا انصافي ڪندڙ ظالمن کي ڇرڪائي ڇڏيو هوندو.

شهيد نذير عباسي جو تاريخي انقلابي مطالعو تمام گهڻو هو. هو لٻاڙي نه هو ڪڏهن به اهو ظاهر نه ڪندو هو ته کيس گهڻي ڄاڻ آهي هميشه چوندو هو ته لکڻ پڙهڻ، ٻڌڻ سکڻ جو عمل آهي جئين وسيع سمنڊ جون ڇوليون ڪنارن ڏي اچي وري سفر ۾ هليون وينديون ائين سماج جا نظام بدلجندا رهندا. انقلاب به رد انقلاب تي ويندا آهن. پر زندگي ۽ سوچ ان سمنڊ جي ڇوليءَ وانگر آ هي جيڪا بار بار اچي ٿي ۽ پنهنجو وجود ختم نٿي ڪري. انهيءَ مان ظاهر پيو ٿئي ته هو عملي ڪم کي وڌيڪ اهميت ڏيندو هو. جڏهن ڊسپلين ۾ ڳالهائيندو هو ته سندس نظرياتي، عملي، ادبي ڄاڻ جي ذخيري جي جهلڪ نظر ايندي هئي يا جلسي وغيره کانپوءِ ڪجهه وقت تمام گهڻا ڀوڳ چرچا ڪندو هو. ماني کائي پليٽ کي اونڌو ڪري وڄائيندي گانا ڳائيندو هو. پنجري ڪي پنڇي ري تيرا درد نه جاني ڪوئي. تو نه هندو بني گا نه مسلمان بني گا انسان ڪي اولاد هي، انسان بني گا. وغيره وغيره با مقصد گانا کيس ڏاڍو وڻندا هئا. فلم ڏسڻ جو شوقين هو. سندس خيال هو ته آرٽسٽ سماج جي عڪاسي ڪري فن جو مظاهرو ڪن ٿا. هو سماج ۾ کلڻ ٻه سيکارين ٿا ته روئڻ جا سبب به ٻڌائين ٿا. شيڪسپيئر جي ان جملي کي ورجائيندي چوندو هو. دنيا هڪ اسٽيج آهي هر ماڻهو پنهنجو ڪردار نڀائي ٿو. هر انسان جو ڪردار قابل ذڪرهئڻ گهرجي.

پنهنجي لاڏلي ڌيءَ زرقا (موتيه) کي بهترين ڊانس سکارڻ لاءِ خواهش مند هو، شيمه ڪرماڻي کان متاثر هو زرقا ۾ ڪجهه ڊانس جي صلاحيت هئڻ ڪري هٿ تي بيهاري گانا ڳائيندو ۽ ڌيءَ جي جهومڻ تي تمام گهڻي خوشيءَ جو اظهار ڪندو هو. شهيد نذير زندهه هو ته ڪڏهن به پنهنجي سالگرهه ملهائڻ جو قائل نه هو. سندس چوڻ هو ته زندگي جيڪڏهن مقصد خاطر جيئڻ آهي ته بهتر عمل سالگرهه کان گهٽ ناهي. زرقا جي پهرين سالگرهه تي ناولٽي سينيما ڪراچي ۾ پنهنجي بلوچ ماسين سان گڏجي زرقا فلم ڏيکاري هئي. زرقا جي ڪردار کان متاثر ٿي هن ڌيءَ جو نالو زرقا رکيو، ماسيون کلن پيون ته ڏس ڪيڏو جو شيلو آهي ڌيءَ جي پهرين سالگرهه تي فلسطين جي جدوجهد جي انقلابي ڪردار جي ڇوڪريءَ جي فلم ڏيکارڻ آيو آهي.

زرقا هڪ سال ٽن مهينن جي هئي ته نذير جي شهادت ٿي وئي انهيءَ ڪري ٻي سالگرهه ڪرڻ جو موقعو ئي نه مليس انهيءَ ڪري زرقا جئين سمجهه ڀري ٿيندي وئي ته ان کي اهو ئي سمجهايو ويو ته شهيد هميشه زنده هوندا آهن هو نظر ناهن ايندا پرپنهنجي نظريي سوچ، قرباني جي جدو جهد ۾ زنده هوندا آهن.

27 سالن جي نوجوان نذير عباسي ان وقت جدوجهد لاءِ تباهه پيدا ڪيو جڏهن اڃا زندگيءَ جي خوابن کي پوري ڪرڻ جي ڦوهه جواني هئي. پر وقت جي ويرين جا ناپاڪ فيصلا اسان کان پري کڻي ويا. پر اڄ 71 سالن جي نذير عباسي پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ هميشه ياد رهندو. وچڙي 44 سالن باوجود به 10 اپريل 1953 جي پيدائش ائين اکين اڳيان ڦري اٿندي آهي ڄڻ امڙ جهول ۾کيس کڻي سندس جنم جي مبارڪ باد وصول ڪندي هجي. جڏهن ته سندس شهادت تي سرخ سلام ۽ جنم تي مبارڪ باد سان اڄ جو ڏينهن سندس يادن کي ڀيٽا ڏيندي همٿ حوصلي ۽ مبارڪ جو ڏينهن آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.