عيد  جي خوشين ۾ ٻين کي به شامل ڪريو

ھن دور ۾ مھانگائي جي ڪري عام ماڻھون عيد جي خوشين ملھائڻ کان لاچار آھي،نھ رڳ ايترو پر ھن ڀيري  رواجي زندگيءَ جي باقي وقت گذارڻ  لاءِ پريشان ڏسڻ ۾ اچي رھيا آھن.واپارين جي دانھن آھي تھ اڳي رمضان جي پندرھين روزي بعد عيد جي سيزن شروع ٿي ويندي ھئي پر ھيل خريد ڪرڻ جي قوت گھٽ ھئڻ جي ڪري بازارون ويران آھن. ماڻھون خريداري ۾ گھڻي دلچسپيءِ نھ پيا وٺن.ملڪ جيان سموري سنڌ شاعري جي ان سٽ جيان ٿي وئي آھي “ وئي ويچارن وسري خوشي ۽ خريد“

ملڪ ۾ مھانگائي جو طوفان جاري آھي،ھر حڪومت جيان ھن حڪومت بھ مھانگائي وڌائڻ ۾ ڪا ڪسر نھ ڇڏي آھي،رمضان جي ڀلاري مھيني کي اسان وٽ عبادت ڪرڻ سان گڏ ھرڪو ڪمائي جو مھينو پڻ سمجھي ٿو، ان ڪري اھا پراڻي راويت آھي تھ ھر واپاري توڙي وياج خور ، ايتري تائين جي سرڪار جا ڪجھه کاتا پڻ اھو ئي سمجھن ٿا تھ ھن مھيني ۾ سموري ڪسر پوري ڪجي، ان پس منظر ۾ ھر سال ملڪ ۾ ڀلاري مھيني جي آمد سان عام واھپي جي شين سان گڏ ڀاڄي بڪر سميت ڦل فروٽ جون قيمتون پڻ آسمان تي پھچي وڃن ٿيون.

چون ٿا تھ تھوار ۽ ميلا ملاکڙا عوامي نفسيات تي اثر انداز ٿين ٿا، انھن سرگرمين سان معاشري جي تربيت ٿئي ٿي،ماڻھن جي ميل ملاقات سان مثبت رويا پيدا ٿين ٿا، انھن سان معاشي سرگرمي وڌي ٿي، انھن ۾ثقافتي زندگي جھلڪي ٿي. دنيا ۾ عيدون ۽ تھوار قومن جي عقيدن، تصورات، تاريخ ،روايت جو عڪس ھونديون آهن، رسول الله صلي الله عليه وسلم جن مسلم امت لاءِ ٻه تھوار مقرر ڪيا، جن ۾ عيد الفطر ۽ عيد الاضحيٰ شامل آھن. انھن قديم تھوارن ۾اسلام جي توحيد،اصولن ۽ طرز زندگي  جي ثقافتي روايتن جو نقشو نظر اچي ٿو.

عيد جو لفظ”عود“ مان آيو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي واپسي. ان ڪري هن ڏينهن کي عيد چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ڏينهن بار بار ايندو آهي ڪن عالمن جي راءِ موجب ته الله تعاليٰ  پنهنجي ٻانهن کي وري وري پنهنجي رحمت ۽ بخشش سان متوجهھ ڪري ٿو.

عيد دراصل ثواب آهي. الله تعاليٰ مسلمانن کي هڪ مهيني تائين کائڻ، پيئڻ ۽ صحبت ڪرڻ کان روڪيو آهي. دنيا ۾ سندس ثواب عيد جي خوشين جي صورت ۾ ڏنو وڃي ٿو.ان جو حقيقي اجر آخرت ۾ ملندو. عيد جو ڏينهن شڪراني ادا ڪرڻ جو بھ ڏينهن آهي.بندگي جي معنيٰ اها به آهي ته بندو الله جي حڪم جو پابند هجي.

اسلام جو روح اهو آهي ته خوشي هجي يا غم، انسان کي تهذيب ۽ شرافت جي دائري کان ٻاهر نه وڃڻ گهرجي.عيد جي موقعي تي ڪيترائي اهڙا مظاهرا ٿيندا  آهن، جيڪي اسلام جي روح جي خلاف ۽ ڀڃڪڙي آهن. عيد جي بنيادي ضرورتن مان هڪ ٻين کي به پنهنجي خوشين ۾ شامل ڪرڻ ھوندو آھي.

پاڻ سڳورن رمضان کي صبر ۽ صلح جو مهينو پڻ قرار ڏنو. روزو رڳو رکڻ ضروري نھ آهي پر روزي سان غريبن، مسڪينن ۽ پريشان ڀائرن لاءِ ڏک جو احساس پيدا ٿيڻ لازمي آھي.جنهن ۾ پاڙي وارن۽ غريب مائٽن لاءِ  همدردي جو جذبو جاڳڻ گهرجي. عيد جو ڏينهن ان جذبي کي پرکڻ جو پهريون ڏينهن آهي.

عيد جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ عيدگاهه وڃڻ کان اڳ فطرو غريبن،مسڪينن ۽ مستحقن تائين پهچائڻ ضروري آهي.پاڙي وارن ۾ مسلمان ۽ غير مسلم ٻئي شامل آهن.غير مسلم پاڙيسري به اسان جي همدردي جا اوترو ئي مستحق آهن جيترو مسلمان پاڙيسري.

مولانا ابوالڪلام آزاد عيد جي ڏڻ ۽ فلسفي بابت  فرمايو ته: عيد اها رسم آهي جيڪا مذهبي روح کي زنده ڪري ٿي. دين جي حاصلات کي دنيا آڏو پيش ڪري ٿي. عهد محبت ۽ خدائي عهد جي تجديد ڪري ٿي. جيڪڏهن اهو سڀني مسلمانن جي وچ ۾ سفارتڪاريءَ جو ڪم ڪري ته اهو بلاشڪ عيد آهي.

عيد ۾ هر قوم جي مذهبي جذبن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن اها پنهنجي حالت ۾ رهي ته اهو سمجهڻ گهرجي ته مذهب پنهنجي پوري قوت سان زنده آهي.

عيد يعني خوشين جو ڏينهن، آھي جيڪو هر سال شوال المڪرم جي مهيني جي پهرين تاريخ تي عقيدت ۽ خوشين سان ملهايو ويندو آهي. عيدالفطر! در حقيقت جزا ۽ ثواب جو ڏينهن آهي، هن ڏينهن تي الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن کي اجر، ثواب ۽ بخشش جي خوشخبري ٻڌائي ٿو. عيد الفطر جو ڏينهن گناهن جي بخشش ۽ رحمتن جو ڏينهن بھ آهي، جڏهن عيد الفطر جي رات  جو نالو ليلة الجائزه (يعني ثواب ۽ برڪتن واري رات) آهي.

جيئن ته اسلام جو دين ”خير العين“ آهي ۽ امت محمدي ”خير الأمام“ آهي، تنهن ڪري عيد ملهائڻ جو طريقو به منفرد ۽ بهترين آهي. اسلام انسان کي ڪامل ۽ فطري هدايتون ڏئي ٿو، زندگيءَ ۽ موت، خوشي ۽ غم جي، هر رخ ۾ ڪي اصول ڏنل آهن.

ماڻهو پنهنجي پنهنجي انداز سان خوشي جو اظهار ڪندا هئا. هر قوم کي عيد ملهائڻ جو پنهنجو پنهنجو ڏينهن ۽ عيد ملهائڻ جو پنهنجو طريقو هوندو هو، پر حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن کان پوءِ عيد ۽ خوشيون ملهائڻ جو انداز ۽ طريقو بدلجي ويو.

عيد ان ماڻهوءَ لاءِ نه آهي، جيڪو صرف نوان ۽ قيمتي ڪپڙا پائي، خوشبوءِ لڳائي، پاڻ کي سينگاري ۽ مختلف قسم جا طعام وغيره حاصل ڪري، پر عيد ان شخص جي لاءِ آهي، جيڪو پرهيزگاري اختيار ڪري ۽ الله جي رضا حاصل ڪري. پنهنجي نيڪ عملن جي ذريعي ان کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ھجي.جنهن رمضان جي مهيني ۾نيڪ عبادتن جي ذريعي الله جا حق ۽ بندن جا حق ادا ڪيا ھجن.حقيقت ۾ عيد الفطر انهن خوش نصيب مسلمانن جي لاءِ آهي، جن مقدس مهيني جو صحيح معنى ۾ احترام ڪيو ۽ ان جا ڏينهن ۽ راتيون روزن سجدي ۽ عبادت ۾ گذاريون.قرآن پاڪ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته اڳوڻيون قومون به عيد ملهائينديون ھيون.

ھاڻوڪي مھانگائي جي ھن دور ۾ مسلمانن کي گھرجي اھي سمورن پنھنجي ڀرپاسي جي ماڻھن کي انھن خوشين ۾شريڪ ڪن،جيڪي ھن دور ۾ انھن خوشين کان محروم آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.