ڪالهه رات چنڊ جڏهن،
عيد جي خوشيءَ جو
پيغام کڻي اُڀريو ھُيو،
تڏهن ڇِڳَلَ پترن،
اُکڙيل ٽُوئن،
ڀُتن پڃرن
۽ جهِميل شھتيرَ واري ڇِتِ جي،
ھڪ ڪُنڊَ تي،
ھڪ بيوه ماءُ اُڀِئين پيرين،
اکين مان ميري ۽ پراڻي پوتيءَ سان،
وھي آيل لڙڪ اُگهي،
ھيٺ لھي آئي هئي.
ڇِڊي واڻَ واري کٽ جي
وچ تي رکيل
ھڪ تختي تي،
اوائلي دؤر جي سِلائي مشين جو،
زنگيل بابينو،
نئو سئو نوانوي جي ڌاڳي سان ڀري،
پاڙي اوڙي جي ٻارن جا نوان ڪپڙا،
سِبَڻ ۾ مشغول ٿي وئي هئي…
مشين جي کڙڪي تي
آڳر تي کيڏندڙ
ھن جا پنھنجا ڪُکِ ڄڻيا،
ويجهو سُري آيا هئا
"امان، ھي منھنجي قميص آهي!؟”
"نه…”ڪِروڌي ڇِڙٻَ.
"امان، ھيءَ سُٿَڻَ منھنجي آهي!؟”
"نه…” ڪرڙيون اکيون.
"امان، سڀاڻي عيد آهي؟”
"نه…” اکين ۾ لڙڪ
سمنڊَ جي ڇولين جيان
ڦھلجي ويا هئا…
ٻارڙا پنھنجين ننڍڙين خوف ڀريل
۽ حيرت ۾ ٻُڏل سوالي اکين سان،
ماءُ ڏانھن ايئن گهوري رھيا ھئا،
جيئن پڃري جا بند پکي،
صاف ۽ کليل فضا کي،
آسَ وندين اکين سان،
گهوريندا رھندا آھن…
گهڻو ٽائيم سوچي سوچي،
ھڪٻئي سان سڙٻاٽن ۾ ڳالهائي،
ٻارڙا پنھنجين پنھنجين کٽن تي،
آھلي پيا ھئا…
……
صبح جو گهٽين ۾ شور،
ٻارڙن جي اک کُلي،
ٽھڪڙا ئي ٽھڪڙا…
"اڄ عيد آهي…”
پتڪڙن ھٿڙن سان،
تاڙيون وڄي رھيون آهن…
ماءُ مشين واري کٽ تان اُٿي اچي،
گلڙن کي ڀاڪيون پائي چوي پئي،
"اچو… اچو… جلدي ڪيو،
سڀئي نلڪي ۾ گهِڙِي وِھِنجي وٺو
ھي آھن
اوهان جي عيد جا نوان لَٽا.”
ڪجهه گهڙين کانپوءِ،
مختلف رنگن جي،
ٽڪرن مان ڳنڍيل ڪپڙا،
ٻارڙن کي پارائي،
ماءُ چپن جي ڪنھن ڪُنڊَ ۾ مرڪ
۽ اکين جي آئيني ۾ لڙڪ،
لڪائي نه سگهي آهي…
وڏو ٻارُ گهٽيءَ ۾،
ھلڪا ھلڪا ٽپا
۽ ٽھڪ ڏئي نڪري ويو آهي…
۽ ننڍڙا پاڙي مان آيل کاڌن تي
مکين جيان مُچي ٿي ويٺا آهن…
…..
گهٽيءَ ۾ گهمندڙ وڏو ٻارُ،
اوچتو پاڙي جي ٻين،
چمڪندڙ ڪپڙن وارن ٻارن جي
گهيري ۾،
ويڙھجي ويو آهي…
"ھي ته
منھنجي قميص جو ڪپڙو آهي!”
"ھي ته منھنجي سٿڻ جو ڪپڙو آهي!”
کِلَ…
ٽوڪَ…
ٺٺول…
رنگبرنگي ڪپڙا پھريل ٻارڙو،
اوڇنگارن ۾ ٻُٽِجي،
ماءُ وٽ موٽي آيو آهي…
ماءُ جون اکيون اُبتيون،
دڙڪا ۽ ڇِڙٻيون…
سڀئي ٻار ھِراسيل
سوچَ جا ڌاڳا مُنجهيل…
ماءُ جي توائيءَ ۾،
سڀني جي جسمن تان،
زوريءَ نوان ڪپڙا لھندا
پَٽَ تي ڪرندا
ڍِڳَ ٿيندا ٿا وڃن…
روڄُ راڙو…
پَٽَ تي ليٿڙڻ…
۽ اھو ڏسندو رھڻ
ته ماءُ ڪپڙن جي ڍير کي،
ٻرندڙَ چُلهه ۾،
ساڙيندي
رَکَ ڪندي ٿي وڃي…!!