پاڪستان پيپلز پارٽي جنهن جون فيبروري 2024ع جي چونڊن ۾ اڳ کان به وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ سبب لاٽري نڪري آئي هئي ۽ عيد کان به اڳ ئي عيد ملهائي رهي هئي انهي کي عيد الفطر کان صرف هڪ ڏينهن اڳ سيد يوسف رضا گيلاني جي بنا مقابلي چيئرمين سينيٽ چونڊڻ سان ڊبل عيد وارو جشن ملهائڻ جو به موقعو مليو آهي . پارٽي جي شريڪ چيئرمين ، صدر مملڪت آصف علي زرداري طرفان 9 اپريل تي ملڪ جي مٿين ايوان، سينيٽ آف پاڪستان جو اجلاس سڏائي نون سينيٽرن جي حلف برداري سان گڏ سينيٽ جي نئين چيئرمين جي چونڊ لاءِ اتحادي حڪومت جي گڏيل اميدوار پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني کي چيئرمين سينيٽ چونڊائڻ ذريعي ملڪ جي جمهوريت پسندن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي جيالن کي عيد مبارڪ جي خوشين ڊبل ڪرڻ وارو بهترين تحفو ڏنو ويو آهي ته، اهو وڌاء نه ٿيندو. اهڙي ريت ، سينيٽ جي اجلاس بعد 16 اپريل تي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ آف پاڪستان جو گڏيل اجلاس پڻ سڏايو ويو آهي جنهن کي صدر مملڪت آصف علي زرداري خطاب ڪندو جنهن سان ملڪ جي نئين پارلياماني سال جي پڻ شروعات ڪئي ويندي. هن اتحادي حڪومت کي جيڪڏهن ڪو اندران يا ٻاهران خطرو لاڳو نه ٿيو ته، هي حڪومت پنهنجا پنج سال آرام سان ڪڍي ويندي ۽ پوءِ ملڪ ۽ قوم جا کٽن ڀاڳ.
وفاقي سرڪار جي اتحادي ڌرين ۾ سڀ کان وڌيڪ خوش پاڪستان پيپلز پارٽي نظر اچي رهي آهي جيڪا سنڌ کان علاوه ٻئي اهم صوبي بلوچستان ۾ به پنهنجي نه صرف حڪومت قائم ڪري چڪي آهي پر پنجاب ۾ پڻ پنهنجيون قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن م اضافو ٿيڻ ڪري خوش آهي ۽ صدر مملڪت جوعهدو پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي ۽ چيئرمين سينيٽ جوعهدو پارٽي جي وائيس چيرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني کي حاصل ٿي چڪا آهن ۽ وڌيڪ ٻن صوبن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ گورنر جا عهدا پڻ هن جماعت جي جيالن حوالي ٿيڻ وارا آهن. جڏهن ته حڪمران ڌر جي سڀ کان وڏي جماعت مسلم ليگ نواز چونڊن ۾ اڳ کان به گهٽ سيٽون کڻڻ ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي سان اتحادي حڪومت ٺاهڻ بعد ئي حڪومت حاصل ڪري سگهي آهي ۽ اها به تيستائين رهي سگهي ٿي جيستائين پيپلز پارٽي راضي هجي. تنهن هوندي به هن مسلم ليگ ن ۾ سڀ کان وڌيڪ خوش ميان شهباز شريف آهي جنهن کي اتحادين ڪري ٻيو ڀيرو وزير اعظم ٿيڻ جو موقعو ملي ويو آهي . جڏهن ته هن جماعت ۾ سڀ کان وڌيڪ پريشان ۽ صدمي جو شڪار هن جماعت جو قائد ميان نواز شريف آهي جيڪو وزير اعظم ٿيڻ جي آسري تي لنڊن مان واپس ته اچي ويو پر سندس جماعت گهڻو ڪامياب نه ٿيڻ ڪري اها جماعت ۽ وزارت عظمي واري ڪرسي پنهنجي ننڍي ڀاء جي حوالي ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پيس ۽ ممڪن آهي ته عيدالفطر بعد وري لنڊن واپس هليو وڃي. اهو پڻ ممڪن آهي ته مسلم ليگ نواز جي جاري تڪرار ڪري پيپلزپارٽي وفاقي حڪومت ۾ پڻ شامل ٿي وڃي جنهن جي هڪ امڪاني صورت اها ٿي سگهي ٿي ته پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو کي نائب وزير اعظم ٿيڻ تي راضي ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏ کيس پرڏيهي وزارت وري سنڀالڻ ۽ پنهنجي پسند جي 30 کان 35 سيڪڙو وزارتون سندس نگراني ۾ رکڻ واري پيڪيج تحت شايد اهو فيصلو پڻ ٿي وڃي.