عوام جي دم سان ئي اوهان آهيو، سو ان جي عزت ڪريو

حُڪمرانن، سياستدانن، اديبن، سماجي اڳواڻن يا ڪنهن به سيلبرٽي جو ڪم جيتوڻيڪ سڌو سنئون عوام سان جڙيل هوندو آهي، عوام لاءِ ئي اهي ڪم ڪندا آهن، سندن مڃتا يا مشهوري به ان جي ئي دم سان هوندي آهي، عوام ئي کين هيرو يا زيرو بڻائڻ جي شڪتي رکندو آهي تنهن عوام جي عزت ڪرڻ به سندن اخلاقي فرض هئڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته سندن سياسي، سماجي، ادبي، فنون لطيفا سان سلهاڙيل سڀ شعبا سندن ئي مڃتا جو محتاج هوندا آهن پر اقتدار جو نشو هجي يا شهرت جو ٻئي نشا سندن هوش وڃائي به سگهن ٿا.

شهرت جي نشي کي هضم ڪرڻ به ڪو سولو معاملو ناهي. شهرت وڏي عهدي کي هر ڪو هضم به نٿو ڪري سگهي، شهرت، دولت، وڏو عهدو ڪن ماڻهن ۾ وڏائي آڻي ڇڏيندي آهي جنهن کي ”غرور“ چيو ويندو آهي، جنهن کي عام طور تي هڪ تمام وڏي خامي به سمجهيو ويندو آهي پر ان خامي کي ختم ڪرڻ لاءِ به اعليٰ ظرفي گهربي آهي. اها اعليٰ ظرفي ”اخلاقي ڪردار“ ۽ زنده دلي واري خوبي رکندڙ ماڻهن ۾ هوندي آهي. نظرياتي ماڻهو به ”وڏائي“ ۽ شهرت جي نشي کي ضابطي ۾ آڻي سگهندو آهي.

پر چئبو آهي ته جنهن شئي يا شعبي اوهان کي عوام ۾ عزت ڏياري هجي تنهن جي عزت ۽ قدرَ ڪرڻ گهرجي. ايئن اهو عوام جنهن جي قبوليت بنا اوهان ڪجهه به ناهيو هوندا تنهن جو قدر ڪرڻ به اوهان جي اخلاقي ڪردار جو مظهر هوندو آهي.

اها به حقيقت آهي ته جنهن اقتدار يا شهرت جي نشي ۾ عوام کي ٿڏيو آهي، عوام جي راءِ کي پوءِ ڀلي اها ووٽ جي شڪل ۾ هجي تنهن کي ڪنهن ناهي قبوليو ته اهو غير جمهوري حڪمران يا آمر سڏيو ۽ سمجهيو ويندو آهي، ان کي پوءِ سٺي ۽ ساکائتي نظر سان ناهي ڏٺو ويندو پر جيڪي شخصيتون عوامي هونديون آهن تن کي عوام جو هر دلعزيز ۽ هيرو سمجهيو ويندو آهي. اهڙيون شخصيتون پوءِ تاريخي ۽ امر بڻجي وينديون آهن. ان مقام تي رسڻ لاءِ ٻين سڀني ڳالهين سان گڏ اخلاق ۽ نهٺائي جون خصلتون به هئڻ لازمي آهن.

پر اهو ڏسي بيحد افسوس ٿيندو آهي جڏهن ڪو عوامي نمائندو يا سياستدان غير جمهوري رويو اختيار ڪندي عوام جي تذليل ڪندو آهي. ڪجهه عرصو اڳ ڪنهن ماڻهوءَ هڪ سينيئر سياستدان کي چيو ته اسان اوهان کي ووٽ ڏيندا آهيون ۽ ان ووٽ تي اوهان اقتدار جي مسند تي رسندا آهيو ته موصوف جواب ڏنس ته اسان اوهان جي ووٽ تي پيشاب به ناهيون ڪندا. ساڳي سينيئر سياستدان کان ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن پريا ڪماري جي اڍائي سالن جو وقت گذرڻ کان پوءِ به بازياب نه ٿي سگهڻ بابت صحافيءَ سوال پڇيو ويو ته همراهه چڙي پيو ۽ وراڻايائين ته آخر اڍائي سالن کانپوءِ پريا ڪماري اوهان کي ڇو ياد آئي آهي؟ ايئن هو صحافيءَ مٿان مڇرجي پيو. اهو رويو غير زميواراڻو ۽ غير جمهوري هو. اوهان جيڪڏهن پريا ڪماري کي آزاد ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا آهيو ته ان جو اعتراف ڪرڻ به سٺي ڳالهه ليکجي ها، اها به زنده دلي سمجهي وڃي ها بجاءِ ان جي سڌن سوالن جا ابتا جواب ڏجن. ايئن ماضي ۾ به ڪيترائي سياستدان پڇيل سوالن تي اڍنگي نموني جواب ڏيندا رهيا آهن.

جڏهن ته سياستدانن ۽ عوام توڙي سياستدانن ۽ صحافين جو روز جو ناتو هوندو آهي. جيڪڏهن صحافين ۽ عوام جا سوال اوهان کي ڏکيا ۽ چڙ ڏياريندڙ ٿا لڳن ته مارشل لا لڳائي ڇڏيو، پريس ڪانفرنسون ڪرڻ ڇڏي ڏيو، عوام ۽ صحافين جي آڏو ئي نه وڃو. اهو به جئين ته ممڪن ناهي تنهن ڪري سياستدان، سماجي اڳواڻن ۽ اديبن ۽ فنون لطيفا سان سلهاڙيل شخصيتن کي صحافين ۽ عوام جي آڏو وڃڻ ۽ سندن تکن مٺن سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ ذهني طور تيار رهڻو پوندو. اهو ممڪن ناهي ته عوام ۽ صحافي اوهان کان سوال ئي نه پڇن. اوهان کي گهرجي ته توهان پارٽي جي پاليسي ذهن ۾ رکي ٻاهر وڃو ۽ ان حساب سان عوام ۽ صحافين کي جواب ڏيو. ڪاوڙ، بدتميزي يا اڍنگي رويي سان ڳالهائڻ اوهان کي زيب نٿو ڏي. اوهان سڀ عوام جا نمائندا آهيو ۽ انهن جي ئي نمائندگي ڪريو ٿا تنهن ڪري انهن جي آڏو اوهان جوابده آهيو. ڪنهن کي سوال ڪرڻ کان اوهان روڪي نٿا سگهو. اهو رويو بادشاهي ۽ آمراڻو آهي. اِهو ڪنهن ريت به جمهوري نه سمجهيو ويندو. عوام جي دم سان ئي اوهان آهيو تنهن ڪري ان جي عزت ڪريو.

هتي اسان عوام توڙي صحافين کي به اخلاقي دائري ۾ رهندي سوال پڇڻ جي کين تلقين ڪنداسين. سياستدانن، سماجي اڳواڻن، اديبن، رانديگرن ۽ شوبز سان سلهاڙيل شخصيت جي ذاتي زندگين ۾ مداخلت به اوهان کي نه ڪرڻ گهرجي. انهن کي تنگ به نه ڪرڻ گهرجي. مطلب ته ٻنهي ڌرين کي هڪٻئي سان محبت ۽ احترام جو ورتاءُ رکڻ گهرجي ڪنهن کي به ڪنهن جي تذليل ۽ ۽ بي رخي واري انداز سان جواب ڏيڻ جو حق ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.