- ملڪ اندر حد کان وڌيڪ ڪرپشن:
ڪنهن به ملڪ ۾ حدکان وڌيڪ ڪرپشن سڌي جنگين کان وڌيڪ خطرناڪ هوندي آهي ڇوته جنگيون عارضي هونديون آهن ۽ جنگي نقصانن جو ملڪن کي اندازو به هوندو آهي پر ڪرپشن اوڏهي وانگر اندر ئي اندر ملڪ کي کوکلو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ نقصان جو اندازو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ملڪ ڏيوالي طرف ويندو آهي يا سخت معاشي بحران جو شڪار ٿي ويندو آهي۔ پاڪستان به هينئر وڏي پيماني تي ڪرپشن جي ڪري معاشي بحران جو شڪار ٿيو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ ڏيوالي جي قبر ۾ پير وجهي چڪو آهي۔ عالمي ليول ۽ ملڪ جا اقتصادي ماهر ۽ تجزيا نگار ان ڳالھه تي متفق آهن ته پاڪستان ۾ پنجاه، سٺ سيڪڙو ڪرپشن آهي ۽ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ اسي، نوي سيڪڙو ڪرپشن آهي. ملڪ جا ستر سيڪڙو ادارا تباه ٿي چڪا آهن ۽ سنڌ جا ادارا نوي سيڪڙو تباه ٿي چڪا آهن رڳو عمارتون نظر اچن پيون ان عمارتن اندر ماڻهو ته آهن پر ان جي اندر ڪوئي نظام ڪونهي. پٽيوالي کان وٺي اعليٰ آفيسرن تائين آفيسن ۾ انهي ڪري ايندا آهن ته پئسا ڀري جيڪا پوسٽ ورتي آهي اهي ڏوڪڙ به ڪڍڻا آهن ۽ جيڪا سيڙپڪاري ڪئي آهي ان عيوض چئوڻ تي ڏوڪڙ به ڪمائڻا آهن۔ ملڪ مان ڪرپشن جو وڏي تيزي سان خاتمو نه ڪيو ويو ته ملڪ ڪڏهن به ترقي نه ڪري سگهندو چاهي ڪيڏي به ٻاهرين سيڙپ ٿئي يا بلوچستان ۾ هزارين ارب ڊالرن جي سون جي کاڻ نڪري يا سنڌ ۾ ڪاري سون جي کاڻ هجي يا خيبرپختون خواه ۾ اربين ڊالرن جو ٽامون نڪري يا سمنڊ ۽ درياء هجن يا ستر سيڪڙو زرعي پيداوار هجي يا وڏي پيماني تي تيل, گئس ۽ قيمتي پٿر هجي ان مان ملڪ جي عوام کي ڪوبه فائدو نه ٿيندو ۽ ملڪ جلدي ڏيوالي جو شڪار ٿي ويندو۔ ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ لاءِ ڪرپٽ ترين حڪمرانن, فوجي آفيسرن, بيروڪريسي ۽ ڪاروباري مافيائن جي رستا روڪ لاءِ ٺوس حڪمت عملي ٺاهڻ جي هن وقت ۽ بدليل عالمي حالتن ۾ اشد ضرورت آهي ۽ هينئر زبردست موقعو به آهي.
- پاڪستان ۾ وڏيرا شاهي، چوڌرائپ، جاگيرداري، پيري، ملائيت ۽ سرداري نظام جو تاريخي عذاب
عالمي سامراجي قؤتون ۽ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ پاڪستان جي عوام کي قابو ڪرڻ لاءِ ۽ حقيقي وطن دوست، عوام دوست، روشن خيال، ترقي پسند سياسي اڳواڻن، اديبن، دانشورن، ليکڪن ۽ صحافين جي چرپر تي پابندي لڳائڻ لاءِ ۽ عوام جي سوچن تي تالا لڳائڻ لاءِ وڏيرا شاهي، چوڌرائپ، جاگيرداري، پيري، ملائيت ۽ سرداري نظام کي وڏي بندوبست سان هٿرادو زنده رکيو آهي۔ جڏهن ته عوام جي اڪثريت جي وسيلن کي ڳڙڪائيندڙ اهڙيون بلائون توهان کي سڄي دنيا ۾ نه ملنديون ۽ آس پاس جي ملڪن ۾ به نه ملنديون۔ اسٽيبلشمينٽ هيٺين سطح تي سموري سرڪاري مشينري ۽ ادارن کي وڏيرن, چوڌرين ۽ سردارن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن عوام انهن جي سفارش کان سواءِ سڌي طرح سرڪاري ادارن مان ڪوبه جائز ڪم وٺڻ جي پوزيشن ۾ نه رهن ۽ عوام جي اڪثريت انهن عوام دشمن بلائن جي رحم ڪرم جي عادي بڻجي وڃي۔ هن تيزي سان بدلجندڙ حالتن ۾ اهڙين بلائن کي هٿي ڏيڻ سان ملڪ جي سالميت کي خطرو ٿي چڪو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ خانه جنگي جا امڪان به وڌي ويا آهن۔ تنهنڪري انهن عوام دشمن بلائن جو خاتمو ڪرڻ اين حالتن مطابق لازم بڻجي چڪو آهي۔ وڏيرا شاهي، چوڌرائپ، پيري، ملائيت ۽ سرداري نظام جي خاتمي لاءِ سڀ کان پهري قانون جي بالادستي قائم ٿيڻ گهرجي ان ۾ هنن بلائن جو اڌ موت آهي ۽ سمورن ادارن کي قانون ۽ آئين مطابق ڪم ڪرڻ جو پابند بڻائجي ته جيئن اٻوجهھ ماڻهو به ادارن سان سڌو رابطو ڪري پنهنجي لاءِ انصاف وٺي سگهن ۽ انهي ۾ ئي انهن عوام دشمن طبقن جو خاتمو ممڪن آهي ۽ عوام انهن جو ڳيجو نه رهندو ته انهن جو پاڻ ئي خاتمو ٿي ويندو.
- پاڪستان ۾ ڌارين جي آبادڪاري
پاڪستان جي وڏن مسئلن مان هڪ مسئلو ڌارين جي آبادڪاري به رهيو آهي۔ پاڪستان ٺهڻ شرط لياقت علي خان ۽ ان جي ٽولي سامراجي ايجنڊه تحت هندستان جي اتر پرديس، سي پي، بهار ۽ ٻين علائقن مان چونڊي اڪثر بدمعاش ۽ قبضاگير سوچ رکندڙ جي لوڌ کڻي آيو ۽ وڏي بندوبست سان اچي پاڪستان جي وڏن شهرن ۽ خاص ڪري سنڌ جي اڪثر وڏن شهرن تي ڪوڙن ڪليمينٽ جي ذريعي قبضو ڪيو ۽ سنڌ ۾ رهندڙ اصل ڌڻين سنڌي هنڌن کي زبردستي لڏرايو، جيڪي ڪاروبار جي ڪري دنيا ۾ سنڌ جي سڃاڻپ هئا۔ قبضي کان پوءِ پهرين مرحلي ۾ جماعت اسلامي جي نالي ۽ مذهب جي آڙ ۾ سنڌي ماڻهن سميت سمورن پاڪستان جي ماڻهن کي پڪو مسلمان ڪرڻ جي ايجنڊه کڻي آيا۔ ان کان پوءِ عالمي سامراج ۽ ملڪي عوام دشمن قؤتن جا ساٿاري بڻجي سنڌ جي گاڌي واري شهر ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي نالي ۾ دهشتگردي جو اهڙو راڄ قائم ڪين جو جنگيز، هلاڪو، حجاج بن يوسف ۽ هٽلري نازي فوج جون ڪاروايون ياد اچي ويون ۽ پاڪستان سميت سمورو خطو حيران ۽ پريشان ٿي ويو هو.
ٻئي پاسي سويت يونين کي ٽوڙڻ لاءِ ۽ افغانستان ۾ روس کي جنگ ذريعي ڦاسائڻ لاءِ آمريڪا جي سامراجي پاليسي تحت افغانستان سميت ٻين ملڪن مان پاڪستان ۾ دهشتگرد گڏ ڪري انهن کي ٽريننگ ڏئي مرد مجاهد بڻائي ميدان ۾ لاٿو ويو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ڌارين جو اڏو بڻجي ويو ۽ نتيجو توهانجي سامهون آهي۔ افغانستان جي جنگ جي نتيجي ۾ افغان پناهگيرن جي لوڌ اچي پاڪستان تي ڪڙڪي, خاص ڪري سنڌ ۽ خيبر پختون خواه تي لکين افغان پناهگيرن جو دٻاءُ پيو. افغان پناهگيرن جو سنڌ جي گاڌي جي هنڌ ڪراچي ۾ سڀني کان وڏو تعداد آباد آهي۔ پاڪستان ۾ جڏهن به ڌارين کي رهائڻ جو مسئلو ايندو آهي ته حڪمرانن لاءِ سنڌ يتيم خانو هوندو آهي ۽ هر ڌاري آبادڪاري کي وڏي بندوبست سان سنڌ جي شهرن ۾ آباد ڪيو ويندو آهي۔ جڏهن ته اڳواٽ ئي غير ملڪي بنگالي، بهاري، برمي, ايراني ۽ هندستانين جو لکن جي تعداد ۾ سنڌ جي مٿان دٻاءُ آهي. هاڻي ته افغانستان مان جنگ به ختم ٿي وئي ۽ پاڪستان جي ڀيٽ ۾ هينئر ٻين ملڪن جي معاشي ۽ سياسي صورتحال بهتر ٿي وئي آهي ته آخر هاڻي ڌارين کي ملڪ ۾ رهائڻ جو مقصد ڪهڙو آهي؟! جڏهن ته پاڪستان جا انٽيليجنس ادارا بار بار رپورٽ ڏئي چڪا آهن ته پاڪستان جي اندر جيڪا به دهشتگردي ٿي رهي آهي ۽ جيڪو به وڏي ليول تي ڪرائيم ٿي رهيو آهي, هٿيارن ۽ منشيات سميت ڊالرن جيڪا به وڏي پيماني تي اسمگلنگ ٿي رهي آهي، ان ۾ اڪثر ڪري ڌارين جي آبادڪاري شامل آهي ۽ خاص ڪري افغان پناهگير شامل آهن.
گذريل سالن ۾ ملڪ جي انٽيليجنس ادارن جي رپورٽ تي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ فيصلو ڏئي چڪي آهي ته افغان پناهگيرن سميت ڌارين کي پنهنجي ملڪ موڪليو پر پوءِ به عمل نه ٿيو۔ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪمرانن کي سمجهڻ گهرجي ته موجوده حالتن ۾ پاڪستان کي سڀ کان وڏو خطرو ڌارين جي آبادڪاري کان آهي تنهنڪري ڌارين کي فوري طور پنهنجي ملڪ موڪلڻ جو رڳو اعلان نه ڪرڻ گهرجي پر ٺوس حڪمت عملي تحت مڪمل بندوبست ڪرڻ گهرجي، نه ته ٻئي صورت ۾ غيرملڪي طاقتون پاڪستان خلاف ڌارين کي خانه جنگي ۾ استعمال ڪري سگهن ٿيون ۽ ملڪ دهشتگردي جي ور چڙهي ويندو ۽ هن سموري خطي کي وڏو نقصان ٿيندو. سمورن ڌارين کي باعزت طريقي سان پنهنجي پنهنجي ملڪ موڪلڻ واري عمل جي تڪميل۾ ئي ملڪ جي ترقي جو وڏو راز لڪيل آهي.
- ملڪ ۾ عالمي سامراجي پاليسيون
آمريڪا سامراج جيو پاليٽڪس تحت پاڪستان ۽ پٺتي پيل ملڪن سميت سڄي دنيا کي پنهنجن بدترين سياسي ۽ اقتصادي مفادن جي حاصلات لاءِ استعمال ڪندو رهيو آهي. پاڪستان ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد تعليمي ادارا ٺاهڻ ۽ انڊسٽريز قائم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ روشن خيال جمهوري نظام قائم ڪرڻ ۽ سڌي معاشي سيڙپڪاري ڪرڻ بجاءِ آمريڪا ان جي ابتڙ پاڪستان ۾ مذهبي انتهاپسندي ۽ شهري دهشتگردي کي پيدا ڪرڻ، پاڙيسري ملڪن سان ڦڏن ۾ ڦاسائڻ، وڏي تعداد ۾ هٿيارن جي خريداري ڪرائڻ، ملڪ کي هميشه سڪيورٽي رسڪ ملڪ ڪري هلائڻ ۽ آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ ذريعي معاشي غلام بنائڻ ۽ مدي خارج وڏيرا شاهي، پيري ۽ ملائيت کي ملڪ جي اندر هٿي ڏيڻ رهيو آهي. هينئر تازو اپر سنڌ ۾ لوڪل سردارن ۽ وڏيرن جي سهڪار سان ڌاڙيلن جو کلي عام ڏاڍ ۽ جديد هٿيارن جو نماء ۽ ماڻهن کي اغوا ڪري سموري علائقي کي دهشت زده ڪرڻ جا پيرا به ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان عالمي سامراجي ايجنڊا ڏانهن وڃي رهيا آهن۔ دنيا جي تيزي سان بدلجندڙ حالتن ۾ به آمريڪا پاڪستان لاءِ پنهنجي پاليسي تبديل ڪرڻ لاءِ بلڪل به تيار ناهي۔ هينئر به پاڪستان کي آءِ ايم ايف ذريعي سياسي ۽ معاشي طرح جڪڙي ويٺو آهي.
ٻئي پاسي چين مدد جي عيوض ڪڏهن به پاڪستان جي مٿان ڪوبه شرط نه رکيو آهي. هينئر به چين اڪانامي ذريعي پاڪستان کي آسمان جي بلندين تي ڏسڻ ٿو چاهي. موجوده حالتن ۾ چين ۽ روس جا، عرب ۽ اسلامي ملڪن جا سياسي ۽ اقتصادي مفاد ساڳيا ٿي پيا آهن. هينئر چين ۽ روس سميت ڏھ ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا معاهده ڪري چڪا آهن ۽ چين ۽ روس سميت سموري ايشيا جا مفاد هينئر پاڪستان سان سلهاڙيل آهن. تنهنڪري پاڪستان کي تاريخي سونهري موقعو مليو آهي ۽ ان موقعي جو فائدو وٺندي ملڪ جا حڪمران فقط پنهنجن ذاتي ۽ گروهي عارضي مفادن تحت نه پر پنهنجي عوام جي وسيع تر مفادن تحت ۽ ملڪ جي سالميت ۽ ڀلائي لاءِ سوچين ۽ فيصلا ڪن, جنهن ۾ سڀني جي ڀلائي آهي۔ چين توهان کي جنگين لاءِ استعمال نٿو ڪرڻ چاهي ۽ نه وري اهڙو ڪم ڪرڻ ٿو چاهي جنهن سان پاڪستان ۽ هن خطي جي امن امان واري صورتحال خراب ٿئي, هو ڪاروبار ڪرڻ ٿو چاهي ۽ توهان به ڪمايو ۽ اسين به ڪمايون واري پاليسي تي هلڻ ٿو چاهي. ان لاءِ چين جو وڏي ۾ وڏو شرط اهو آهي ته پاڪستان مان دهشتگردن کي ڀڄايو ۽ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪيو ۽ ڪرپشن گهٽايو ۽ ملڪ مان سياسي فساد ختم ڪرايو ۽ سي پيڪ کي مڪمل تحفظ ڏيو۔ سي پيڪ پروجيڪٽس به 2025ع تائين مڪمل ٿي ويندا ۽ چين پاڪستان جي گوادر پورٽ ۽ ڪوسٽل بيلٽ ذريعي سڄي دنيا سان ڪاروبار ڪرڻ جي ابتدا ڪندو جنهن سان پاڪستان کي وڏو فائدو پهچندو. آمريڪا جي جيو پاليٽڪس پاليسين جو ۽ چين جي جيو اڪانامي پاليسين جو پاڪستان لاءِ فرق واضع آهي ۽ فيصلو ملڪ جي حڪمرانن کي ڪرڻو آهي.