عمران خان پاڻ ئي پنھنجا معاملا ڦٽائي ٿو ڇڏي !

تحرير : انصار عباسي

پشاور ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ سندس ڪابينا جي اجلاس ۽ افطار جي خبرن  تي، پي ٽي آءِ کي طعنا سھڻا پيا آھن.لاهور جي ڪور ڪمانڊر هائوس کي باهه ڏيڻ وارا پشاور  ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ خاموشي سان اجلاس ۽ افطار لاءِ پهچي ويا.

بهرحال، مون کي اها خبر ٻڌي خوشي ٿي. ان جو واحد سبب اهو آهي ته مان چاهيان ٿو ته تحريڪ انصاف ۽ فوج ۾ وڇوٽي گهٽ ٿئي. هڪ طرف پاڪستان جي فوج آهي، جنهن جي پاڪستان جي دفاع ۽ سالميت لاءِ اهميت کان انڪار ممڪن نھ آھي ۽  ٻئي طرف هڪ سياسي پارٽي آهي جنهن جي عوام ۾ مقبوليت ٻين سياسي پارٽين کان وڌيڪ آهي، پر ان سان تعلق رکندڙ هڪ گروھ فوج تي  9 مئي جي حملن ۾شريڪ ھو.

9  مئي تي جيڪو ٿيو،ان ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ عمران خان جي فوج مخالف بيانيئي جو بنيادي ڪردار ھو. ھونئين  تھ فوج ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ رابطو 9 مئي کان اڳ مڪمل طور تي ختم ٿي چڪو هو پر 9 مئي جي واقعن کانپوءِ تحريڪ انصاف لاءِ صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي ۽ پي ٽي آءِ قيادت بار بار ان خواهش جو اظهار ڪندي رهي ته ان جا فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپا بحال ٿيڻ کپن ته جيئن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ واري ماحول کي ختم ڪري سگھجي.

بار بار عمران خان به اھا شڪايت ڪندو رھيو  ته اسٽيبلشمينٽ ساڻس ڳالهيون ئي  نه ڪري رهي آهي. باني چيئرمين تحريڪ انصاف پنهنجي گرفتاري ۽ چونڊن کان پوءِ به اھا ڳالھھ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا چئي. ان حوالي سان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي ڪابينا سميت ڪور ڪمانڊر ھائوس پشاور اجلاس ۽ افطار ۾ شرڪت  منهنجي نظر ۾ ھڪ بريڪ ٿرو کان گهٽ ناهي.

تحريڪ انصاف طرفان چيو ويو ته ان ميٽنگ جو فوڪس صوبي جا سيڪيورٽي معاملا هئا. جيڪو هڪ طرف خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته ٻئي طرف پي ٽي آءِ حڪومت ۽ فوج  وچ ۾  بهتر ورڪنگ لاڳاپن ۽ ٻنهي ڌرين  وچ ۾ ماضي جي تلخين جي خاتمي جو سبب بڻجي سگھي ٿي.

اميد  ته پي ٽي آءِ حڪومت ۽ فوج وچ ۾ لاڳاپا وڌندا. جنهن ۾ سڀني جي بھتري آھي، پر عمران خان جي پاليسي سمجهھ ۾ نٿي اچي. ڪالهه اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪ فوج جي اعليٰ قيادت کي نشانو بڻايو. هاڻي اهڙي صورتحال ۾ فوج ۽ تحريڪ انصاف جي وچ ۾ جنھن وڇوٽي گھٽ ڪرڻ  جي ڳالهه ڪجي ٿي،اھا ڪيئن ممڪن ٿيندي ؟  عمران خان ھڪ وڏوسيريس  مسئلو آهي. ھو  نه پنهنجي ڪاوڙ کي قابو ڪري سگهي ٿو  ۽ نه ئي وري پنهنجي زبان تي ڪنٽرول اٿس. ان ڪاوڙ ۽ انھن ڳالهين کيس هن حال تائين پهچايو آھي.

جيڪي ڳالھيون ھن ڪالھھ ڪيون  ۽ اخبارن ۾ ڇپيون، ان کي پڙهي عمران خان پنهنجي ئي اها خواهش تھ  اسٽيبلشمينٽ سان سندس لاڳاپا بهتر هجن گھرجن ڪئين پوري ٿي سگھي ٿي ؟ عمران خان جيڪو چاهي ٿو ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ هو پاڻ ئي سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻجي ٿو. ڪالهه هڪ طرف هو فوج جي اعليٰ قيادت تي حملا ڪري رهيو هو ته ٻئي طرف هو اهو به چئي رهيو هو ته سندس حڪومت جي خاتمي باوجود جڏھن ھو  جنرل باجوه سان ٻه ڀيرا ملاقات ڪري سگهي ٿو تھ پوءِ ھو  ڪنهن سان به ملاقات ڪري سگهي ٿو.

ھن اھو پئي چوڻ چاهيو هو ته جيڪڏهن هو جنرل باجوه (جنهن تي ھو پنھنجي  حڪومت جي خاتمي جو الزام ھڻي  ٿو) سان ملي سگھي ٿو ته پوءِ هو موجوده آرمي چيف سان پڻ ملاقات لاءِ تيار آهي.يعني ھڪ ئي ساھي ۾ هو موجوده آرمي چيف سان ملڻ جي خواهش جو اظهار به ڪري رهيو ھو ۽ مٿس الزام به هڻي رهيو هو. اها ڪھڙي پاليسي آهي؟ اهڙن بيانن سان عمران خان، تحريڪ انصاف يا پاڪستان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ اھو سڀ ڪجهه منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي.

عمران خان کي گھرجي تھ جيڪڏھن ھو پنهنجي ڪاوڙ ۽ زبان تي قابو نٿو  رکي سگهي تھ ھو ڪجھھ وقت لاءِ خاموشي اختيار ڪري. پنھنجو سموري ڌيان عدالتن مان رليف حاصل ڪرڻ تي رکي، تھ جئين ھو  پنهنجي۽ پنھنجي زال کي جيل مان ٻاھر آڻي سگھي. ان دوران پنهنجي پارٽي قيادت ۽ ذميدارن کي فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي لاءِڪوشش ڪرڻ ڏئي. خان صاحب معلاملا ٿڌا ٿيڻ ڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.