ايڇ آر سي پي پاران بدامني تي ڳڻتي جو اظهار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايڇ آر سي پي ڪراچي ۾ امن امان جي خراب صوتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي.

اڳواڻن چيو آهي ته پوليس 2023 ۾ اسٽريٽ ڪرائمز جا هزارين ڪيس داخل ڪيا جن ۾ 100 کان وڌيڪ شهري مارجي ويا 2024 ۾ پهرئين ٽه ماهي ۾ به اهو رجحان ڏسڻ ۾ آيو.

ايڇ آر سي پي موجب ڏوهن تي ضابطي ۾ حڪومت جي ناڪامي تي ڳڻتي آهي، معاشي مايوسي ۽ بيروزگاري جهڙا مسئلا فوري حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ايڇ آر سي پي ڪراچي جي شهرين جي زندگي ۽ سلامتي جي حقن کي يقيني بڻائڻ لاءِ امن امان جي بحالي جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.