نيوزيلينڊ خلاف سيريز، اظهر محمود قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڪرڪيٽر اظهر محمود کي نيوزيلينڊ خلاف سيريز لاءِ هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.
پي سي بي طرفان اڳوڻي آل رائونڊر اظهر محمود کي ڪيويز خلاف 5 ميچن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.
سيريز جون ميچون 18 کان 27 اپريل تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏيون وينديون.
اظهر محمود 164 انٽرنيشنل ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي 162 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ 2 هزار 421 رنسون ٺاهيون.
هو 2016 ۽ 2019 دوران پاڪستان ٽيم جي بالنگ ڪوچ طور ذميواريون نڀائي چڪو آهي.
وهاب رياض کي سينيئر ٽيم مئنيجر مقرر ڪيو ويو آهي، محمد يوسف بيٽنگ ڪوچ هوندو، سعيد اجمل اسپن بالنگ ڪوچ جون ذميواريون جاري رکندو، هو آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي گذريل دورن ۾ به بالنگ ڪوچ هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.