ڪراچيءَ جو مورچو ۽ بشير خان قريشي

تحرير: جاويد مهر

سنڌ جي قومپرست سياست تي ڪجهه عرصو اڳ تائين آڱر کڄندي ھئي ته اھا عوامي گھٽ رھي آھي ۽ ڪراچي واري مورچي کي اوليت نٿي ڏني وڃي، جيتوڻيڪ سيد جلال محمود شاھ، ڊاڪٽر قادر مگسي، اياز لطيف پليجي ۽ صنعان قريشي سميت ٻين قومپرستن جا شاندار جلسا ٿيندا رھن ٿا، جڏھن ته ان کان  اڳ سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجي، شھيد فاضل راھو ، ممتاز علي ڀٽي ۽ بشير خان قريشي به وڏا  اجتماع ڪيا پر تنھن ھوندي به ٻئي الزام برقرار رھيا، ڇاڪاڻ ته اھو تاثر قائم ھو ته قومپرستن جي جلسن ۾ عام ماڻھو گھٽ ۽ سندن پارٽين جي ڪارڪنن جو انگ وڌيڪ ھوندو آھي، جن کي سالياني پروگرامن سان گڏوگڏ مختلف مظاھرن يا ڌرڻن ۾ سڄي سنڌ مان آڻي شرڪت ڪرائي وڃي ٿي، پر قومپرست پاڻ بابت اھو تاثر ان وقت ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿا جڏھن اٽڪل 15 يا ويھارو سال اڳ ھنن اھو سڀ ڪجهه محسوس ڪندي نھ رڳو  ڪراچي کي سرگرمين جو مرڪز بڻايو، پر پاڻي، بجلي ۽ ٻين عوامي اھنجن تي روڊن تي نڪري احتجاجي مظاھرا پڻ ڪيا، جنھن سبب اھي عام ماڻھن جو ڌيان حاصل ڪرڻ ۾ سوڀارا  ٿيا ۽ پوءِ  اھڙو به وقت آيو جو عوام قومپرست کي پنھنجو ترجمان ۽ ڀرجھلو سمجهڻ لڳو، اھو ئي ڪارڻ آھي ته اڄ جڏھن به سنڌ سان ڪو ظلم ڏاڍ يا حق تلفي ٿيندي آھي ته عام ماڻھو  قومپرستن کي  مدد لاءِ سڏيندو آھي.

ڪراچي شھر ۾ نوي واري ڏھاڪي ۾ سائين جي ايم سيد نشتر پارڪ ۾ ھڪ ٻه سالگرھ جا جلسا به ڪيا ۽ ايس ٽي پي طرفان پڻ انھي ڏھاڪي ۾ نشتر پارڪ ۾ ان وقت جلسو  ڪيو ويو، جڏھن ڊاڪٽر قادر مگسي سائين جي ايم سيد کان اڃا تازو ئي سياسي واٽون ڌار ڪيون  ھيون ۽ ھو گرفتار ھو، ان کان اڳ وري جيڪڏھن ذڪر ڪبو ته رسول بخش پليجي جي اڳواڻي ۾ ڪالاباغ باغ  ڊيم خلاف وڏو احتجاج ٿيو ھو، يا ھن سکر کان  ڪراچي تائين مارچ پڻ ڪيو، ساڳئي نموني ڪامريڊ ڄام ساقي جو ڪمون شھيد کان  ڪراچي تائين مارچ به وسارڻ جوڳو ناھي پر سنڌين جا  پنھنجي گادي واري شھر ۾ اھي جلسا يا جلوس  مستقل نه ٿيندا ھئا، ان ڪري اھو چئي سگھجي ٿو ته جسقم جي آزادي مارچ کان  ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين جي اھڙي ھلچل  شروع ٿي، جنھن قومپرست سياست کي نئون روپ ڏنو ۽ مقابلي واري رجحان جنم ورتو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏھن  2006ع کان 2016 يا 2017ع تائين جائزو وٺجي ته ڪراچي ۾ قومپرستن وڏي پيماني تي مظاھرا ڪيا، ان دوران ايس ٽي پي جو  ڪراچي سنڌ  آھي مارچ به  ڪراچي ۾ سنڌين جي موجودگي واري نعري کي ھٿي وٺرائي، ڌرتي ڌڻين جي اھڙين سرگرمين کانپوءِ انگريزي اخبارن  قومپرستن ڏانھن ڌيان ڏنو ۽ ھنن سٺي ڪوريج  ڪئي.

قومپرستن انھي ئي دور ۾ اھو تاثر پڻ ختم ڪري ڏيکاريو ته اھي ڪراچي ۾ نٿا رھن، بشير خان قريشي گلشن حديد ڪراچي ۾ گھر  ورتو ۽ ايس ٽي پي طرفان مخدوم بلاول سوسائٽي  ۾ ترقي پسند ھائوس به قائم ٿيو، جيڪو ڪجهه عرصو ھليو ۽ اڳتي ھلي بند ٿي ويو، جيڪو ھاڻ وري شايد ٺاھيو اٿن پر بشير خان قريشي پنھنجو گھر برقرار رکيو، جنھن سبب ڪنھن به معاملي تي ٿيندڙ  احتجاج  ۾ ھو پاڻ سولائي سان شريڪ ٿيندو ھو ، جنھن سان ان احتجاج جي اھميت وڌندي ھئي، اھڙي نموني بشير قريشي برادرين جا جھيڙا ختم ڪرائڻ لاءِ منٿ ميڙ قافلا ڌرين وٽ وٺي وڃي، ڪيترائي تڪرار ختم ڪرائي عوامي سياست ۾ زبردست انٽري ڏني، جنھن نموني ڪنھن دور ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي خانگي جيلن مان ھارين ۽ پورھيتن کي آزاد ڪرائي عوام ۾ مقبوليت ماڻي ھئي، ساڳئي نموني اياز لطيف پليجي به رسول بخش پليجي صاحب جي بيماري وقت ۽ ان بعد سياسي طور ڌار ٿيڻ تي عوامي مسئلن تي احتجاج  ڪري پاڻ ملھايو آھي.

ھن وقت قومپرست سياست عوام جو آواز بڻيل آھي، ڇاڪاڻ ته اھڙو ڪو مسئلو ناھي، جنھن تي قومپرست روڊن ۽ رستن تي ٻاھر نه نڪرندا ھجن، اھو ئي سبب ھو جو جڏھن ڪراچي جا ٻيٽ وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي، ٻٽو مڪاني نظام آڻي سنڌ کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورھايو ويو  ۽ 2017ع  جي  تڪراري آدمشماري  خلاف سڄي سنڌ ۾ ھڙتال سميت جڏھن تاريخي ڪارونجھر جبل نيلام ڪرڻ لاءِ اخبارن ۾ اشتھار ڏنو ويو ته سنڌي ماڻھن قومپرستن ڏانھن واجھايو ۽ قومپرستن به لبيڪ چوندي سندن ڀرپور نمائندگي ڪئي، اھا ٻي ڳالھه آھي ته عام چونڊن وقت سنڌ جو عوام قومپرستن کي ائين رد ڪندو آھي، جئين اھو ڏکئي وقت ۾ پ پ کي ٿڏيندو آھي.

ان مختصر جائزي ۾ ثابت ٿئي ٿو ته قومپرست سياست کي عوامي بڻائڻ ۾ ٻين قومپرستن سان گڏ  شھيد بشير خان قريشي جو پڻ اھم ڪردار رهيو، ھن  ڪراچي ۾ ويھي پنھنجن  جي مالڪي ڪئي ، جنھن سان سنڌي ماڻھن  کي ھڪ سھارو مليو، پر افسوس ته 7 اپريل 2012ع ۾ اھو سھارو کسجي ويو، اڄ سندس شهادت جو ڏينھن آھي، ان موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪندي قومپرستن کي تجويز ڏجي ٿي ته اھي سنڌ جي دل ڪراچي کي ٻيھر پنھنجي سرگرمين جو مرڪز بڻائين ته جئين  سنڌ جي ماڻھڻ جي آواز کي اثرائتو بڻائي سگھجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.