وچ اوڀر جتي موت سستو ۽ زندگيءَ مھانگي ٿي وئي ..

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل طرفان  فوري جنگ بندي ۽ سمورن اسرائيلي يرغمالين جي فوري ۽ غير مشروط آزاديءَ بابت قرارداد منظور ٿيڻ باوجود  غزا ۾ بمباري نھ گھٽي آھي.گذريل مھيني عالمي اداري جي ڪوشش کي اسرائيل  ليکي ۾ آندو آھي ۽ غزا ۾ فوتين ۽ زخمين جو انگ لاڳيتو وڌي رھيو آھي.

غزا جو بنيادي ڍانچو ناس ٿي ويو آھي.ھتي جا رهواسي ڏکڻ ۾ رفح ڏانهن ھجرت ڪرڻ تي مجبور آھن.

گڏيل قومن  هڪ رپورٽ ۾ خبردار ڪيو  آھي ته غزا ۾ سخت ڏڪار جو خطرو وڌي رھيو آهي.

غزا جي جنگ 7 آڪٽوبر 2023ع تي شروع ٿي، اسرائيل ۾ حماس جي حملي  ۾ اٽڪل 1,200 ماڻهو مارجي ويا.جنھن جي جواب ۾ اسرائيل رڻ ٻاري ڏنو آھي.

برطانيه، آمريڪا ۽ يورپي يونين حماس کي دھشتگرد تنظيم قرار ڏنو آھي ۽  ان تي بندش وڌي آھي.حماس جن 253 اسرائيلي شهرين کي يرغمال بڻايو ھو.جن بابت يقين آھي تھ 130 يرغمال غزا ۾ اڃا تائين قيد آهن.جڏهن ته مختلف واقعن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 34 يرغمالي مارجي ويا آهن.

آمريڪي صدر جو بائيڊن فلسطيني وزارت صحت پاران مهيا ڪيل انگن اکرن جي درستگي تي سوال اٿاري چڪو آهي. پر صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته ان کي يقين آھي ته تعداد اعتبار جوڳو آهي.

گڏيل قومن موجب غزا ۾ اسرائيلي فوج پاران گھيري ۾ آيل  علائقن جي 85 سيڪڙو آبادي يعني 23 لک کان وڌيڪ ماڻهو ھجرت ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن. جڏهن ته انھن علائقن ۾ انفراسٽرڪچر جي تباهي، خوراڪ، پاڻي، بجلي ۽ ٻارڻ جي کوٽ ھئڻ سبب حالت گھڻي خراب آهي.

هڪ وڏي ساک واري عالمي اداري انٽيگريٽد فوڊ سيڪورٽي فيز ڪلاسيفڪيشن ( آءِ پي سي ) جيڪو مختلف ملڪن ۽ خطن ۾ بک ۽ بدحالي جي بابت انگ اکر  مهيا ڪري ٿو.ان  تنظيم پنھنجي تازي رپورٽ  ۾ چيو آھي تھ غزا ۾ ڏڪار جو خطرو وڌي رھيو آھي.خوراڪ جي کوٽ جي ڳالھه ڪجي تھ غزا جي اٽڪل 11 لک ماڻھن لاءِ خوراڪ جي کوٽ يا ڏڪار واري حالت آھي.

اسرائيل گڏيل قومن جي اهڙين رپورٽن کي ”غلط معلومات تي ٻڌل“ قرار ڏئي ٿو ۽ دعويٰ ڪري ٿو ته گڏيل قومن جون ايجنسيون غزا ۾ امداد درست  ورهائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪيون آهن.

اسرائيل غزا جي پٽي جي ڏکڻ ۾ مصر جي سرحد تي رفح ۾ زميني ڪارروائي جي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي. هي لنگھه هن وقت بند آهي.جنگ کان پوءِ هي علائقو هن وقت 15 لک کان وڌيڪ فلسطينين جي پناهه گاهه بڻجي چڪو آهي. انهن پناهگيرن جي اڪثريت غزا مان لڏپلاڻ ڪندڙ آهن.گڏيل قومن موجب اھڙي ڪنھن اٻھرائي سان انساني الميو پيدا ٿي سگھي ٿو.

اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياهو تي جنگ بندي ڪرڻ ۽ يرغمال بڻيل اسرائيلين  کي آزاد ڪرائڻ ۽ ملڪ ۾ چونڊن ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌي ويو آھي.آڪٽوبر ۾ جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ حڪومت خلاف احتجاج  وڌي رھيا آھن.يروشلم ۾ اھڙا احتجاج معمول بڻجي ويا آھن.ھاڻي تھ نيتن ياھو جي حڪومت پنھنجي ساک ۽ اخلاقي جواز بھ وڃائي رھي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.