حيدرآباد مان مليل معصوم ٻار جو هڪ وڌيڪ لاش !

تحرير: غلام حسين لغاري

سنڌو سڀيتا جي نينگري فاطمه ڦرڙو جو تشدد ٿيل قتل ۽ پريا ڪماري جي اغوا سميت هڪ سال اندر معصوم ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائي وارا واقعا اڃا ذهنن تان لٿا ئي نه هئا ته ٽيون ڏينهن قاسم آباد جي وسندي جي هڪ بنگلي مان  جنسي تشدد جو شڪار ۽ گولي لڳل 15 سالن جي معصوم محمود ملاح جو لاش مليو آهي جنهن سنڌ واسين کي ڏک ۽ ڳڻتين وارو ٻرندڙ ماحول ڏنو آهي جنهن لاءِ سنڌي اخبارون ۽ چئنل جس لهن جن وقت سر تفصيلن واري رپورٽ منظر عام تي آڻي هن وحشياڻي قتل جون حقيقتون وائکيون ڪيون آهن جنهن مان پڌري پٽ آهي ته سنڌ هن وقت پوري ريت بدامني لاقانونيت جي ور چڙهي چڪي آهي اهو تاثر غلط نه ٿيندو ته سنڌ ڪجهه ڏهاڪن کان جاگيردارن سردارن وڏيرن جي قبضي هيٺ اچي چڪي آهي جن سنڌ کي پنهنجي ۽ پوليس رياست بڻايو آهي.

اخبارن ۽ ميڊيا ۾ آيل خبرن موجب وڏيرڪي ٻارڙن جي جنسي تشدد هيٺ شهيد ٿيندڙ محمود ملاح هڪ يتيم ٻار ۽ مرحوم لال بخش ملاح جو سمورن پٽن ۽ ڌيئرن مان ننڍي ۾ ننڍو فرزند هو جيڪو گهر کي هلائڻ لاءِ زميندارن حسين مگسي ۽ حسن مگسي جي بنگلي تي پورهيو ڪندو هو جڏهن ته سندس گهر ڀاتي ۽ ٻيا عزيز ڄاڻايل زميندارن جي زمينن تي هارپو ڪندا آهن.

معصوم کي قتل ڪرڻ بعد جوابدارن شهيد جو لاش ويگو گاڏي ۾ وجهي سندس وارثن وٽ کڻائي پهتا جتان ڳالهه اڳتي وڌي۔شهيد جي وارثن چاچي پير بخش ملاح جو چوڻ ته جنسي تشدد ۾ الزام هيٺ آيل  حسين مگسي ۽ مدثر شاه کين ٻڌايو هو ته شهيد کي غلطي وچان گولي لڳي آهي جنهن جو اطلاع هنن پوليس کي به ڏنو آهي تنهنڪري اوهان لاش دفنائي ڇڏيو۔شهيد جي وارثن ۽ عزيزن اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته شهيد محمود کي جوابدار گهران زوري وٺي ويا هئا ۽ سندس واپسي لاش جي صورت ۾  ٿي جنهن سان اهو سانحو ڪنهن بربريت ۽ دهشتگردي کان گهٽ ڪونهي. سنڌ جي مختلف علائقن ۾ جنسي ڏاڍاين اغوا ڦرن ڌاڙن ۽ پر تشدد غارت و قتل جا واقعا معمول جو حصو بڻيل آهن جنهنجو ڪارڻ اهو آهي جو ڪڏهن به اهڙي قسم جي ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي نه پوليس وٽان نه وري عدالتن مان ڪا واقع قرار جوڳي سزا ملي آهي اهڙا ڪيس سردار وڏيرا جاگيردار پنهنجي عدالتن ۾ آڻي ڏوه ڏنڍ ڀرائي ڏوهارين کي نئون جنم ڏين ٿا جڏهن ته سپريم ڪورٽ پاران اهڙي قسم جي جرڳن تي بندش پيل آهي۔جرڳن جو خاتمو نه ٿيڻ به عدالتي نظام جي ڪمزري آهي جو سنگين نوعيت جا ڪيس ڏينهن بدران سالن ۾ اڪلائجن ٿا ڀلي ڏوهاري يا فريادي پنهنجي موت پاڻ مريو وڃن۔جيڪڏهن معصوم نياڻين جا قاتل قانون جي گرفت ۾ اچي وڃن ها ۽ ڦاهي چڙهن ها ته معصوم محمود کي قتل ڪرڻ ۽ جنسي ڏاڍائي جي شايد ئي ڪنهن کي جرئت ئي نه ٿئي ها. هتي ته عدالت به پوليس ۽ وڏيرا آهن جيڪي ڀولڙي وارو انصاف ڪرڻ ڄاڻين۔هتي ته ڏوهاري ڇٽيو وڃي بيگناهه فل فراءِ ۽ ھاف فراءِ جو شڪار ٿين پوءِ به عدالتون خاموش آهن جيڪي ٻڌن ئي ڪونه سياست وڏيرن جاگيردارن جي ور چڙهيل آهن جيڪڏهن انصاف ٿئي ته سنڌ توڙي ٻين صوبن مان به جاگيردارن خانن چوڌرين سردارن ۽ وڏيرن جي سياست ۽ ظالماڻي نظام مان ڇوٽڪارو ملي وڃي پر هاڻ عوام دشمن ڪاروبار ۽ وهنوار وڌي وڻ ٿي چڪو آهي۔هاڻ ظلم خلاف دانهن ڪرڻ بيوسي ڏيکارڻ به وڏو ۽ سنگين ڏوهه آهي جنهن تي به پوليس ۽ طاقتور ماڻهو ماري فتح جو نشان ڏيکاري ٿا.

حيدرآباد ۾ بنگلن اندر ماضي ۾ پورهيتن جي قتل جا واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن جن مان محمود ملاح وارو واقعو ڪنهن ڳڻتي کان گهٽ ناهي۔جيتوڻيڪ اسيمبلين جا ٺهراءَ ۽ سنڌ سرڪار جا فيصلا آهن ته گهرن ۽ بنگلن تي ڪم ڪندڙ مرد توڙي عورت ملازمن جي لاڳاپيل ٿاڻي تي رجسٽري يا اطلاع ٿي گهرجي پر اهو سلسلو بند آهي هر ماڻهو پنهنجو يا پرايو جيڪو به ملازم رکي ٿو پنهنجي سطح تي پنهنجي مرضي سان رکي ٿو جنهن ڪري به پرتشدد واقعا ڦرون ۽ چوريون قتل ٿين ٿا۔سنڌ اندر جابر وڏيرا ۽ سردار پنهنجي بنگلن تي ڏکڻ پنجاب ڪي پي ڪي بلوچستان ۽ افغاني به ملازم رکن ٿا جن لاءِ هو اهو سبب ڏيندا آهن ته اهي محنتي ۽ سچار آهن۔ڀلي ڪير به هجي ان کي روزگار ملي ٿو ته سٺي ڳالهه آهي ملازمن جي قانوني رجسٽريشن وقت جي ضرورت آهي جنهن سان اڻوڻندڙ واقعن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو.

معصوم محمود ملاح جي پرتشدد جنسي قتل جو ته انجي لاءِ اڻڌري جاچ ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ رينجرس پوليس ۽ جڊيشري جا ماڻهو ميمبر هجن جيڪي چئني رخن کان جاچ ڪن ۽ جن به قتل ڪيو آهي يا ملوث آهن تن خلاف دهشتگري عدالت ۾ ڪيس هلائي جوابدارن کي واقع قرار سزا ڏئي شهيد جي پونيئرن سان انصاف ڪيو وڃي۔شهيد فاطمه ڦرڙو پريا ڪماري ۽ ٻين جي جنسي تشدد اغوا و قتل وارا ڪيس به خاص عدالتن ڏانهن موڪليا وڃن جيئن متاثر والدين کي صحيح ۽ وقتائتو انصاف ملي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.