9 مئي وارو معاملو هاڻي حل طرف وڃڻ گهرجي

تحرير: سليم صافي

سياسي جماعتون سياسي جماعتن سان مقابلو  ڪنديون آهن پر رياست سان نٿيون وڙھي سگھن ۽ رياست يا فوج ملڪ دشمنن سان وڙهندي آهي پر پنهنجي ملڪ جي ڪنهن جماعت سان نھ. 9 مئي جو واقعو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ منفرد ۽ سنگين ترين واقعو هو. جنهن ۾ ھڪ سياسي پارٽيءَ  ڪنھن سياسي جماعت بدران رياست تي حملو ڪيو.

پاڪستان ۾ رياست جي سڀ کان وڏي علامت سمجھي ويندڙ فوج کي للڪاريو.ان ۾ جھيڙي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. خود فوج  جو چوڻ ته اها فوج ۾ بغاوت جي هڪ اھڙي منظم سازش هئي، جنهن کي سڌي يا اڻ سڌي طرح ٻاهرين دشمنن جي بھ ھشي مليل ھئي. جي ايڇ ڪيو تي حملو ٿيو، لاهور جي ڪور ڪمانڊر جو گهر، جيڪو پڻ قائداعظم سان منسوب آهي، مڪمل طور تي ساڙي رک ڪيو ويو،جنگن ۾ ڪارناما سرانجام ڏيندڙ جھازن کي ڪيرايو ويو ۽ سڀ کان وڌ اھو تھ شھيدن جي مجسمن جي بھ توهين ڪئي وئي.

اهو عمل دنيا جي ڪنهن به فوج لاءِ نھ قبولڻ جوڳو ٿي سگھي ٿو ۽ پاڪستاني فوج به سخت رد عمل ظاهر ڪيو. پهرين پنهنجي گهر کي صاف ڪيو.هڪ ڪور ڪمانڊر ۽ ڪيترن ئي سينيئر آفيسرن کي سزائون ڏنيون ويون، پر ان ۾ ملوث سياسي جماعت بابت رد عمل ڪو گهڻو بهتر نه هو. ڪيترن ئي مهينا گذرڻ باوجود ماسٽر مائينڊز جي چٽي نشاندهي نه ڪئي وئي.جيڪي مرد ۽ عورتون مليون انھن کي بند ڪيو ويو.

فيصلو ڪيو ويو ته انهن تي فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلايو ويندو. فوجي عدالتون به قائم ڪيون ويون ۽ ڪيترائي ڪيس ھليا، پر ان معاملي کي  سپريم ڪورٽ وچ ۾ ٽنگي ڇڏيو آهي، تنهن هوندي به درجنين مرد ۽ عورتون تحويل ۾ آهن ۽ انهن جو مستقبل ڇا ٿيندو، ان جو  ڪو پتو نھ آھي.

ھڪ ٻيو پراسرار معاملو ھي آھي ته 9 مئي جو اصل ماسٽر مائينڊز مان ڪو خاص ماڻھون گرفتار نه ڪيو ويو. اھي پهرين تھ روپوش ٿي ويا ۽ هاڻي هڪ هڪ ڪري پشاور هاءِ ڪورٽ مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت حاصل ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف رياست طرفان 9 مئي سانحي جي شڪي ماڻهن خلاف لڳاتار ٻيا به ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا آھن. جنهن سبب اهو معاملو ھڪ مذاق بڻجي ويو.

بھرحال ھاڻي معاملو ڪنھن حل طرف وڃڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو پي ٽي آءِ کي سمجھه ۾ اچي ويو ھوندو تھ سياسي جماعت سان سياسي جنگ وڙهي سگهجي ٿي پر فوج سان نٿي وڙھي سگھجي ۽ فوج کي بھ سمجهھ ۾ اچي ويو ھوندو تھ دشمن سان وڙھڻ آسان آھي پر پنهنجن ماڻهن کي دشمن وانگر رويو اختيار نٿو ڪري سگھجي ۽ نھ ئي انهن سان وڙهڻ ۾ ڪو  فائدو آهي. ان ڪري هاڻي فوج ۽ پي ٽي آءِ ٻنهي کي اهو معاملو ختم ڪرڻ گهرجي.

پي ٽي آءِ کي گهرجي ته عمران خان جي سطح تي ٽال مٽول بنا ئي  9 مئي واري واقعي جي مذمت ڪئي وڃي ۽ ان تي سموري قوم کان معافي ورتي وڃي ۽ فوج کي گهرجي ته جيڪي ڪجهھ ماسٽر مائينڊن انھن شاھدن سان معلوم ڪيا آھن.انھن کانسواءِ  پي ٽي آءِ جي باقي سمورن ڪارڪنن لاءِ معافي جو اعلان ڪري. بهتر ٿيندو ته سڀني لاءِ عام معافي جو اعلان ڪيو وڃي، ڇو ته رياست ماءُ جيان هوندي آهي، پر جيڪڏهن سڀني کي معاف نٿو ڪري سگهجي ته پوءِ جيڪي ماسٽر مائينڊ نھ آھن ۽ ان ڏينهن تي جلوس سان گڏ جذباتي ٿي ويا ھئا ۽ عام ڪارڪنن  آھن انھن کي آزاد ڪيو وڃي.جيڪڏهن اهو بھ نٿو ٿي سگھي تھ گهٽ ۾ گهٽ عورتن لاءِعام معافي جو اعلان ڪيو وڃي ۽ انهن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

پي ٽي آءِ ۽ فوج جي انهن قدمن سان ٻنهي وچ ۾ تلخي گهٽ ٿيندي ۽ مستقبل ۾ صورتحال معمول تي اچڻ جو سفر به شروع ٿي ويندو. آخر ۾ اها ڳالهه ورجائجي ٿي ته سياسي پارٽيون سياسي پارٽين جو تھ مقابلو ڪري سگھن ٿيون. پر فوج يا رياست سان نٿيون وڙهي سگھن. جڏهن ته فوج دشمن ملڪن سان وڙهي سگھي ٿي پر پنهنجي ئي شهرين سان وڙهڻ جا سٺا نتيجا نه نڪرندا آهن.

پي ٽي آءِ کي گهرجي ته عمران خان جي سطح تي ٽال مٽول بنا ئي  9 مئي واري واقعي جي مذمت ڪئي وڃي ۽ ان تي سموري قوم کان معافي ورتي وڃي ۽ فوج کي گهرجي ته جيڪي ڪجهھ ماسٽر مائينڊن انھن شاھدن سان معلوم ڪيا آھن.انھن کانسواءِ  پي ٽي آءِ جي باقي سمورن ڪارڪنن لاءِ معافي جو اعلان ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.