ناموس رسالت کان تحريڪ ناموس پاڪستان تائين

تحرير: يوسف انور

اسلام آباد لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججن کان پوءِ سپريم ڪورٽ پاڪستان ۽ ٻين عدالتن جي ججن کي بھ  نام نهاد تنظيم تحريڪ ناموس پاڪستان طرفان، شڪي خط موڪليا ويا آهن.ھتي ٻه لفظ  غور ڪرڻ جھڙا  آهن.ھڪ تحريڪ ۽ ٻيو ناموس. حقيقت ۾ هن ملڪ ۾ مذهبي اصطلاحن جي استعمال/ استحصال جي پنهنجي تاريخ آهي .پنھنجي جوھر جي حوالي سان پھرين ڏينھن کان اھو سلسلو جاري آھي.

ڪنھن وقت ۾ مئي ڏهاڙي جي مقابلي ۾ ”شوڪت اسلام“ ملهائڻ جو مقصد يوم مئي جي ڏينھن جي اھميت گھٽائڻ ھو.جنرل يحيٰ خان جي مارشل لا واري دور ۾  جنرل نوابزاده جنرل شير علي ان وقت جماعت اسلامي جي سرپرستي ڪري رهيو هو ۽ جماعت اسلامي کي مارشل لا جي مڪمل حمايت حاصل ھئي.پر شوڪت اسلام جو ڊرامو ناڪام ٿي ويو.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي خلاف گڏيل اپوزيشن جو نالو پاڪستان نيشنل الائنس رکيو ويو،شھيد بيبظير ڀٽو جي خلاف اسلامي جمھوري اتحاد قائم ڪيو ويو.جنرل مشرف جي دور ۾ ’متحده مجلس عمل‘ (ايم ايم اي) جنهن کي ماڻهو ملان ملٽري الائنس سڏيندا هئا جوڙيو ويو ھو.

پاڪستان ۾ ساڄي ڌر جون پارٽيون مذهبي اصطلاحن جو سھارو ڳولينديون آهن، مثال طور عمران خان نعوڊ بااللھ توهين رسالت جي بيانيئي کي هٿي ڏيڻ شروع ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ھيٺين سطح تي سائول ڊير کي، مردان جي ملن جي ھجوم قتل ڪري ڇڏيو.

ليبڪ، راھ حق جو، طيبه، لشڪر، جهاد، سڀ اھڙا اصطلاح آھن جن کي وڌايو ويو ھو.پر سڀني کان وڌيڪ اھم ترين  ”طالبان“ جي اصطلاح بابت سڀ کان اهم ڳالهه مرحوم جنرل نصيرالله بابر  تسليم  ڪيو ھو ته ”اهي اسان جا ٻارڙا (ٻچا) آهن“. ڇاڪاڻ ته افغان طالبان کي شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت جي سرپرستي حاصل هئي.تحريڪ طالبان افغانستان کانپوءِ تحريڪ طالبان پاڪستان وجود ۾ آئي، جنهن سبب پختون خواهه ۽ بلوچستان ۾ مذهبي دهشتگردي جاري آهي ۽ جاري رهندي.

القائده ۽ داعش خراساني سميت ٻيون گھٽ مشھور تنظيمون وقت بوقت ميڊيا تي اينديون رهنديون آهن، بلڪھ  انٽيليجنس ايجنسيون ميڊيا کي ٻڌائينديون آهن ته فلاڻي  تنظيم جي فلاڻي اڳواڻ اھا ڪارروائي ڪئي آهي.

”تحريڪ ناموس پاڪستان“ جي شڪي خطن بابت فارنزڪ سائنس مطابق جاچ پڌري ڪئي وڃي ته اهي ڪهڙا عنصر آهن جيڪي عدليه کي ھراسان ڪري رهيا آهن؟

مذهبي بيانيئي کان وڌيڪ حقيقي زميني سچ  جي روشنيءَ ۾ رياست جو ڪاروھنوار هلائڻ وقت جي اھم گھرج آھي. آخر ڪيستائين عوام جي مسئلن کان اک بند ڪندا ۽ انھن کي نظر انداز ڪندا رهندا. مهانگائي ۽ بيروزگاري  عام ٿي وئي آهي پر ان جي باوجود عوام تي ٽيڪسن جو بار وڌو پيو وڃي.

عوام جي ناموس( عزت) لاءِ معاشي ترقي واسطي قدمن کڻڻ  جي ضرورت آهي.

اسلام آباد لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججن کان پوءِ سپريم ڪورٽ پاڪستان ۽ ٻين عدالتن جي ججن کي بھ  نام نهاد تنظيم تحريڪ ناموس پاڪستان طرفان، شڪي خط موڪليا ويا آهن.ھتي ٻه لفظ  غور ڪرڻ جھڙا  آهن.ھڪ تحريڪ ۽ ٻيو ناموس. حقيقت ۾ هن ملڪ ۾ مذهبي اصطلاحن جي استعمال/ استحصال جي پنهنجي تاريخ آهي .پنھنجي جوھر جي حوالي سان پھرين ڏينھن کان اھو سلسلو جاري آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.