ڪشمور ۾ بدامني ۽ پوليس جي لاپرواھي

تحرير: ذلفي چاچڙ

ڪشمور شھر ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ صحيح معني ۾ ڪڏھن امن رھيو ئي ناھي.ھتان جي ماڻھن جو سڀ کان وڏو مسئلو قبيلائي جھيڙا، چوري، اغوا ۽ ڦرون ئي رھيو آھي، سندن ان مسئلي کي نبيرڻ لاءِ اڄ ڏينھن تائين ڪنھن به نيڪ نيتي سان ڪا به ڪوشش ناھي ڪئي، جنھن  سبب ماڻھو عدم تحفظ ۽ خوف جو شڪار رھندا پيا اچن.

ڏوھارين کي ڏاڍ ھميشه ڦٻندو پيو اچي، ھاڻ اھي ايتري قدر بدمست ٿي ويا آھن جو ڏينھن ڏٺي جو شھرين کان سري عام ڦر ڪرڻ توڙي کين اغوا ڪرڻ لڳا آھن، پر پوليس ڏوھارين خلاف ڪا سخت ڪارروائي ڪرڻ جي بدران اداڪاري ڪري نام نھاد آپريشن جون ويڊيوز ٺاھي سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪري ماڻھن جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي. جڏھن ته شھر ۾ امن و امان جي صورتحال بھتر ٿيڻ جي بدران ويتر بدتر ٿي رھي آھي ۽ ڏوھاري جي ڏاڍ ۽ ڏھڪاءُ ۾ ڏينھون ڏينھن واڌارو اچي رھيو آھي ۽ جيڪي رمضان المبارڪ جي ڀلاري مھيني ۾ به وارداتون ڪندا رھيا آھن پر عيد ويجھو ايندي ئي ان ۾ تيزي اچي وئي آھي.

گذريل جمعي واري ڏينھن تي نوجوان صحافي ۽ شھري اتحاد ڪشمور جو جنرل سيڪريٽري ڄام اصغر افطاري کان ڪجھه وقت پنھنجي گھر وڃي رھيو ھو ته کيس رستي ۾ ھٿياربندن روڪي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڌاڙيلن مزاحمت ڪرڻ تي کيس گوليون ھڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو.

ياد رھي ته نوجوان صحافي کي جنھن ھنڌ تان اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان ھنڌ تي ڪجھه سال اڳ پوليس چوڪي قائم ٿيل ھئي. ڇو ته اھو ھنڌ ڌاڙيل جو گھٽ ۽ گھيڙ آھي، جتان ڏوھاري بيگاري سنڌ فيڊر  پار ڪري شھر جي حد ۾ داخل ٿيندا هئا ۽ ورداتون ڪري ويندا آھن. اھا پوليس چوڪي پوليس اسٽيشن ڪشمور جو اڳوڻو ايس ايڇ او زياد نوناري قائم ڪئي ھئي، جنھن سبب شھر ۾ ورداتون بنھه گھٽجي ويون ھيون پر ان جي بدلي ٿيڻ کان پوءِ ايندڙ پوليس عملدارن ڄاڻايل پوليس پڪٽ کي ختم ڪري ڏوھارين کي ڏوھه ڪرڻ جي لاءِ راھه ھموار ڪري ڏني، جنھن سبب شھر ۾ ڦر، چوري ۽ اغوا ڪاري جون وارداتون وڌي ويون. شھرين جي تحفظ ۽ سندن ملڪيتن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ نوجوان صحافي ۽سماجي ڪارڪن ڄام غلام اصغر نه رڳو وقت به وقت سوشل ميڊيا تي آواز اٿاريندو رھيو پر ھن مختلف وقتن تي ايس ايڇ اوز ۽ ايس ايس پيز کي پڻ لکت ۾ اپيلون ڪندو رھيو پر ان جو ڪو به کڙتيل نه نڪتو تان جو گذريل جمعي واري ڏينهن تي ھو خود ڌاڙيلن جي گولين جو نشانو بڻجي گھايل ٿيو.

پوليس جي ان عمل کي آخر اسان ڇا سمجھون؟ جيڪا شھرين کي تحفظ فراھم ڪرڻ جي بدران ڌاڙيلن جي راھه ۾ رڪاوٽ بڻيل پوليس پڪٽ کي ئي ختم ڪري ڇڏيو ۽ شھرين جي بار بار مطالبي جي باوجود به ان کي بحال نه ڪيو، جڏھن ته ان جي اھميت جو ان ڳالھه مان به اندازو ڪري سگھجي ٿو ته زياد نوناري جي سڄي دور(جيڪو لڳ ڀڳ پنج سال ٿيندو) ۾ شھر ۾ مڪمل طور امن رھيو ۽ شھري ھر طرح سان خود کي محفوظ سمجھڻ لڳا.

ڄام اصغر جو ڳاڻيٽو انھن چند گھڻ پڙھيل ۽ عوام دوست صحافين ۾ ٿئي ٿو، جنھن کي اڄ ڏينھن تائين ڪنھن راشي ڪاموري کي پريس ڪارڊ جي زور تي بليڪ ميل ڪري حصو پتو گھرندي ڪنھن به ناھي ڏٺو، جن صحافت جي ساک ڌوڙ ٿيڻ ناهي ڏني.

اسين مٿس ٿيل قاتلاڻي حملي کي آزاد صحافت ۽ شعور تي حملو تصور ڪريون ٿا. سنڌ حڪومت کان گھر ڪيون ٿا مٿس ٿيل قاتلاڻي حملي جي  جوابدارن ۽ غفلت  جو مظاھرو ڪندڙ پوليس عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

پوليس جي ان عمل کي آخر اسان ڇا سمجھون؟ جيڪا شھرين کي تحفظ فراھم ڪرڻ جي بدران ڌاڙيلن جي راھه ۾ رڪاوٽ بڻيل پوليس پڪٽ کي ئي ختم ڪري ڇڏيو ۽ شھرين جي بار بار مطالبي جي باوجود به ان کي بحال نه ڪيو ويو، جڏھن ته ان جي اھميت جو ان ڳالھه مان به اندازو ڪري سگھجي ٿو ته زياد نوناري جي سڄي دور(جيڪو لڳ ڀڳ پنج سال ٿيندو) ۾ شھر ۾ مڪمل طور امن رھيو ۽ شھري ھر طرح سان خود کي محفوظ سمجھڻ لڳا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.