خودڪشين جا سبب، هڪ جائزو

تحرير: منٺار علي

اسان ڄاڻون ٿا ته خودڪشي هڪ حساس موضوع آهي، پر حالتن موجب ان تي بحث لازمي آهي. ڇاڪاڻ ته زندگي جي ڪنهن موڙ تي اسان به انهن خيالن کي پنهنجي ذهن ۾ جڳهه ڏيندا آهيون، يا وري ڪنهن کي اهڙي معاملي مان گذرندي ڏسندا آهيون. دنيا ۾ ٽن مان هڪڙو ماڻهو نفسياتي مسئلن جو شڪار هوندو آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته، جنهن ڪمري ۾ اوهان ڪنڌ هيٺ ڪري ان پريشاني سان داخل ٿيو ٿا، اهو سوچيندي ته ان مسئلي ۾ صرف مان ئي آهيان پر ان ئي ڪمري ۾ موجود ٽن ماڻهن مان هڪڙو ماڻهو ساڳي وقت ساڳي تڪليف مان گذرندو آهي .

اها ڳالهه ڪا به معني نه ٿي رکي ته اسان ٻاهران ڪهڙا به ڏسڻ ۾ اچون. دماغ هڪ نعمت به آهي، پر اها آفت به بڻجي سگهي ٿي، خاص طور تي تڏهن جڏهن ان ۾ ڪا نفسياتي بيماري واهيرو ٺاهي ويهي. ان بيماري جي جڳهه دماغ هوندو آهي پر ان جو نه منهن هوندو آهي نه ئي پڇ ، اها دماغ جي اڏوهي جيان لهندي آهي . منهنجو ڪافي ڊپريس ماڻهن سان وهنوار رهيو آهي . خاص طور تي انهن سان جن کي هڪ دفعو بيماري ڇڏي ته وڃي ٿي پر، ٻيهر ڊرامائي انداز سان واپس اچي ٿي . مان انهن جي باري ۾ پنهنجي تجربي جي آڌار تي ٻڌائي سگهان ٿو ته، هو سچ ۾ خودڪشي ڪرڻ ناهن چاهيندا، پر انهن وٽ هڪڙو ئي اهو حل هوندو آهي ان تڪليف مان نڪرڻ جو.

خودڪشي ڪندڙ دماغ مڪمل ڦاٿل هوندو آهي. اهو ايترو ته سوڙهو ۽ ڳُتيل هوندو آهي جو ان کي ايئن محسوس ٿيندو آهي ته اتان ڪو به ٻاهر جو دڳ يا چارو ناهي. هر ايندڙ ويندڙ ڏينهن شديد قسم جي تڪليف، سور ۽ اهنج سان ڊيڄاريندو به آهي ۽ مسلسل ڪيرائيندو به رهندو آهي. اتي هڪ ئي حل نظر ايندو آهي، اهو آهي پاڻ کي ختم ڪرڻ، پر ساڳي جاءِ تي اسان جي اندر جو انسان انهن بيمارين سان وڙهڻ چاهيندو آهي، اهو صرف هڪ ئي شئي کي مضبوطي سان پڪڙڻ چاهيندو آهي اها آهي اُميد، جيڪا پوءِ زندگي تائين پهچائيندي آهي.

ذهني بيماريون جنگ کان گهٽ ناهن هونديون، ڪافي ماڻهو چوندا آهن ته ڀاڙيو آهي، يا وري پاڻ ڏانهن ڌيان ٿو ڇڪائڻ چاهي. پر ڊپريشن هڪ حقيقت آهي، اها حقيقت بدقسمتي سان تڏهن وڌيڪ شديد ٿيندي آهي جڏهن ماڻهو ان ڳالهه کي سنجيده ناهن وٺندا، آخري حد خانداني تنقيد آهي، اتان ئي ان پاڻ ختم ڪرڻ واري خيال کي هٿي ملندي آهي .

جيڪي انهن معاملن ۾ ٿورڙا به ڦاٿل آهن، انهن کي گهرجي ته هو جيئڻ جي ڪوشش ڪن. هو پنهنجي ڪهاڻين سان دنيا کي متاثر ڪن، هو انهن جو سهارو بنجن جيڪي ان قسم تڪليف جي ڪري اندران ٻاهران دٻاءُ شڪار آهن . توهان کي خبر آهي ته هي تڪليف ڇا آهي، ۽ تمام گهڻي تڪليف ڏئي ٿي، معاشري جي توهان جي اڳيان ۽ پويان طعنن جا انبار توهان کي جهورين ٿا، پر هي سڀ ڪجهه توهان گذاري چڪا آهيو، انهن ڳالهين مان تڪليفن مان گذري چڪا آهيو، ان جي ڪري هاڻي توهان مضبوط ٿي ويا آهيو.

توهان جي ڌڙڪندڙ دل جي موسيقي سان ڪافي چهرا خوش آهن، توهان خودڪشي کي هڪ ئي حل سمجهيو ٿورو پاڻ کان پوءِ جو معاملو سوچيو، نه بي معني نه اهو سوچيو ته اوهان کي ڪيترن اتان ويندي ويندي به مسلسل ڏک ۾ ڌوڪي ويندو. ڏسو توهان جتان گذريا آهيو، يا اڃان موجود آهيو، ان تڪليف مان هر ٽيون ماڻهو گذري ٿو، ان جو مطلب اهو ٿيو ته جي سڀ خودڪشي ڪن ته دنيا جو هڪ حصو آبادي ختم ٿي وڃي . توهان کي هر ڏينهن مضبوط ٿيڻو آهي، هر ان لاپرواهه رشتي کي نظرانداز ڪري جيئڻو آهي.

جيڪي ذهني طور تي صحتمند ماڻهو آهن انهن کي گهرجي ته هو جڏهن به ڊپريس ماڻهن سان ملن ته کين همٿائڻ جي ڪوشش ڪن، جي اهي توهان جي گهر ۾ آهن ته انهن کي ٻڌو، انهن جي احساسن کي محسوس ڪيو، جي انهن جي ورتاءُ ۾ فرق ناهي ته انهن کي ڪنهن ماهر نفسيات وٽ بنا دير وٺي وڃو . ڪنهن به گلا جي ڀئُه کان .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.