پيئڻ جي پاڻي کي زهريلو بڻائيندڙ ذميوارن کان پڇاڻو ڪيو وڃي

انڊس ڊيلٽا جي تباهي جو داستان ته تمام گهڻو پراڻو آهي جنهن معاملي تي تمام گهڻا ايڊيٽوريل به لکجي چُڪا آهن جيڪي جيڪڏهن سهيڙجن ته اهڙن ايڊيٽوريلن جا ڪيترائي ڪتاب اچي سگهن ٿا پر ان مسئلي کي پوءِ به هر دور ۾ نظرانداز ڪيو ويو آهي جنهن سبب تباهي جو دائرو وڌندو ئي وڃي ٿو. رپورٽون آهن ته ڊيلٽا جي مڪمل تباهي کانپوءِ هاڻي سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد سميت لاڙ جي ڪيترن ئي علائقن، شهرن ۽ ڳوٺن جي ماڻهن کي پيئڻ لائق صاف پاڻي به نٿو ملي. تازو ڪوٽڙي بيراج جي پاڻي کي چڪاس ڪيو ويو ان جي زهريلي هئڻ جو انڪشاف ٿيو جنهن کانپوءِ حڪومت، آبپاشي کاتي، ضلعي انتظاميا ۽ واسا جي عملدارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ان نتيجي ۾ رپورٽون آهن ته آبپاشي کاتي ڪوٽڙي بيراج وٽ سنڌو درياهه جو پاڻي زهريلو ٿيڻ بعد منڇر ڍنڍ جي پاڻي جو سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪرڻ بند ڪيو ويو آهي. رپورٽن موجب ڪوٽڙي بئراج وٽ سنڌو درياهه ۾ ٽي ڊي ايس جو مقدار 800 ملي ليٽر تائين وڃي پهتو هو ان ڪري حيدرآباد سميت لاڙ پٽ جا اهي سمورا علائقا جيڪي سنڌو درياهه جي وسيلي پيئڻ جو پاڻ حاصل ڪندا هئا انهن علائقن جا ماڻهو زهريلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور هئا.

آبپاشي کاتي جي ذريعن موجب گذريل ٻوڏ کان وٺي منڇر مان لاڳيتو ڇوڙ سنڌوءَ ۾ ٿي رهيو هو جنهن ڪري سنڌو درياهه جو پاڻي زهريلو ٿي ويو هو. واضح رهي ته منڇر ڍنڍ جو پاڻي ڪيتري عرصي کان زهريلو آهي. منڇر ڍنڍ ۾ ايم اين وي ڊرين ذريعي زهريلي پاڻي جي ڇوڙ سبب منڇر جو پاڻي زهريلو ٿي ويو هو، ۽ منڇر جي پاسي وارن علائقن جا رهواسي اهو زهريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور هئا. هاڻي لاڙ پٽ جي اڪثر علائقن جو پاڻي به ائين ئي زهريلو ٿي ويو آهي. رپورٽن موجب منڇر جي تباهي جو واپڊا اسڪارپ کاتي سوڌو سنڌ حڪومت ذميوار قرار ڄاڻائي ويندي آهي.

اهي مسئلا بظاهر ته اڄ جا ٿا لڳن پر اصل ۾ اهي اسان جي حڪومتن جي غلط پاليسين، وزيرن جي پنهنجين وزارتن ڏانهن گهربل ڌيان نه ڏيڻ جو نتيجو آهن. ڪي معاملا اهڙي نوعيت جا هوندا آهن جن کي ٽيڪنيڪلي بنيادن تي نه ڏٺو ويندو، پيشي وراڻين گهرجن تحت نه ڏٺو ويندو ته اهي پوءِ نه سياست ڏسندا، نه نسلي، لساني فرقيوار فرق ڪندا اهي سڀني کي هڪ ئي وقت متاثر ڪندا آهن. مثال طور ڪير سنڌ کي نقصان پهچائڻ لاءِ ان کي درياهي پاڻي جو جائز حصو نه ڏيندو ته ان جو فطري هيبتناڪ نتيجو نڪرندو. جيڪو نڪري رهيو آهي. گهٽ پاڻي سبب سنڌو درياهه جو ڇوڙ سمنڊ تائين نٿو رسي ته ان جو فطري ردعمل پوءِ اهو ٿئي ٿو جو سمنڊ اڳتي وڌي آباد زمينون کاريون ڪرڻ لڳي ٿو. سمنڊ کي پنهنجي حد ۾ رهڻ لاءِ درياهي ڇوڙ جو دٻاءُ گهرجي ٿو پر اسان جا تعصبي عينڪ پهريل پاڻي جا ماهر به اهڙو جاهلاڻو موقف رکن ٿا ته سنڌ کي گهڻو پاڻي ڏجي ٿو ته اهو سمنڊ ۾ وهي ڪري ضايع ٿي وڃي ٿو. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته سنڌو درياهه جي زندگي ئي ان ۾ آهي ته سنڌو درياهه جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري. ان جو فائدو اهو آهي ته پوءِ سمنڊ اڳتي نه وڌي سگهندو ۽ نه ئي آباد زمينون غير آباد ڪندو رهندو. پر اها ڳالهه عام ماڻهو ته ڀلي نه سمجهي پر پيشه ور ماڻهو به نه سمجهي ته ان تي ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو.

ائين پنجاب جي گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ غلط ڊيزائننگ سان ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي جي نالن ڪري سڄو گندو پاڻي سنڌو درياهه ۾ پئي ٿو جنهن پڻ درياهه جي پاڻي کي زهريلو ڪري ڇڏيو آهي. اصولي طور تي حڪومت ۽ آبپاشي کاتي کي پاڻ انهن معاملن تي نظر رکڻ گهرجي ها ۽ اهڙي نوبت نه اچڻ گهرجي ها جو پيئڻ جو پاڻي به زهريلو ٿي وڃي.

هاڻي به ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پيئڻ جي صاف پاڻي جو انتظام ڪيو وڃي. هي بيحد نازڪ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي تنهن ڪري هنگامي بنيادن تي هي مسئلو حل ڪرڻ جو آخري وقت اچي ويو آهي. ٻي صورت ۾ حالتون هاڻي خراب کان خراب، بد کان بدتر ٿينديون وينديون تنهن کي روڪڻ جي فوري ضرورت آهي. حڪومت کي گهرجي ته ان مسئلي جي حل لاءِ آبپاشي کاتي جي پراڻن ماهر ماڻهن جي ڪانفرنس گهرائي وڃي جنهن ۾ سنجيدگي سان ويچار ڪيو وڃي ته پيئڻ جي پاڻي کي زهريلي ٿيڻ کان ڪيئن بچائجي. ان ڪانفرنس ۾ پوءِ جيڪي تجويزون ۽ سفارشون ڏنيون وڃن تن کي حڪومتي پاليسي بڻائي انهن تي فوري عمل ڪرايو وڃي.

اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ لڳاتار چوٿون ڀيرو حڪومت ڪندڙ پ پ سرڪار پنهنجي صوبي جي عوام کي زهريلو پاڻي پيئڻ لاءِ مُهيا ڪري رهي آهي. اهي به شڪايتون آهن ته پيئڻ جي پائيپ لائين ۽ گٽرن جي لائينن واريون پائيپ لائينون اڪثريتي طور تي پاڻ ۾ ملي وينديون آهن ۽ گٽر جو گندو پاڻي صاف پيئڻ جي پاڻي سان ملي ويندو آهي پر انهن شڪايتن جي تدارڪ لاءِ به ڪجهه ناهي ڪيو ويو. سو جيڪڏهن صورت حال اها ئي هوندي جيڪا رپورٽ ٿي رهي آهي ته پوءِ ڇو نه ماڻهن کي پيئڻ لاءِ زهريلو ۽ ڌپارو پاڻي ملندو. تنهن ڪري پيئڻ جي پاڻي کي زهريلو بڻائيندڙ ذميوارن کان پڇاڻو ڪيو وڃي يا ان ڏس ۾ حڪومت جي ڪارڪردگي بهتر ڪرائي وڃي.

اها ڪيڏي نه خطرناڪ نشاندهي آهي ته سڄي سنڌ جو جر زهريلو ٿيڻ لڳو آهي. جنهن جي نشاندهي وڏي عرصي کان ٿيندي رهي آهي ۽ اهو سلسلو اترين علائقن کان هيٺ لهندي لاڙ جي خطي تائين پهچي ويو آهي. سمنڊ ۾ درياهي پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري سمنڊ سنڌ جون 22 لک ايڪڙ زمينون غير آباد ڪري چُڪو آهي ۽ اهو سلسلو پڻ وڌي رهيو آهي جنهن کي ترت روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي اپاءُ وٺڻا پوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.