تاريخ جو ٽرائل سدائين شفاف ھوندو آھي

تحرير: شرجيل انعام ميمڻ

پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم پاڪستان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 45 ھين ورسي اڄ اسان اُن موقعي تي ملھائي رھيا آھيون، جڏھن سندس عدالتي قتل جي حوالي سان ھڪ صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ھڪ تاريخ ساز فيصلو ٻڌائيندي اھو قرار ڏنو آھي تھ شھيد ڀٽو جي ڪيس ۾ ٽرائل شفاف نھ ھو. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ان ريفرنس جي ٻڌڻي دوران اھي ريمارڪس بھ ڏنا تھ اُن وقت عدليھ ڊپ ۽ خوف ۾ شھيد ڀٽو کي ڦاھي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. چيف جسٽس آف پاڪستان اھو بھ چيو تھ عدليھ ۾ خوداحتسابي ٿيڻ گھرجي. عدليھ ماضي جي غلطين کي تسليم ڪرڻ کانسواءِ اڳتي نھ ٿي وڌي سگھي. صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني بينچ جي گڏيل فيصلي ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان جي ريمارڪس کانپوءِ اھا ڳالھھ ثابت ٿي وئي آھي تھ شھيد ڀٽو جو عدالتي قتل ٿيو ھو ۽ کيس ھڪ اھڙي ڏوھھ جي سزا ڏني وئي، جيڪو ھُن ڪڏھن بھ نھ ڪيو ھو.

اُن سان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اھا ڳالھھ بھ درست ثابت ٿي وئي آھي تھ جيڪا ھُن دار جي تختي تي بيھي چئي ھُئي تھ ”اي خدا، منھنجي مدد فرماءِ، آئون بي قصور آھيان.“  اسان جي مذھب اسلام موجب جنھن شخص کي بيگناھھ قتل ڪيو وڃي اھو شھيد ھوندو آھي. اڄ 45 ھين ورسي جي موقعي تي اُھي سمورا ماڻھو بھ حق تي ليکيا ويندا، جيڪي شروع کان ئي ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي سان گڏ لفظ ”شھيد“  ڳالھائيندا ۽ لکندا آيا آھن ۽ پاڪستان جي سڀني کان وڏي عدالت بھ اُن تي تصديق جي مُھر لڳائي ڇڏي آھي تھ ”ڀٽو شھيد آھي.“

اُن ڳالھھ جو ڪريڊٽ صدر آصف علي زرداري کي وڃي ٿو، جنھن پنھنجي اڳوڻي صدارتي دور 2011ع ۾ آئين جي آرٽيڪل 186 تحت شھيد ڀٽو  جي ڦاسي جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي راءِ ڄاڻڻ لاءِ ھڪ ريفرنس داخل ڪيو ھو، جنھن جي ڪري عدليھ پنھنجي غلطي جو اعتراف ڪيو ۽ تاريخ اُن فيصلي کي تسليم ڪيو تھ شھيد ڀٽو کي ڦاھي ڏيڻ جو فيصلو نھ ئي ڪالعدم ٿي سگھي ٿو ۽ نھ ئي اُن کي تبديل ڪرڻ جو ڪو قانوني طريقيڪار موجود آھي پر اُن فيصلي سان دُنيا کي اندازو ٿي ويو آھي تھ شھيد ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيڏي وڏي ڀيانڪ غلطي ھُئي، جنھن جو نتيجو پاڪستان ڀوڳي رھيو آھي. شھيد ڀٽو ھڪ ڀيري چيو  ھو تھ ”تاريخ ۾ بدلي يا انتقام جھڙي ڪا شئي ضرور ھوندي آھي.“ ھاڻي جيڪو ڪجھھ پاڪستان ۾ ٿي رھيو آھي، ھي شايد تاريخ جو انتقام آھي، جيڪڏھن شھيد ڀٽو کي ڦاسي نھ ڏني وڃي ھا تھ اڄ پاڪستان جون حالتون ايئن نھ ھجن ھا. شھيد ڀٽو پنھنجي ڪتاب، ”جيڪڏھن مون کي قتل ڪيو ويو،“ ۾ ھڪ جاءِ تي لکيو آھي تھ ”جيڪڏھن مون کي قتل ڪيو ويو تھ ھماليھ رت جا ڳوڙھا روئيندو.“ اُن وقت شھيد ڀٽو جي مخالفن اھي بيان ڏنا ھُئا تھ ”جبل ڪڏھن بھ ناھن روئيندا.“  ھي بيان اخبارن ۾ شايع بھ ٿيا ھُئا. پر تاريخ  ڏٺو تھ رڳو ھماليھ ئي نھ قراقرم، ھندوڪش ۽ سليمان جي جبلن جي سلسلن جي جھولي ۾ واقع پوري سنڌو ماٿري يعني پورو پاڪستان، دھشتگردي، رتوڇاڻ ۽ بدامني جو شڪار آھي ۽ ھر پاسي ماتمي صدائون گونجي رھيون آھن. سنڌ وادي جا سمورا پھاڙي سلسلا روئي رھيا آھن، اُن بدامني جي ڪري پاڪستان جي معيشت تباھھ ٿي چُڪي آھي، ھر پاسي غربت، مفلسي ۽ بيروزگاري آھي.

شھيد ذوالفقار علي ڀٽو  اُن صورتحال کان پاڪستان کي بچائڻ چاھي پيو، بس اھوئي سندس ”ڏوھھ“ ھو. شھيد ڀٽو پاڪستان کي ھڪ خودمختيار ۽ جمھوري رياست بڻائڻ چاھي پيو، سندس سياست جو محور اھو ھو تھ پاڪستان عالمي طاقتن جي مفادن جو اوزار نھ بڻجي، ڇاڪاڻ تھ اھو تباھي جو رستو آھي. پاڪستان اڻ ڌري پاليسي تي عمل ڪندي ڪنھن عالمي دٻاءُ ۾ اچڻ کانسواءِ پنھنجي قومي مفادن موجب، پنھنجا فيصلا پاڻ ڪري ۽ اھو تڏھن ئي ممڪن آھي، جڏھن پاڪستان ۾ حڪومتن جي تشڪيل جمھوريت جي فيصلن سان ٿئي ۽ جمھوريت جو اصل روح مساوات آھي. شھيد ڀٽو جو فلسفو اھو ھو تھ پيڙھيل ۽ مظلوم طبقن کي حق ڏيارڻ کانسواءِ ھڪ حقيقي جمھوري معاشرو قائم نھ ٿو ٿي سگھي.

شھيد ڀٽو جو اھوئي ”گناھھ“ ھو تھ ھُن پاڪستان جي غير جمھوري اشرافيھ جي سامراج نواز پاليسين  جي تباھي کان ملڪ کي بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ اُنھن ڪوششن ۾ ھُن عوام کي پاڻ سان گڏايو. شھيد ڀٽو جو ”قصور“ اھو ھو تھ ھـُو عوام کي طاقت جو سرچشمو قرار ڏيندو ھو. موت جي ڪال ڪوٺڙي ۾پنھنجي سڀني کان پياري ڌي شھيد محترمھ بينظير ڀٽو کي لکيل خط ۾ ھُن چيو تھ ”زندگي ڪامل محبت آھي، فطرت ھي گر خوبصورتي سان عشق ڪيو ويندو آھي، مون کي اھو چوڻ ۾ ڪا بھ ھٻڪ نھ ٿي ٿئي تھ منھنجو سڀني کان وڌيڪ جذباتي عشق يا جسم ۾ ڪنبڻيون پيدا ڪرڻ واري رومانس عوام سان رھيو.“ شھيد ڀٽو پنھنجي ملڪ جي خودمختياري ۽ غريب عوام جي حقن لاءِ پنھنجي زندگي جي پرواھھ نھ ڪئي. ھُن اُن مقصد جي حاصلات لاءِ ملڪي ۽ عالمي استحصالي قوتن کي للڪاريو. اھوئي ڪارڻ ھو تھ ھُو نھ رڳو پاڪستان پر ايشيا، آفريڪا، لاطيني آمريڪا جي عوام جو بھ ليڊر بڻجي ويو. شھيد ڀٽو استحصالي قوتن جي لاءِ برداشت نھ ڪرڻ جوڳو ٿي چُڪو ھو، اُن لاءِ 4 اپريل 1979ع جو سانحو برپا ڪيو ويو. شھيد ڀٽو  اھو موت اُن لاءِ قبول ڪيو هيو تھ ”ھُن تاريخ جي ھٿان مرڻ بدران آمر جي ھٿان مرڻ پسند ڪيو.” صدارتي ريفرنس جي فيصلي سان شھيد ڀٽو تاريخ ۾ امر ٿي ويو آھي. ھُو تاريخ ۾ اڄ بھ زندھ آھي ۽ ھُن پنھنجي قاتلن کي تاريخ جي عدالت ۾ آڻي بيھاريو آھي، تاريخ جو ٽرائل سدائين شفاف ٿيندو آھي.

اُن ڳالھھ جي جاچ ٿيڻ گھرجي تھ عدالت تي دٻاءُ ڪنھن وڌو ۽ عدالت کي ڪنھن جو ڊپ ۽ خوف ھو؟ اُنھن ماڻھن يا اُنھن قوتن کي بي نقاب ڪرڻ ضروري آھي تھ جيئن تباھي جي اُن عمل کي روڪي سگھجي، جنھن کي جاري رکڻ لاءِ استحصالي قوتن شھيد ڀٽو جي ڪيس ۾ فيئر ٽرائل ٿيڻ نھ ڏنو ۽ کيس ڦاسي ڏني وئي.

ھاڻي جيتوڻيڪ عدالت اھو قرار ڏئي ڇڏيو آھي تھ شھيد ڀٽو سان انصاف نھ ٿيو، اُن جي باوجود پاڪستان پيپلز پارٽي انتقام بدران شھيد ڀٽو جي اُن فلسفي تي ڪاربند آھي تھ پرامن جمھوري عمل ذريعي ملڪ ۽ عوام جا مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ شھيد ڀٽو جي مشن کي پورو ڪيو وڃي. شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جي نالي خط ۾ شھيد ڀٽو اھو بھ لکيو ھو تھ ”آئون پنھنجي ٻارن خاطر ۽ سڄي دُنيا جي ٻارن خاطر مسئلي جي آخري حل کان اڳ مفاھمت جو خواھشمند آھي.“ جنھن آخري حل جي ڳالھھ شھيد ڀٽو ڪئي آھي، اھو پرامن جمھوري جدوجھد بدران لڙائي وارو رستو آھي. اُن آخري حل کان بچڻ لاءِ لازمي طور تي اُنھن قوتن کي بي نقاب ڪرڻو پوندو، جيڪي جمھوري عمل ۾ رڪاوٽون پيدا ڪن ٿيون يا سياست ۾ مداخلت ڪري تاريخ جي ڌارا کي روڪڻ جي خطرناڪ راند کيڏن ٿيون. ھي اُھي ئي قوتون آھن، جن شھيد ڀٽو جي ڪيس ۾ شفاف ٽرائل ٿيڻ نھ ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.