شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مور نه مرڻو آ

تحرير: ڊاڪٽر فاطمه شهناز انصاري 

پاڪستان ۾ شهيدن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، جيڪا ذوالفقار علي ڀٽو کان شهيد بينظير ڀٽو، شهيد شهناز انصاري تائين سوين هزارين اڳواڻن ڪارڪنن قربانيون ڏئي ملڪ قوم ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪيو ويو آهي، پر ڪي ماڻهون اهڙا هوندا آهن جيڪي مختصر عرصي ۾ عوام، ملڪ جي بهتر مستقبل لاءِ اهم فيصلا ڪري قومن کي نئين زندگي ارپي انهن کي آسمان تي کڻي وڃي پهچائيندا آهن، اهي هميشه ماڻهن جي دلين ۾ بهار جي وڻندڙ موسم جيان وسندا ۽ گلابن جي خوشبو جيان مهڪندا رهندا آهن، ، اهڙا ماڻهو تاريخ جي ورقن ۾ بار بار پڙهيا ۽ تعريف ڪيا ويندا آهن، پ پ پ جي اڳوڻو چيئرمين ۽ ملڪ جو جمهوري وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به انهن مان هڪ آهي، جنهن موت ته قبول ڪيو پر ملڪ، جمهوريت، ۽ قوم جي خلاف ڪو به فيصلو قبول نه ڪيو نه وري ڪنهن وقت جي فرعون جي بعيت ڪرڻ کي بهتر سمجهيو.

4 اپريل تاريخ جو اهڙو بدنصيب ڏهاڙو  آهي، جنهن ڏهاڙي تي پاڪستان جي محسن، قوم جي رهبر ۽ مسلمانن جي عالمي هيرو کي ڦاهي جي ڦندي تي لٽڪائي ملڪ کي سخت نقصان ڏنو. 5 جولاءِ تي ڊڪٽيٽر ضياءُ الحق پاڪستان ۾ جمهوريت تي راتاهو هڻي پاڪستان جي چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ختم ڪري ڇڏي هئي، آمر ضياءُ الحق 5 جولاءِ رات جي انڌيري ۾ جمهوريت جي تڏا ويڙهه ڪري آئين جا ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ بعد مارشل لا مڙهي ڇڏي، کيس اهڙي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏني وئي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي ايٽم قوت جي تحفي سان نوازيو، عوام کي ڳالهائڻ لاءِ زبان ڏني، گهڻي ڇڪتاڻ ۽ خون خرابي کان پوءِ قاديانين کي پارليامينٽ مان ئي ٻه ڏهائي 3 اڪثريت سان غير مسلم قرار ڏياريو.

لاهور ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي اسلامي ملڪن جو بلاڪ جوڙڻ پئي گهريو، ورلڊ بئنڪ پاڪستان ۾ قائم ڪرڻ پئي گهري، عوام جي دلين جي ڌڙڪن ۽ جمهوري وزيراعظم کي اسلام اباد واري گهر تي لانگ بوٽ وارن قبضو ڪري ورتو، رات جي انڌيري ۾ ڇا وهيو واپرايو سڀ بيخبر هئا، صبح جو ريڊيو تان خبر نشر ٿي ته هاڻي ملڪ ۾ جمهوري حڪومت نه پر مارشل لا آهي، ضياءُ الحق ملڪ تي قبضو ڪري ورتو آهي، عوام جي پيرن هيٺاڻ ڄڻ زمين نڪري وئي، ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار ۾ چور دروازي کان نه پر عوام جي ووٽ ذريعي وزيراعظم بڻيو هو، اهڙي عوامي حڪومت کي ائين چورن جيان رات جي انڌيري ۾ ختم ڪيو ويو اهو بدنصيب ڏهاڙو هو جنهن ڏينهن عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو.

پاڪستان جي ترقي تي لت هڻي ملڪ ۽ قوم کي پوئتي ڌڪيو ويو، پيپلزپارٽي جي حڪومت ڇو ختم ڪئي وئي ان جي پٺيان هڪ مائينڊ سيٽ هو، اهڙو مائينڊ سيٽ جيڪو نه پيو چاهي ته عوام خوشحال ٿئي، پاڪستان سڄو پڙهيو لکيو بڻجي، قوم جا غريب ٻارڙا سڪول وڃن هارين کي حق ملن، مظلومن سان انصاف ٿئي، پاڪستان اسلامي دنيا جي ڪمان نه ڪري، فلسطين، ڪشمير، چيچنيا ۽ بوسنيا جي مسلمانن جي مدد ڪرڻ ڇڏي ڏئي، سعودي عرب سان ملي ڪري دنيا تي راڄ ڪرڻ جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏئي، فوجي ڊڪٽيٽر مارشل لا مڙهڻ بعد ملڪ ۾ 90 ڏينهن اندر عام چونڊون ڪرائڻ ۽ بيرڪن ۾ واپس وڃڻ جو اعلان ڪيو پر بيرڪن ۾ 11 سالن تائين وڃڻ جو دڳ ئي نه ورتو، ملڪ ۾ سندس ئي حڪم هلندو هو، ضياءُ الحق عوام جي ڪوڙي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ اسلامي نظام نافذ ڪرڻ جو راڳ الاپيو.

هن چيو ته اسلامي نظام لاڳو ٿيڻ سان سمورا مسئلا حل ٿي ويندا، پر سندس اهو فريب به ناڪام ثابت ٿيو، قوم کيس سمجهي ويئي ته هي فراڊي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ اهڙا بهانا ڪري رهيو آهي، ملڪ ۾ اسلامي نظام ته اچي نه سگهيو پر ملڪ ۾ فرقيواريت جو ٻج ڇٽي ويو، جنهن بعد قوم ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي، لسانيت کي هوا ڏئي قومن کي پاڻ آمهون سامهون بيهاري ڇڏيو، سندس سامهون ڪير سوال ڪرڻ جي جرائت نه ڪندو هو، اڇي ڪاري جو مالڪ بڻيل ضياءُ الحق عوام تي ظلم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا، ملڪ ۾ ڪلاشن ڪوف جو ڪلچر عام ڪيو، دهشتگردي ۽ مذهبي انتهاپسندي کي هوا ڏني، هيروئن ۽ منشيات کي عام ڪيو، نوجوان نسلن کي تباهي طرف ڌڪيو، مخالفت ڪندڙن کي ڦٽڪا هڻائڻ شروع ڪيا، سڀ کان وڌيڪ ڦٽڪا پ پ جي ڪارڪنن، همدردن، عهديدارن کي هنيا ويا، جمهوريت جي ڳالهه ڪرڻ توڙي آمريت جي مخالفت ڪندڙن جي لاءِ ڌرتي ٽامون بڻائي وئي، ايستائين جو صحافين کي به بخش نه ڪيو ويو، اخبارن ۾ ڪيئنچي استعمال ٿيڻ لڳي، پسند جون خبرون لڳرايون ويون، ڪيترن ئي اخبارن کي تالا  هنيا ويا، صحافين کي جيل جي سلاخين پويان ويهاريو ويو، صحافين جي اڳواڻي ڪندڙ منهاج برنا کي ساٿين سميت جيل ياترا ڪرائي وئي، حق سچ ذريعي قلم جي نوڪ سان لکندڙ صحافين، اديبن ۽ شاعرن جي حقن تي پڻ ڌاڙا هنيا ويا.

عدليه تي بندش هنئي وئي، ذوالفقار علي ڀٽو کي ملڪ ڇڏڻ جي آڇ پڻ ٿي هئي جيڪا هن ٺڪرائي ڇڏي پر جيل ۾ رهڻ پسند ڪيو، سنڌ جي ڪيترن ئي بهادر سڏائيندڙ سياستدانن ضياءَ الحق جو ساٿ ڏنو، پر ڪيترائي اهڙا سياستدان به هئا جن سندس حمايت ته پري جي ڳالهه اکين ۾ اکيون ملائي مقابلو ڪيو، عوامي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪوڙي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪري ڪيس هلايو ويو، کيس هٿ ٺوڪيا شاهد بيهاري سزا ٻڌائي وئي، پر جيل ۾ قيد ذولفي کان وقت جو آمر ڊڪٽيٽر ضياءُ الحق ائين پيو ڊڄي جيئن پڃري ۾ قيد شينهن کان گدڙ ڊڄندو هجي.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي نيٺ 4 اپريل تي  ڦاهي ڏئي شهيد ڪيو ويو، ائين ملڪ هڪ محسن اڳوڻ، قوم جي ليڊر ۽ غريبن جي حقيقي سرواڻ کان خالي ٿي ويو، شهيد ڀٽو جو وڇوڙو وڏو خال هو جيڪو هن وقت تائين ڀرجي ناهي سگهيو، شهيد ڀٽو جو فڪر، فلسفو، سوچ، عڪاسي اسان کي سبق ڏئي ٿي ته اسان ملڪ جي خدمت ڪيون، غريبن جي ڳالهه ڪيون، هارين کي سندن حق ڏيون، ظالم سان ويڙه ڪيون، جمهوريت مخالفن کي جمهوري طريقي سان شڪست ڏيون، پ پ پ جو اهو ئي منشور آهي، شهيد ڀٽو جو اهو ئي مقصد هو، شهيد ڀٽو کي شهيد ڪرائيندڙ آمر جي عمر به ٿوري وڃي بچي نيٺ پنجاب ۾ جهاز حادثي ۾ موت جي ور چاڙهيو ويو، ائين ملڪ مان هڪ ڪاري باب جي پڄاڻي ٿي وئي، عوام سک جو ساهه کنيو، ۽ جمهوريت بينظير ڀٽو جي روپ ۾ ٻيهر زنده ٿيڻ شروع ٿي وئي، هاڻي پ پ پ جي چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري جي صورت ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زنده آهي، جنهن مان اميدون آهن ته هو شهيد نانا ۽  شهيد امڙ جي فڪر فلسفي ۽ مشن کي اڳتي وڌائيندي قوم جي بهتر مستقبل لاءِ فيصلا ڪندو، عوام کي روٽي ڪپڙا ۽ مڪان واري نعري کي عملي جامو پهرائي عوامي جي دلين تي ڦهليل مايوسي ختم ڪري سندن درن تي خوشيون کڻي ايندو، باقي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زنده آهي ۽ قيامت تائين زنده رهندو، اڄ سنڌ ۾ 17 سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي ۽ ملڪ جو صدر پيپلزپارٽي جو آصف علي زرداري آهي، سنڌ جا سمورا ميئر پيپلز پارٽي جا آهن، ايندڙ دور ۾ بلاول ڀٽو زرداري پ پ جو وزير اعظم بڻجي شهيدن جي مالڪي ڪندو ۽ خوابن جي تعبير بڻجندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.